سنڌجي ثقافت، تاريخ ۽ اسان

0
566
نيڻن جي نيري ندي ۾ تنهنجا عڪس

ڪجھه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ وڏو بحث هو، بحث موهن جي دڙي مان لڌل مورتي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش تان شروع ٿيوهو ، وري فون جي اسڪرين تي موهن جي دڙي جي هڪ وڏي مورتي اڳيان ڪجھه جوان بيٺل نظر ٿي آيا جيڪي ان مورتي کي ڀونڊا ڏيئي رهيا هئا، ان مورتي جو تصوير ۾ نڪ ۽ هڪ ٻانهن ٽٽل نظر ٿي آئي، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ طوفان برپا ٿي ويو.
ثقافتي مورتيون يا وري  تاريخي ماڳن تان  لڌل ٻيون شيون ماضي  جو آئينو هونديون آھن، اهي شيون  ان دور جا تاريخي عڪس پسائينديون  آھن، اهي ثقافتي يا تاريخي مورتيون ، هونئن ته ڪا ب اهميت نه ٿيون رکن، ليڪن ثقافتي ورثي جي حوالي سان انهن جي تاريخي حيثيت آھي. 
زنده قومون پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي سان بيحد پيار ڪنديو آھن، ان ڪري  ثقافتي شين کي ڀڃڻ ڀورڻ ٺيڪ ناهي هوندو،  اهڙن ثقافتي مورتين کي ٽوڙڻ سان ڪنهن ماڻھو  کي ڇا حاصل ٿي سگهي ٿو،ماڻھو خوف خدا ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان ئي زندگي جو ڪارج حاصل ڪري سگهي ٿو.
جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهي نماز
سڀ وڃائي ساز، تنهان  پوءِ تڪبير چئو
ثقافتون قوم جي عدم دلچسپي، ٻولي جي پستائي،جنگين جي  گهما گهمي صورتحال۽  قومن جي لڏ پلاڻ يا وري زلزلن سبب ٽٽنديون آھن .
انساني تاريخ جون تهذيبون،  يوناني تهذيب، بابلي تهذيب، سنڌو ماٿر جي تهذيب ايراني يا وري عربن جون تهذيبون جن جا آثار اڃان باقي آھن ،مختلف سببن ڪري برباد ٿيون. انهن تهذيبن جو پاڻ ۾ لڳ لاڳاپو به رهيو هو، انهن تهذيبن هڪ ٻئي جا اثر به قبول ڪيا هئا، جنهن ڪري انهن تهذيبن ۾ ڪٿي ڪٿي هڪجهڙائي به ملي ٿي، مثال طور انساني رهڻي ڪهڻي، زراعت  جي اوزارن جي هڪ جهڙائي، مختلف عقيدن ڏانهن ڇڪ ، جنگين وڙھڻ جو جنون، شاديون مراديون ، فن تعميرات جو شوق، شاعري ڪرڻ ، عاشق ۽ محبوب جو پريم ۽ ٻين انساني قدرن ۾ ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان وري به هڪ جهڙائي ملي ٿي. بندگاهن وسيلي ان قت جي  ملڪن جي ماڻھن جا هڪ ٻئي سان وڻج واپار ۽ اچ وڃ ڪري تهذيبن جا هڪ ٻئي تي اثر پيا.
انهن سڀني تهذيبن ۾  ٻين پهلوئن سان گڏ شاعري جو پاسووڌيڪ من موهيندڙ رهيو آھي ڇاڪاڻ ته شاعري انساني جذبن کي تحرڪ ۾ آڻيندڙ، احاسن ۽ جذبن جو رقص هوندي آھي. 
انساني  ارتقا جي دور کان  اڄ ڏينهن تائين شاعري خوشين ۽ غمن جي موقعي تي  هڪ زوردار آلاپ جي صورت ۾ گونجندي پئي رهي آھي. آڳاٽي دور جي  ان شاعري ۾  لاباري جا گيت، مزدورن جا گيت، شادي جا گيت ،مينهن وسڻ جا گيت، دريائن جي موجن جا گيت ، وڇوڙن جا گيت، ملڻ جا گيت ، کوهه تي پاڻي ڀرڻ جا گيت،  چانڊوڪين ۽ اونداهين جا گيت، ڌرتي جي محبت ۽ وڻن ولين جا گيت، پکين ۽ پرديسن جا گيت،  انساني زندگي جي جيئڻ جا وڏا محرڪ پئي رهيا آھن. شاعري ۽ جذبن جي اڀار ئي  غارن ۾ رهندڙ انسانن کي جانورن جهڙن جبلتن مان ڪڍي احساسن ۽ پيار جي دنيا ۾  بدلايو.
