بحريا ٽائون ۽ بغاوت جي ابتدا

0
388

ڪاٺوڙ ۾ ٿيل“آل پارٽيز ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ واپس ڪراچي ورندي مان پهريون ڀيرو ان بحريا ٽائون ۾ داخل ٿيس، جنهن جي لاءِ ڪيترائي افسانا مشهور آهن ۽ جنهن جون ڪيتريون ئي حقيقتون لڪل آهن. اهو بحريا ٽائون جيڪو پهريان ته تمام گهڻي نفعي واري سرمائيڪاريءَ جي علامت هو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي جوڙن لاءِ ڊيٽنگ جو سڀ کان محفوظ ماڳ سمجهيو ويو.  اڄ به شام کان ڪجهه پل اڳ نوجوان ڇوڪرا موٽرسائيڪل جي هوائي گهوڙي تي چڙهي کيرٿر پهاڙن جي پويان شام جي لڙيل سج جو منظر ڏسي هڪ ٻئي سان ويجهيون سيلفيون ڪڍندا آهن.
مون کي معلوم ناهي ته جنهن آرڪيٽيڪٽ بحريا ٽائون جي داخلا کي ڊزائين ڪيو آهي، ان ملڪ رياض کان ڪيترا پئسا ورتا هوندا؟ پر اهو پنهنجي روپ سروپ ۾ ايترو موهيندڙ ناهي، جنهن جي پس منظر ۾ تصوير ڇڪرائي يادگار ڪري رکجي. بحريا ٽائون جو نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ سان ڪيترو آفيشل تعلق آهي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي؟ ان جي ڪا به حقيقت ميڊيا معنيٰ ماڻهن جي آڏو نه آندي وئي آهي. آخر ڪجهه ته هوندو جو بحريا ٽائون موٽر وي ٽول سان لڳولڳ پنهنجو الڳ ٽول ٺاهيو آهي ۽ اهو رستو اختيار ڪرڻ وارن کان هو پاڻ فيس اوڳاڙي رهيا آهن.
بحريا ٽائون ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيڻ شرط اوهان کي ٽيهه روپيا ٽڪيٽ جا ڀرڻا پون ٿا ۽ پوءِ هڪ جديد ۽ سنسان شهر جو تمام ڪشاديون سڙڪون اوهان کي اها اجازت ڏين ٿيون ته اوهان جي گاڏي ڀلي ڪنهن اسپيڊ بريڪر کان سواءِ توڙ تائين ترندي وڃي. اهو هڪ عجيب شهر آهي. ڪراچيءَ کان ويهن ٽيهن منٽن جي فاصلي تي اڏيل اهو ڪراچيءَ جو بنهه متضاد شهر آهي. ڪراچيءَ ۾ جايون گهٽ ۽ ماڻهو گهڻا آهن، جڏهن ته بحريا ٽائون ۾ جايون تمام گهڻيون ۽ ماڻهو بنهه ٿورا آهن. بحريا ٽائون جون هيٺاهيون ۽ مٿانهيون توڙي روڊن جو منظر ۽ روڊن جي ڀر تي لڳل سائين بورڊ ۽ “جناح ايوينو” جا لکيل نيري رنگ جا بورڊ اوهان کي فوري طور تي اسلام آباد جي ياد ڏياريندا پر اهو اسلام آباد نه جيڪو هاڻي آهي. هاڻي ته اسلام آباد به هڪ ڇلڪندڙ شهر بڻجي ويو آهي. جڏهن اسلام آباد ۾ ماڻهو گهٽ ۽ جانور وڌيڪ هئا ۽ جڏهن عيد براد جي موڪلن تي سرڪاري ملازم پنهنجن ڳوٺن طرف موٽي ويندا هئا، تڏهن اسلام آباد اهڙو ويران ويران نظر ايندو هو، جهڙو هن مهل اهو بحريا ٽائون نظر اچي ٿو، جيڪو غريبن جي دبئي بڻجڻ بدران هاڻي ڪرپشن جي علامت بڻجي ويو آهي.
بحريا ٽائون جي خلاف جڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو ۽ ملڪ رياض جي مٿان تمام وڏو ڏنڊ وڌو ويو ته بحريا ٽائون جون رونقون اجهامي ويون. ان مهل سيڙپڪارن کي محسوس ٿيو ته هيءَ پارٽي اڳي هلي وڏو نقصان به ڏئي سگهي ٿي. ان ڪري ٽاهڙ پکيءَ جهڙو سرمايو بحريا ٽائون جي ٽاريءَ تي ويهڻ کان ٽهڻ لڳو. ان کان پوءِ بحريا ٽائون جي خلاف جيڪي مبهم ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي سان افسانا شيئر ڪيا ويا ته اصل اها ملڪيت ڪنهن جي آهي ۽ ان شهر ۾ رهڻ سان ماڻهو پنهنجي ،ملڪيت جوڌڻي به ٿي سگهندو يا نه؟ انهن سوالن گهڻن مونجهارن کي جنم ڏنو ۽ انهن مونجهارن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا جي ڪيترن ئي ادارن جا سون جي سڳي سان جهڙي طرح چپ سبيا ويا، اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي.
