دِلِين ۽ دَلِيلَنَ جو بادشاهه: رسول بخش پليجو

0
301
ٽي-20 ورلڊ ڪپ لاءِ ڪير فيوريٽ آهي؟

جنگشاھيءَ جو اهو رسول بخش پليجو ھن ڏتڙيل قوم جي دانھن ھو ۽ اهڙا انسان صدين جا پُٽ ھوندا آھن، جهڙي طرح اھو وڻ مضبوط ھوندو آھي جنهن جون جڙون هيٺ تائين هجن ۽ بلڪل ايئن ئي علم عقل جي حوالي سان پليجي جون پاڙون گهڻيون پختيون هيون. پليجو صاحب هڪ مڪمل دور هڪ زمانو هو جيڪو مرڻ بعد تاريخ بڻجي ويو آهي. اها تاريخ جنهن کي ڪتاب پيار سان سانڍي ايندڙ پيڙهين جي حوالي ڪندا. پليجي صاحب رڳو سياست نه پر ادب، آرٽ، شاعري ۽ موسيقيءَ ۾ به سنڌ جي رهنمائي ڪئي. سندس علم ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪيل شاندار جدوجهد ۾ ڪيترائي اهڙا مثال آهن جو هن عام ماڻهو کي وڏيري، جاگيردار، ملان ۽ پير سامهون سگهاري پوزيشن ۾ بيهاري ڏيکاريو ۽ سياست کي سائنسي انداز ۾ سمجھڻ سان گڏ بھترين نظرياتي ڪيڊر تيار ڪري سياست جي اندر عورتن کي آڻڻ ۽ خاندانن جا خاندان شامل ڪرايا. دليل جي بادشاهه سمجهيو ويندڙ ۽ سنڌ جو پاڻيءَ ڪيس تي سگهاري عملي جدوجهد ڪندڙ رسول بخش پليجي صرف ڳالهين جي حد تائين نه پر عملي طور اهو ڪري ڏيکاريو ته سياست صرف سرندي وارن ۽ مردن جو ڪم نه آهي، سنڌ ۾ عورتن جي سڀ کان سگهاري تنظيم ڏيڻ جو اعزاز به پليجي صاحب کي ئي حاصل آهي. نه ته اڄ به سنڌ جي قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو الميو اهو آھي ته ان تحريڪ ۾ سنڌ جي عورتن جي شموليت جو ريشو تمام گهٽ آھي ۽ عورتن جو جيڪو حصو آھي به ته سنڌياڻي تحريڪ جي صورت ۾ اهو رسول بخش پليجي جي محنتن جو ئي نتيجو آھي. پليجي صاحب سنڌ جي ڳوٺاڻي نياڻين کي علم ۽ آزادي سان ٽھڪ ڏيڻ جي همٿ ڏني ته سنڌ جي ڪُند ذهنن پليجي تي الزام هڻي کيس چھڪ ڏنا.
“مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي
تون مون تي زنجير وجھين!!”
اھا شڪايت اياز سوڌو سڀني ڪئي آھي پر نه ڪئي ته سائين جي ايم سيد نه ڪئي ۽ پليجي پڻ ڪڏھن به اھا شڪايت نه ڪئي انڪري ئي ته پليجو صاحب هن روايتي سماج ۾ غير روايتي انسان هو.
