قصو احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو!

0
261

منهنجي ڳوٺ جي ويجهو ديهه ڦوسڻاهه ۽ تپي موٽڻان ۾ چار ايڪڙ زمين آهي جيڪا مون کي ورثي ۾ ملي آهي. اها زمين منهنجي ڏاڏي ڏتل خان جي به ڏاڏي ڏاڙهون خان جي کاتي ۾ هئي. منهنجو تڙ ڏاڏو ڏاڙهون خان وڏو زميندار هو. هن عرب شيخن وانگر ڪيئن شاديون ڪيون ۽ 87 پٽ پيدا ٿيس مونواري ڏاڏي ڏتل خان به ڏاڏس واري واردات ڪئي. 47 پٽ پيدا ڪيائين. نتيجي ۾ هزارين ايڪڙ زمين ورهائجي ورهائجي باقي مونکي وڃي 4 ايڪڙ ملي. انهي راڄوڻي ورهاست ۾ نه لکپڙهه نه کاتو. نتيجي ۾ سئوٽ، ماسات ۽ چاچا ڀائٽيا دنگن تان وڙهندا رهيا. اڳي ننگن تان خون ٿيندا هئا. هاڻي موبائيل جي مهرباني سان ننگ آزاد، عاقل بالغ ۽ خود ڪفيل آهن. باقي دنگن جا جهيڙا جاري آهن. اسان جي خاندان ۾ به ڪيئي جوان انهن جهيڙن ۾ مارجي ويا. ٻيا جيلن ڀيڙا ٿيا پر جيئن آئون ناني نوران جي دعائن سان اڃان تائين بچيل آهيان پر مونواري چئن ايڪڙن جي پاسن کان سئوٽ صدوري ۽ ماسات ماڪوڙي جون ٻنيون آهن.سي ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي جاٽون منهنجي زمين جون به کيڙي پنهنجي پاسي ڪريو ڇڏين. اهي ٻئي استاد ماڻهو، مرداڻا فيصلن ۾ مڃين ئي نه پوءِ زناني فيصلن ۾ کين آئون ڀاڙي ڪري زمين واپس وٺان. اسان وٽ ڇهه ماهو پاڻي ٿئي ان ڪري ٻيو ڪو به فصل ڪو نه ٿئي رڳو ساريون ٿين، آئون هر سال ساريون پوکيان. ان گهر جي پلي ۾ رکان، پراڙ مال جي بک لاهڻ لاءِ دن ۾ رکان. ان ڇڙائي، پيهائي اٽو چانور گهر کڻيو اچان. بچيل تهه به کنيو اچان. ان سان وري گهر کي راڳو ڏيون. طوطن ماءُ وري کوٽ ٽوٽ ۾ ان دڪان تي ڏيئي تيل ميٽ ۽ ٿوم مرچ به وٺي ته طوطن لاءِ گهورڙيئي کان قلفي به وٺي. سال سک سان گذريو وڃي. هيل مون کي شوق ٿيو ته هائبرڊ ٻج وٺان. ٽيوين ۾ هر هر انهن جي مشهوري پئي اچي ته اهو ٻج پوکيو في ايڪڙ سئو مڻ کان مٿي ٿو لهي. هاري اهڙو خوشحال ٿيو وڃي جو ڪار ۽ بنگلي جو ڌڻي ٿيو پوي. مون کي به رهچٽو ٿيو سو 5500 روپيا ٿيلهي جي حساب سان مهانگو ٻج وٺي ويس پر ٻيجارو پوکيان ڪٿي؟ پاڻي جي لپ ئي نه هجي. مسجد جي ڀرسان سرڪار پٽ پيل هو اتي مون ڀاڻ ساڙي ٻج پوکيو ۽ مسجد جي نلڪي مان ان کي پاڻي ڏيڻ لڳس. ٻج ڀلو ڄائو. آئون خوشي ۾ ٽڙيو پيو ٽڙان پر اوچتو مسجد جي ملان نلڪو هلائڻ تي پابندي جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو. اصل ۾ مسجد جو ملان مونسان ٺهندو ڪو نه هو. هڪ ته آئون پنج وقت پابند نمازي ڪو نه هئس ٻيو غريب هئڻ ڪري نه مسجد شريف لاءِ چندو ڏئي سگهندو هئس نه ملان کي زڪوات، خيرات ۽ فطرو ڏئي سگهندو هئس. هيل به رمضان شريف جي عيد تي ساڻس ڀاڪر پائي مليس ته فطري نه ڏيڻ جي شڪايت ڪيائين. چيومانس سائين آئون صفا غريب آهيان. راڄن کان فطرا وٺي مون گذارو ڪيو آهي، توکي ڪيئن فطرو ڏيان ها! هن شڪل خراب ڪري چيو آئنده تو ڪو نڪاح ڪيو ته آئون اهو ڪو نه پرهائيندس ۽ مري پئين ته تنهنجي لاش کي تڙ به ڪو نه ڏيندس. چيومانس “اول ته ٻيو نڪاح ڪو نه ڪندس. ڪندس ته طوطن ماءُ قتلام ڪري ڇڏيندي. ٻيو جي مري ويس ته جنهاڻ سومري ۾ جام ملان آهن. انهن مان ڪو اچي تڙ ڏئي ويندو. انهي جي آئون ايڊوانس بڪنگ ڪرائي ٿو ڇڏيان. اصل  ۾ اسان جي مسجد جو ملان پيٽ پرست ملان آهي. عالم هجي ها ڪنهن مدرسي مان فارغ التحصيل ٿي اچي ها ته اهڙيون جاهلانه خبرون ڪو نه ڪري ها. بحرحال پوءِ جڏهن عشاءَ نماز کانپوءِ ملان هجري ۾ وڃي سمهندو هو آئون کيس وڃي دري مان ڏسندو هئس. جڏهن کونگهرن جا سرڙاٽ هوندا هئس ته آئون وڃي نلڪو هلائيندو هئس. ايئن مونوارو