هن وقت بحريا ٽائون تي سڀ کان وڏو وار اها ميڊيا ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا ڪري رهي آهي، جنهن سبب ان علائقي جي ماڻهن جا دک درد سامهون اچي رهيا آهن ۽ ٿوري زمين خريد ڪري، باقي زمين جي مٿان مٿين سان ملي قبضي ڪرڻ جي خلاف جڏهن  کان مزاحمت شروع ٿي آهي، تڏهن کان وٺي بحريا ٽائون جي خلاف هڪ اهڙو محاذ وجود ۾ اچي ويو آهي، جنهن کي ملڪ رياض آسانيءَ سان منهن ڏئي نه ٿو سگهي. ملڪ رياض جي ڪوشش هئي ته ان معاملي کي دٻائجي، جڏهن ته ان پراجيڪٽ جي اهم پارٽنر سنڌ سرڪار جي صاحب جو خيال هو ته في الحال معاملو مچڻ نه ڏجي. ڇو ته ان سان پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ اليڪشن ۾ نقصان پئجي سگهي ٿو، اهو ئي سبب هو ته مقامي ماڻهن جي اٽڪڻ تي ۽ زخمي ٿيڻ تي پيپلز پارٽيءَ کي بحريا ٽائون جي ڇوٽن ملازمن مٿان ڪيس به داخل ڪرڻو پيو. اهو ڪيس ته خير آءِ واش هو پر ڪجهه ته ٿيو. ملڪ رياض کي ان مهل پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته ڪٿي هو غلط جاءِ تي ته سيڙپڪاريءَ ڪري نه ويٺو آهي؟
اهو ساڳيو احساس هن مهل بحريا ٽائون ۾ گهر ۽ پلاٽ وٺڻ وارن جي ذهنن ۾ گردش ڪري رهيو آهي. ڇو ته وقت گذرڻ سان هي پراجيڪٽ ڪاروباري گهٽ ۽ سياسي گهڻو محسوس ٿي رهيو آهي ۽ اها به جڏهن چند رئيسن ۽ سيٺين جي سياست هجي ته پوءِ معاملو وڌيڪ سنجيده بڻجي وڃي ٿو. ملڪ رياض هن پراجيڪٽ جو فرنٽ مين ٿي رهيو پر جڏهن بنيادي سوال سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳا ته پيپلز پارٽيءَ وٽ انهن جو ڪو جواب نه هو. مثال طور جڏهن اهو سوال اٿيو ته آخر ملڪ رياض کي سنڌ جي سرڪاري زمين ايتري سستي ڇو ڏني وئي؟ ته ان جو سنڌ سرڪار وٽ به جواب نه هو. جڏهن پڇا ڪئي وئي ته بحريا ٽائون کي بجلي ڪنهن ڏني؟ ۽ ڪنهن جو پاور پلانٽ بحريا جون بتيون روشن ڪري رهيو آهي؟ ته ان سوال جو جواب به گول مول ئي هو. جڏهن پڇا ڪئي وئي ته پاڻيءَ ڦڙي ڦڙي جي لاءِ ڪراچيءَ جي شهرين کي گهربل مقدار ۾ پاڻي ڏيڻ بدران بحريا ٽائون کي ايتري گهڻي پاڻيءَ جي سپلاءِ ڪنهن ڏني جو ان سان محل ماڙا به ٺهيا ته گولف گرائونڊ به گرين ٿيا ۽ چوواٽن تي جيڪي ڦوهارا ڦٿڪي رهيا آهن ۽ شهر کي پرڪشش بڻائڻ جي لاءِ ڄڻ ته پاڻيءَ جو رقص ڪري رهيا آهن ۽ تمام گهڻن گلن ۽ ٻوٽن لاءِ جهڙي طرح بي حساب پاڻي مهيا ڪيو ويو آهي ته ان جو سورس ڪٿان آهي؟ اهو پاڻي ڪنهن جو آهي؟ اهو پاڻي ڪنهن جي مرضيءَ سان کنيو ويو؟ اهي سوال ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سوال سوشل ميڊيا تي شور مچائڻ لڳا ۽ پيپلز پارٽي چپ جو روزو رکي ڪنڊ ۾ ويهي رهي آهي.