اٿ منهنجا محبوب اچ ڪاوڙ  کڻي ڇڏ
سيارو ختم ٿي ويو آھي
مينهن وسڻ بند ٿي ويو آھي
زمين تي گل ڇانئجي ويا آھن
پکين لاتيون لنوڻ شروع ڪيون آھن 
ڊاک جي ولين ڇڳا جهليا آھن
فضا معطر آهي
اٿ منهنجا محبوب  اچ ڪاوڙ کڻي ڇڏ
اهڙا ڪيئي گيت بائيبل جي ڪتاب غزل الغزلات ۾  موجود آھن، اهڙي طرح سنسڪرت سميت دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ان قسم جي  شاعري موجود آھي.
سنڌ جي سرزمين  تان  هر دور ۽ ھر موسم ۾ شاعري ايئن پئي ڦٽي آھي  جيئن بارشن کان پوءِ وارياسي ۾ کنڀيون ڦٽنديون آھن،سنڌ جي هزارين شاعرن جي شاعري ۾  ڪمال جي جماليات ، سونهن ۽  وڇوڙا موجود آھن ليڪن شاهه لطيف جي شاعري جو هڪ ئي بيت دنيا جي مختلف شاعرن جي سموري شاعري کي شھه ڏيئي ٿو ڇڏي، لطيف جي شاعري ۾   انساني احساس پوپٽن جيان پرڙا هڻڻ لڳن ٿا.
هن مند مارو سنهرا کائر ۾ خوشحال
سائون سيارڇ مکڻي جيڏيون آڻين جال
ساڻيهه جي سيد چوي سرتين منجهه سنڀال 
ڀلو ڪندو ڀال مينهن وسندا موٽ تون
آئون  يادن جي گهوڙي کي ڊوڙائي گهڻو اڳيان تاريخ ۾ نڪري ويو هوس، ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ته من ڪنواس تي مون کي شادين جي موقعي تي عورتن کي ٻانڌڻان، موٺڙي جو ڪپڙو ۽ مردن کي ڊبل گهوڙي جي ڪپڙي جا پٽڪا ۽ ڪلهن ۾  ٻه پڙيون ڀليون اجرڪون پاتل جرڪندي  نظر ٿيون اچن. لانئن کان پوءِ گهوٽن کي گهوڙن تي سرگس ڪرائي مسجد ڏانهن نماز پڙھڻ لاءِ موڪليو ويندو هو، گهوٽ ڪنوار کي ٻيا جيڪي ساٽ سنئوڻ ڪيا ويندا هئا، جيئن کير پيارڻ، ٺڪر جي پاٽ هڪ ئي لت سان گهوٽ کان ڀڃائڻ  ،ڪنوار جي مٺ گهوٽ کان هڪ ئي هٿ سان کولائڻ ، گهوٽ مٿان ڪپهه جا ڦل ڇٽائڻ، نکيٽي رات گهوٽ کي ميندي کڻائڻ  وغيره. افسوسهاڻي اهي ڏينهن نه رهيا آھن، هاڻي ته  بس نڪاح پڙھيو ڀت ٿيو کائي سڀڪو پنهنجي منزل ڏي ٿيو راهي.هن وقت نئين نسل کي پنهنجي ثقافت جو ڪهڙو اونو رهيو آھي .
سنڌ جي ثقافت ۾ نه رڳو انساني جسم تي زيب تن ڪپڙو ان جي سلائي، لوڪ گيت، ڳيچ ۽  شاعري اچي ٿي وڃي پر ان ۾   زراعت جو سامان هر، پاڃاري ، ڪهاڙي، ڪوڏر، ڪاترون، ميلا ملاکڙا ، ڏاندن جون ڊوڙون ، گهوڙن جا تل ، هنا، انهن جي ڊوڙ جا ميدان، انهن جا کرکرا، تلوارون ، نيزا ،زرهه، ڪنڀارڪا ٿانو، مٽ ماٽيون، ٺڪر جون  چٽيل پاٽيون ، ٺڪر جا ديڳڙا، ڇلون ، واڍڪا ، رازڪا،موچڪا اوزار،راڳيندڙ ،راڳڻيون ۽ راڳ جااوزاربه سنڌ جي ثقافت جو حصو رهيا آھن .
