غربت ۾ واڌ جا زندگيءَ تي پوندڙ ناڪاري اثر‏

0
493
ملڪ جي امڪاني ڏيوالي جا سبب ۽ نتيجا

غربت دراصل زندگي گذارڻ لاءِ گهربل شيون خريدڻ جي سگھه نه هئڻ کي چئجي ‏ٿو. عالمي بينڪ ‏پاران غربت جي مقرر معيار موجب جيڪو شخص روزاني 1.9 آمريڪي ڊالرن (تقريبن 300 رپيا) ‏کان گھٽ پئسا ڪمائي ٿو، اهو انتھائي غريب ‏يا ‏غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي ‏گذاري ‏ٿو. (غربت جي حد 1990ع ۾ هڪ آمريڪي ڊالر روزاني طئي ڪيل هئي جيڪا عالمي بينڪ طرفان 2015ع ۾ نئين سر 1.90 ڊالر مقرر ڪئي وئي.)
غربت سبب ماڻھو کاڌي، ڪپڙن ۽ رهائش ‏جھڙيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان به قاصر ھوندو آھي. ان کان علاوه غربت جو شڪار ماڻھن جي حالت جو اندازو سندن بدتر رھائش، بي ‏گھر ھجڻ، غذائي کوٽ، ٻارن جي خراب پالنا، صحت جي سھولتن کان پري، ۽ ٻارن کي پٺتي پيل اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ شامل آهن. غربت جو تعلق ماڻھن جي سراسري ‏‏عمر ‏سان به جوڙيو ويندو آھي. ان کان علاوہ وچڙندڙ بيمارين، ٻارن جو 5 سالن جي ڄمار کان اڳ وڌيڪ فوت ‏ٿيڻ ۽ خراب صحت جي سھولتن مان به غربت جاچڻ جو اندازو لڳائي سگھو ٿا.‎
غربت وڌڻ جا مکيه سبب آباديءَ ۾ تڪڙي واڌ، تعليم جي کوٽ، معاشي لاھا چاڙھا، قدرتي آفتون، وراثت ۾ ملندڙ غربت، غير متوازي ٽيڪس وغيره ‏آهن.
غربت جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ ھن وقت 85 سيڪڙو ماڻهو روزاني 30 ڊالرن کان گھٽ آمدنيءَ وارا، 66 ‏‏سيڪڙو 10 ڊالر کان گھٽ آمدنيءَ وارا ۽ دنيا ۾ ھر ڏھون ماڻھو ‏‏‏‏‏1.9 ڊالر (ٻه ڊالر) روزاني کان به گھٽ آمدنيءَ وارن تي مشتمل آهي.‎ (‎نوٽ: موجودہ مٽاسٽا واري اگھه موجب ھڪ آمريڪي ڊالر 154 ‏‏پاڪستاني رپين برابر آهي.‎)
توھان اسان جي چوگرد ماڻھن جي زندگي بهتر ٿيڻ بدران بدتر ٿيندي نظر اچي ٿي. ‏پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي اڪثر آبادي اڻ پڙهيل ۽ ڏهاڙي واري مزدورن (300 کان 500 رپيا ‏روزاني ڪمائڻ وارن) تي مشتمل آهي. مٿان وري مهانگائيءَ جو راڪاس رڪجڻ جو ‏نالو نه وٺي ‏،‎ جتي ‎مھانگائيءَ ۾ 10 کان 11 سيڪڙو‏ ساليانو اضافو ٿيندو ھجي، اتي غربت ۾ اضافو ٿيڻ لازمي آهي.
ڪجھه ماڻھن جي خيال ‏‏۾ معاشي ترقيءَ لاءِ غربت ھجڻ ضروري آهي، انھن جي خيال ۾ جيڪڏهن غربت نه ھوندي ته زرعي فصل، ڪارخانن ۽ ٻيا ‏‏ڪم ڪاريون ڪير ڪندو.؟ سندن خيال ۾ ماڻھو غربت مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ‏‏ڪرڻ تي مجبور آهن. ليڪن ڪارل مارڪس اھڙي خيال کي رد ڪندي، غربت کي سرمائيداري نظام جي پيداوار سڏيو آهي، جيڪا ‏حڪمران ‏‏طبقي کي فائدو رسائي ٿي. ھن جي خيال ۾ غربت سبب ماڻھو گھٽ پگھار تي مزدوري ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿو.‏‎
ليڪن اڄڪلهه جي سرمائيداراڻي دنيا جا حڪمران به غربت گهٽائڻ لاءِ ‏‏عالمي سطح تي ڪوششون وٺي رهيا آھن. جنھن جو مقصد ڀلي پنھنجي واڌو پيداوار لاءِ خريدار پيدا ڪرڻ ڇو نه هجي. تازو پاڪستان سميت دنيا جي تقريبن مڙني ملڪن 2030ع تائين ‏‏پنهنجن پنهنجن ملڪن مان غربت جي خاتمي جو عهد ڪيو آهي. ‎ ‎