ٻيجارو تيار ٿي ويو. ٻني به مون کيڙائي ٻنا ٻڌي تيار ڪري ڇڏيا. ڪسي جي کاٽي ڪري اواندا به ٺاهي ڇڏيم پر اسان واري واٽر، شاخ ۽ واهه ۾ پاڻي جي ڦڙي به نه هجي. مون واري يار مٺي مهيري کان اٺ وٺي وڃي درياهه شاهه جو معائنو ڪيو ته اتي به واري پئي اڏامي، مونوارو ٻيجارو وڌي وڃي گوڏي جيڏو ٿيو. اها حالت چئوطرف هئي پوءِ مون سوچيوته اسان کي احتجاج ڪرڻ کپي. مون سڀني هارين، آبادگارن کي گڏ ڪيو اسان رستن، چوڪن ۽ پريس ڪلبن اڳيان وڏا احتجاج ڪيا. ڪامريڊ سراج سيال جو ايجاد ڪيل نعرو هنيو “پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا” پر ٿيو ڪجهه ڪو نه. پوءِ مون سوچيو ته احتجاج جو دائور وڌائڻ جي ڌمڪي استعمال ڪجي. ان جو مون کي وسيع ۽ ڀرپور تجربو هو. اڳي طوطن کي ماستر صاحب فيل ڪيو هو ان کي مون احتجاج جو دائرو وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ته ان طوطن کي پاس ڪري ڇڏيو. سيٺ صوفن سودائي اوڌر تي سامان ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ان کي ڌمڪي ڏنم ته ان سامان ڏئي ڇڏيو هو. تپيدار مون تي الاهي ڍل ڪڍي هئي ان کي ڌمڪي ڏنم ته ڍل معاف ٿي وئي هئي. هڪ دفعي طوطن ماءُ سان جهيڙو ٿيو مون واري سس سڳوري ماسي ناٿي نانگڻ طوطن ماءُ کي وٺي وئي مون ان کي به احتجاج جو دائرو وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني ته ان به طوطن ماءُ مان هٿ ڪڍيا هئا. رئيس گلڻ خان گول باڊي به ڀيل جي ڪري مونواري بي اولاد منڊڙي گڏهه کي ڍڪ ۾ ٿي وجهرايو ان کي به ڌمڪي ڏنم ته ان به گڏهه مان هٿ ڪڍيو. انهي فارمولا تي عمل ڪرڻ لاءِ مون وري مٺي مهيري کان اٺ ورتو ۽ آبپاشي جي وڏي عملدار سان وڃي مليس. کيس ڌمڪي ڏيندي چيم ته اسان جي سڪڻي شاخ ۾ پاڻي ڏيو نه ته آئون احتجاج جو دائرو وڌائي ڇڏيندس. چيائين تون ڀلي پنهنجو دائرو وڌائي ڇڏ، ڪشمور کان ڪيٽي بندر ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پيو احتجاج ڪر پر اسان وٽ پنجاب کان پاڻي ڪو نه ايندو ته توهان کي ڪٿان ڏينداسين! چيومانس صاحب پنجاب کان پاڻي ڇو نٿو اچي. واٽ تي ڪا ڇاٻ آيل هجي ته آئون اها ڪڍي اچان! هن مون کي ويهاري پيار سان سمجهايو ته “ پنجاب جا ڪجهه تڪراري ڪئنال آهن چشما جهلم، تونسا پنجند ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جيڪي ٻوڏ جي صورتحال ۾ وهائڻا آهن. سي پنجاب زوري غير قانوني طور پيو وهائي ته پاڻ وٽ پاڻي ڪٿان ايندو؟” اهو ٻڌي آئون حيران ٿي ويس. حيراني ۾ منهنجو وات ڦاٽي صفا ڦلڪارا مارڪيٽ ٿي ويو. آئون ڳوٺ موٽي آيس. ويس سارين جو ٻيجارو ڏسڻ اهو چيلهه جيڏو ٿي ويو هو ۽ وهر کان وڏو هو. سو لڻي مينهن کي چارايم مون ساريون پوکڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو. سوچيم ايندڙ سال سڄو بکن ۽ ڏکن ۾ گذرندو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڇا چڪر آهي. درياهه اسان جو، نالو انڊس رور! سنڌو درياهه! پر ان تي ڌاڙو هڻي پنجاب بمپر فصل پيو کڻي ۽ اسين پيئڻ لاءِ پريشان آهيون. ملڪ جي آمدني ۾ 73 سيڪڙو سنڌ ڏئي. سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي پئي ٿئي. ملڪ کي 73 سيڪڙو گئس، 64 سيڪڙو پيٽرول سنڌ ڏئي پر سنڌ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ، بيروزگاري.واهه ڙي عمران خان تنهن جو نئون پاڪستان! سوچيم پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان تي نڪري جدوجهد ڪريان ۽ واويلا ڪريان پر ڊپ ٿيو ته ڪٿي کنڀجي نه وڃان ان ڪري جو ڪنهن خوب چيو آهي ته
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.