اها ٻي ڳالھه آھي ته وقت بدلجڻ سان ثقافت سان لاڳاپيل  ڪجھه شين جي استعمال ۾  ڪمي ايندي رهندي  آھي يا وري انهن مان ڪجهه شين جو استعمال  بنھه ختم ٿي ويندوآھي، جيئن اسان وٽ تلوار ، تير، جنڊ ، جنڊيون ، بيل گاڏين ۽ گهوڙي سواري وغيره ختم ٿي ويئي آھي ليڪن ڪجھه وري اهڙيون به  شيون آھن جن جو استعمال اسان خود گهٽائي ڇڏيو آھي مثال اسان جو شاندار ويس پائڻ، مهمانوازي ۽ ريتون رسمون ، رانديون  ۽ سماجي رويا اختيار ڪرڻ وغيره.
اسان کي ڏسڻو اهو آھي ته اسان سنڌ جي ثقافت  کي ڪيترو سمجهيو آھي۽ اسان پنهنجي ٻولي ۽ لولي جي واڌ ويجھه لاءِ ڪهڙا قدم کيا آھن، هن وقت موئن جي دڙي ، ڪاهو جي دڙي ، ڀنڀور سميت سنڌ جي ڪيترن ئي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن مان لڌل تاريخي شين جي اهڃاڻن کي سنڀالي رکڻ سان  ئي اسان کي اهو فائدو رهيو آھي ته اسان  اها  سموري تاريخ  پنهنجي پوئين نسل کي منتقل ڪئي آھي ۽ اسان جي پوئين نسل کي آڳاٽو دور سمجهڻ ۾ مدد ملي  آھي.
اڄ ڪلھه انهن تاريخي اهڃاڻن ۽  ڦٽل شھرن جي کنڊرن مان لڌل سڪن۽ لکت مان ئي اسان جا ماهر ، محقق،  ٻولين جا عالم ۽ تاريخدان اڳوڻن معاشرن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري رهيا آھن  ۽ اڃان انھن  تي تحقيق ٿيڻي آھي، جيڪڏھن موئن جي دڙي جي کوٽائي نه ٿئي ها ، ديبل بندر جا اهڃاڻ نه ملن ها ، ڀنڀور جي ڀڙي جي تحقيق نه ٿئي ها، لطيف سائين جي شاعري نه هجي ها ته اسان کي اها خبر شايد نه هجي ها ته سسئي جو  ڀنڀور سان ڪهڙو تعلق هو، سنڌ جو واپار ڏيساور سان سمنڊ رستي ڪهڙن بندرن ذريعي ٿيندو  هو ، سنڌي ٻولي جو پنج هزار سال پراڻو تعلق سامي ٻولين ۽ سنسڪرت سان ڪيئن  رهيو، مهراڻ، پٽيهل ۽ گونگڙو درياءَ نالي به ڪي نديون سنڌ۾ وهنديون هيون .
سنڌ  سدائين امن جي سرزمين رهي آھي، ان جون  اڳوڻيون حدون وسيع هيون ، اها ڄاڻ اسان کي محفوظ ڪيل تاريخ مان ملي ٿي ، جيڪڏھن ان وقت جا نقشا ۽  تاريخ محفوظ نه هجي ها ته اسان کي قديم سنڌ  جي  ڪائي خبر نه هجي ها.
بحرڪيف هن وقت اسان کي پنهنجي اڳوڻي تاريخ محفوظ ڪرڻ سان گڏ ثقافتي ورثو به سنڀالڻو پوندو،   اسان کي مثبت سوچ  سان اڳتي وڌڻو پوندو ، اسان سنڌي ٻولي ۽ ڌرتي جا وارث آھيون اسان جي صدين تي محيط  هڪ عاليشان ثقافت آھي. اسان کي جبل، درياءَ ۽ وسيع صحرا  به آھن ته  اسان وٽ خوبصورت شاعري، زراعت ، ماڪ ڀنيون باکون ،  ٿڌيون چانڊوڪيون ۽ ڦلدار وڻ به آھن . اسان سڀ هن ئي ڌرتي جي چيڪي مٽي جي پيداوار آھيون ، اسان پنهنجي ديس ۽ بقا لاءِ طويل لڙايون به لڙيون آھن،اڄ به پنهنجي ديس ، ويس، ٻولي  ۽ وجودي بقا لاءِ سڀ گڏ آھيون ۽ گڏجي اسان  کي اڳيان ترقي جون منزلون طئي ڪرڻيون آھن.