بحريا ٽائون ڪراچيءَ واري منصوبي جي ملامت پهريان ته صرف ملڪ رياض جي ڪلهن تي هئي پر هاڻي ان جو پارٽنر ۽ پيپلز پارٽيءَ جو مالڪ به ملامت جي زد ۾ اچي ويو آهي. جڏهن ته ان منصوبي ۾ صرف اهي ٻه ڄڻا ناهن. ان منصوبي ۾ ملڪ جا ڪيترائي سرمائيدار پنهنجو سرمايو سيڙائي ويٺا آهن ۽ هاڻي پيرين اگهاڙا ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارا اهي ماڻهو جيڪي کيرٿر جي تيز اس ۾ سڙي سڙي پاڻ به پٿر بڻجي ويا آهن، جڏهن انهن ماڻهن بحريا ٽائون جي خلاف بغاوت جو پرچم پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي ته بحريا ٽائون جو پراجيڪٽ وڌيڪ پريشان ٿي ويو آهي. ڇو ته مقامي ماڻهن سان دشمني ڪري پرسڪون ٿي رهڻ کي صرف اسرائيل ئي افورڊ ڪري سگهي ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته اسرائيل هڪ ايٽمي پاور آهي ۽ ٻيو ته آمريڪا هن جو غيرمشروط حامي آهي ۽ ٽيون ته يورپ جي ملڪن جي دلين ۾ به هن مهل تائين هولوڪاسٽ جا منظر ڦرن ٿا ۽ سڀ کان اهم ۽ چوٿين ڳالهه اها آهي ته اسرائيل جي حامي يهودين جي پوري دنيا جي سرمائيڪاريءَ تي هڪ هٽي آهي.
ملڪ رياض به امير ماڻهو آهي پر هو عالمي مالي ادارا هلائڻ وارن يهودين کان گهڻو امير ناهي ۽ هن جي پويان نه ڪوئي سپر پاور آهي ۽ نه هو پاڻ ايٽمي طاقت آهي. هو پنهنجي حال آهر ڪجهه نه ڪجهه شوآف ڪري ڪجهه لئه ۽ ڪجهه داٻو ڪري رهيو آهي پر اهو به هاڻي گهٽجي رهيو آهي. ڇو ته خوف جي هڪ سٺي وصف اها به آهي ته ان جو پاڇو حقيقت کان وڏو هوندو آهي. هاڻي جڏهن ملڪ رياض جي امپائر جو پاڇو گهٽجي رهيو آهي ته ماڻهن ۾ هن جي لاءِ مخالفت جو عنصر وڌي رهيو آهي. هو هڪ شهري ماڻهو آهي ۽ هن شهر واسين جي لاءِ بحريا ٽائون جو منصوبو عمل ۾ آندو پر جڏهن هاڻي به ملڪ رياض جي فرزند جو بنگلو هڪ اهڙي ٽڪريءَ تي آهي، جنهن جي چوڌاري سائي لان کي مينٽين ڪيو ويو آهي ته بحريا ٽائون جي هڪ جهڙن ننڍڙن بنگلن ۽ فليٽن ۾ رهندڙ ماڻهو ان تضاد کي ڪنهن سٺي اک سان نه ٿا ڏسن. وقت سان گڏ بحريا ٽائون ڪراچيءَ جي مٿان تنقيد جو بار وڌي رهيو آهي ۽ اهو ڪنهن به  سيڙپڪاريءَ لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي.
اها هڪ حقيقت آهي ته ملڪ رياض ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪرتا ڌرتا خلاف سنڌ جون جيڪي قوتون سرگرم ٿيون آهن، انهن اڳ ۾ ڪڏهن ڪا تمام وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي پر هن مهل هو سوچي رهيا آهن  ته متان پوئين ملهه ۾ ڪو ڪرشمو ٿي پوي. پيپلز پارٽي جي هٿ ۾ سوا تيرهن سالن کان وٺي مستقل طور تي سنڌ حڪومت رهي آهي ۽ ماڻهن کي موٽ ۾ بحريا ٽائون ۽ ملڪ رياض کان سواءِ ٻيو ڇا مليو آهي؟ اهو سوال سنڌ جي سوچڻ سمجهڻ وارن ماڻهن ۾ هڪ فطري ڪڙاڻ پيدا ڪري ٿو. پيپلز پارٽي يا سرڪاري سياست جي لاءِ نرم گوشو رکڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي پر جڏهن سوال سنڌ ۽ سنڌين جي بقا جو اچي ٿو ته ماڻهن جو ردعمل ٻٽي نظام خلاف ظاهر ڪيل ردعمل کان مختلف ناهي.پيپلز پارٽي جي لاءِ به هي مرحلو تمام گهڻو اهم آهي ته هن جي قيادت سياست بچائي يا سرمايو؟
باقي ملڪ رياض جو ڇاهي؟ ملڪ رياض ته سدائين سرڪاري آسمان تي اڀريل سج جو سلامي آهي. هونئن به هو بادشاهه کي نه تاج کي سلام ڪندو آهي. جيڪڏهن هن منصوبي ۾ هن کي ڪجهه نقصان پيو ته عمران خان جي حڪومت هڪ ٻيو منصوبو هن جي حوالي ڪرڻ جي سلسلي ۾ تياري ڪري رهي آهي. باقي بحريا ٽائون ڪراچيءَ واري منصوبي جي ناڪاميءَ جو بار هن جا ٻيا شيئر هولڊر کڻي سگهندا؟