اھڙي ريت وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ بعد ملڪ ۾ انصاف ۽ برابريءَ تي ٻڌل مديني واري رياست جھڙي فلاحي رياست قائم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندو رهي ٿو‎. مديني جي رياست حضرت محمد صلي ‏‏الله عليه وآله وسلم طرفان قائم ڪيل پھرين فلاحي، گھڻ ‏‏قومي، گھڻ مذهبي، رياست ‏‏ھئي. ان ۾ ھر قسم جي مذهبي، قومي، توڙي سياسي آزادي ھئي. جنھن جو بنياد نه صرف اسلامي معاشي اصولن تي ھو، پر ان سان گڏ اخلاقي، روحاني، سياسي اصولن ‏‏موجب جوڙي وئي هئي، جتي بنيادي ‏‏ضرورتن جي پورائي جي ضمانت مليل ھجڻ کان علاوه انساني حقن ‏‏جي ضمانت (اسلامي نظريي مطابق) جنھن ۾ ‏‏زنده رھڻ جو حق، انساني وقار، مذھبي آزادي، انصاف، توڙي اظھار جي آزادي بنا ‏‏ڪنھن رنگ، ‏‏نسل، جنس، مذھبي فرق جي مليل ھئي. ‎جتي بنيادي ضرورتن جي پورائي جي ضمانت مليل ھئي. حديث مبارڪ (صحيح ابن حبان حديث ‏‏نمبر 1026‏‎) ‎آھي ته ھڪ ڀيري حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن دعا گهري رهيا هئا ته: (اي منھنجا ‏‏پالڻھار، ‏‏مان توکان ڪفر ۽ غربت کان پناھه گھران ٿو)، جنھن تي ھڪ شخص حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن کان ‏‏پڇيو ته ‏‏ڇا ڪفر ۽ غربت ٻئي ساڳيا آھن، پاڻ وراڻيائون ته ھا. ساڳي طرح غربت جي خاتمي جي حوالي سان قرآن جي آيت آھي ته غربت ختم ‏‏ڪرڻ لاءِ انفرادي، گڏيل توڙي رياستي ڪوششون ورتيون وڃن. (قرآن مجيد آيت نمبر 10 سوره 62‏‎ )پاڪستاني آئين جي (آرٽيڪل 38) ۾ به رياست کي ‏‏ماڻھن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ چيل آهي جن ۾ کاڌو، ڪپڙا، گھر، تعليم ۽ صحت جون سهولتون ‏شامل آھن (ان جو مطلب سڀئي شيون مفت ناھي.‎) ليڪن غربت جي انگن اکرن موجب موجوده حڪومتي دؤر ۾ غربت گھٽجڻ بدران وڌي آهي. 2015ع ۾ پاڪستان جي 24.3 سيڪڙو آبادي غربت جو شڪار ‏‏‏‏ھئي جيڪا 2021ع ۾ وڌي 40 سيڪڙو تي پھتي آهي. پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران غربت جي شرح ڪجهه ھن ريت رھي آھي‎.
2004ع 51.4 =سيڪڙو، 2005ع=50.4 سيڪڙو، 2007ع=44.1 سيڪڙو، 2010ع=36.8 سيڪڙو، 2011ع=36.3 سيڪڙو، 2013ع=29.5 سيڪڙو، 2015ع=24.3 سيڪڙو، 2019ع=36.63 سيڪڙو ۽ 2021ع=40 سيڪڙو تي پھتي آهي.
2021ع جي تازن انگن موجب پاڪستان ۾ 1.9 ڊالر روزاني ڪمائڻ وارن جو تعداد 87 ملين ماڻھن تائي پھتو آهي جيڪي غربت جي لڪير کان ‏‏‏‏هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ملڪ ۾ بيروزگارن جو تعداد جيڪو 2019-20 ۾ 58 لک ھو اھو 2020-21 ۾ 66 لکن کان به وڌي ويو ‏‏آهي‎.‎
ماڻھن جي زندگي بھتر ٿيڻ بدران بدتر ٿي رهي آهي‎.‎
ھڪڙي طرف ماڻھن جي آمدني ۾ گھٽتائي ٿي رهي آهي ته وري ٻئي طرف مھانگائي سبب ماڻھو ‏‏خودڪشيون ڪري رهيا آهن‎. غربت ۾ اضافي جو ھڪ سبب ڪورونا وائرس پڻ آھي جنھن ٻين ملڪن وانگر پاڪستاني معيشت کي به ڪاپاري نقصان رسايو آهي، جنهن ڪري ‏ڪيترائي ‏روزگار جا ذريعا ختم ٿيا آهن. توڙي جو غربت گھٽائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي مختلف پروگرام هلندڙ آهن جن ۾ ايشيا جي وڏن نقدي سهڪارن ‏‏ مان هڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيڪو 2008ع ۾ شروع ڪيو ويو هينئر 5.7 ‏‏‏ملين انتهائي غريب خاندانن کي عورتن ذريعي ڏنا وڃن ٿا. ان کان علاوه تحريڪ انصاف حڪومت ‏‏‏پاران جاري ڪيل احساس ڪفالت پروگرام جنهن ذريعي 21000 هزار رپيا ساليانو يا ماهانه 3000 هزار رپيا ‏‏‏مزدوري ڪندڙن کي ڏنا وڃن ٿا. ان کان سواءِ ملڪي ترقيءَ جون وڏيون وڏيون دعوائون ٿينديون رھن ٿيون ليڪن معاشي ترقيءَ جو ماڻھن جي زندگيءَ تي بھتر اثر تڏهن ٿيندو جيستائين پيداوار جي منصفاڻي ‏‏ورهاست ‏‏نٿي ڪئي وڃي‎.