ڪورونا جا تيزي سان وڌندڙ ڪيس، احتياط جا گهرجائو

0
272
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪورونا وائرس اسان جي معمول جي زندگي جو ڄڻ حصو ٿي ويو آهي ۽ انهي سان گڏ گذارڻ کي پنهنجو معمول بڻائڻو پوندو پر جنهن نموني ٽين لهر پنهنجا وار ڪري رهي آهي اها انتهائي خطرناڪ آهي انهي کان بچڻ لاءِ جيڪي احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن عوام اهي اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ڪورونا جي ٽين لهر ڪجهه ڏينهن جي وقفي سان وري تيزي سان وڌي رهي آهي جڏهن ته عيد کان اڳ تائين سنڌ ۾ اهڙي صورتحال خراب نه هئي ملڪ جا ٻيا حصا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا هئا ۽ سنڌ ۾ ڪيسن جي اها شرح نه هئي پر عيد ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اهو وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.اين سي او سي سڄي ملڪ ۾ اها صورتحال ڏسي سختيون نرم ڪري رهي آهي ته سنڌ وري پنهنجي حالتن مطابق سختين ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هفتي ۾ 5 ڏينهن ڪاروبار کليل هوندو پر ان جو وقت رات 8 کان گهٽائي شام 6 وڳي تائين ڪيو ويو آهي جڏهن ته تعليمي ادارا صورتحال بهتر ٿيڻ تائين بند رهندا جنهن جي ڪا تاريخ مقرر نه ڪئي وئي آهي. شادي هال بند رهندا جڏهن ته هوٽلن مان رڳو کاڌو کڻڻ جي اجازت هوندي اتي ويهي کائڻ تي پابندي بدستور لاڳو آهي، جڏهن ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن ڪاروبار مڪمل بند رهندو.وڏي وزير لاڳاپيل انتظاميا ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائين. هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس جي شرح 6.73 تي پهتل آهي پنجاب ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 4.56 آهي جڏهن ته سنڌ ۾ هن وقت 8.8 جي شرح سان ڪورونا جا مثبت ڪيس ٿي رهيا آهن جيڪا شرح ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ ڪيس وڌي رهيا آهن. عيد کان اڳ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا هئا ۽ سنڌ ۾ اها صورتحال نه هئي، جنهن تي سنڌ حڪومت احتياط طور وفاق کي چيو هو ته بين الاصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي وڌي وڃي ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ ڪي پي مان سنڌجي شهرن خاص ڪري گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ اچ وڃ گهڻي آهي پر ان وقت به وفاقي حڪومت سنڌ جي انهي تجويز تي عمل نه ڪيو جنهن ڪري عيد کانپوءِ سنڌ ۾ ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت کي پاڻمرادو سخت فيصلا ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي رهي آهي. هوڏانهن وري اين سي او سي ٻين صوبن ۾ ڪيسن جو تعداد گهٽ ٿيڻ تي اڄ کان مشروط طور سياحتي مرڪز کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،پر اسان وٽ جيڪي هدايتون جاري ڪيون وينديون آهن انهن تي عمل ذري گهٽ نه ٿيندو آهي ۽ انتظاميا به انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪو سنجيدگي سان به ڪم نه ڪندي آهي جنهن ڪري هر وقت اهو خطرو رهندو آهي ته ڪيڏي مهل به اهو ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تعداد تيزي سان وڌي سگهي ٿو. جڏهن ملڪ ۾ مجموعي ڪيسن جو تعدا 6 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ته اهڙي وقت ۾ عوام جي رويئي کي ڏسي پابندين کي اڃان وڌيڪ ڪجهه ڏينهن سختي ڪرڻ گهرجي ها جيئن سنڌ حڪومت وڌيڪ ٻه هفتا سختيون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي .
اسان سمجهون ٿا ته جيستائين مڪمل ويڪسينيشن ٿئي تيستائين احتياطي اپائن ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ ذريعي ئي انهي وبا کي تيزي سان پکڙجڻ کان روڪ سگهجي ٿو، تنهن ڪري وفاقي توڙي سنڌ حڪومت هڪٻئي جي حالتن ۽ ضروتن کي نظر ۾ رکي هم آهنگي سان فيصلا ڪن ته اهو ئي هن صورتحال ۾ وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتو قدم هوندو۽ ويڪسينيشن واري عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا وڃن .انهي سان گڏ عوام به پنهنجي ذميواري سمجهي پنهنجا فرض پورا ڪري ۽ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي پاڻمرادو عمل ڪري ايئن نه ٿئي جو حڪومت کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ به سختي ڪرڻي پوي آخرڪار هي انساني حياتين جو معاملو آهي ۽ عوام کي انهي ڳالهه جو احساس هئڻ گهرجي.