رسول بخش پليجو سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ ٿيندڙ تاريخي جدوجهد ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙي سنڌ مخالف ۽ خطرناڪ منصوبي خلاف منظم ۽ سگهاري تحريڪ جي حوالي سان سدائين ياد رکيو ويندو، هو گهڻ پاسائون انسان هو. جڏهن هن وڪالت ڪئي ته هن جو شمار ملڪ جي چوٽيءَ جي وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو، جڏهن هن دل جي مڃي ته پسي ڳاڙها گل ۽ دماغ سان رجوع ڪيو ته “انڌا اونڌا ويڄ ” جهڙا ڪتاب لکيا ان ڪتاب سنڌ ۾ انڪار جي هڪ اهڙي لهر اڀاري جنهن ملائيت جا وڏا مينار ڪيرائي ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته ضياءَ ملائيت بنياد پرستيءَ جي عروج واري ان دور ۾  دماغ خالي مخلوق سان هن نه صرف مهاڏو اٽڪايو پر عقلي دليلن سان ڀرپور ڪتاب “انڌا اونڌا ويڄ” لکڻ جي به جرئت ڪري ان تي ثابت بيهي ڏيکاريو. توڙي جو هن جو آئيڊيل جتي مائوزيتنگ هو پر هو لطيف جي لفظن ۾ ساهه وجهڻ جي صلاحيت رکندو هو. هن لطيف جي پيغام جي تشريح انقلابي انداز ۾ ڪئي ڪيترائي ڏھاڪا اڳ جڏھن سنڌ جا ماڻهو ڀٽائيءَ جي شاعري “جيها سي تيھا، مون مارو مڃيا” جو مطلب اهو سمجهي ويٺا هئاسين ته هر ان ماڻھوءَ کي پنهنجي سر جو سائين سمجهڻو آھي ڀلي اهو ماڻھو پنهنجي قوم سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو رت چوسيندڙ ھجي ۽ پوءِ جنگشاهيءَ جي جذباتي رسول بخش پليجي اٿي بيهي سوال اٿاريو ته حاڪم ۽ محڪوم ڪيئن ٿا هڪ جهڙا ٿي سگهن؟
ڇو ته هو نتيجن جي پرواهه نه ڪندڙ پنهنجي اندر ۾ هڪ مڪمل آزاد ماڻهو هو، هن ڪڏهن به ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته سندس خيال ڪنهن کي پسند ايندا يا نه سندس موقف ڪنهن کي وڻندو يا نه هن کي اهڙي بي پرواهيءَ ۽ سخت مزاجيءَ سياسي ۽ ذاتي طور گهڻا نقصان به ڏنا پر هو لوڪ جي پرواهه ڪندي مصلحت پسنديءَ بجاءِ پنهنجي الڳ سوچ وارو اهڙو ماڻهو هو جن جون ڳالهيون تاريخن ۾ ياد رهنديون. ڊسمبر 1992 ۾ هڪ انٽرويو ۾ هڪ يادگار واقعي بابت پليجو صاحب پاڻ ٻڌائي ٿو ته جي ايم سيد خلاف مولانا خير محمد نظاماڻيءَ رسالي نئين سنڌ ۾ مضمون لکيو ان وقت مان انتهاسندن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اڪيلي سر بيٺل جي ايم سيد جي حمايت ڪئي جنهن سان مان اڃان مليو به ڪونه هيس پر مون جي ايم سيد جي دفاع ۾ هڪ آرٽيڪل لکيو، ان زماني ۾ مولانا خير محمد نظاماڻي تمام وڏي ڳالهه هو ۽ منهنجو مضمون نه ڇپيو مان ويس مولانا سان ڳالهايو ته مولانا مونکي چيو ته مضمون ته شايع ڪيون ٿا پر اڳٺ ڇڪي ٻڌو اٿئي؟
ٻين لفظن ۾ مطلب ملن سان ٿو مهاڏو اٽڪائين ايترو برداشت ڪري سگهندين؟
۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ان مضمون وڏن وڏن آڙيڪاپ ملن کي اهڙي ماٺ ڪرائي ڄڻ ته کين نانگ سنگهي ويو هجي. رسول بخش پليجي صاحب ثابت ڪري ڏيکاريو ته علم انسان کي بلند ڪري ٿو ۽ عمل انسان کي گھرو بڻائي ٿو جڏھن اھا گھرائي ۽ اھا بلندي پاڻ ۾ ملن ٿيون ته پليجو پيدا ٿئي ٿو. جنهن کي اڳتي هلي ڪوٽ لکپت جون قهري ديوارون به جهڪائي نه سگهيون، جنهن سياست جھڙي سخت مزاج شعبي کي پنھنجي سوچ فڪر ذريعي ھڪ ڌڙڪندڙ دل ڏني ۽ ھي اھو دور هو جڏهن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سياست رومانس ھوندي ھئي. اڄ به جيڪڏهن اسان جا سياسي اڳواڻ سياسي ڪارڪنن لاءِ ادب جو مطالعو ڪرڻ ضروري سمجھن ته ھوند اسان وٽ اھو ساڳيو سياسي مزاحمت جو دور موٽي ايندو.
اڄُ سندس ٽين ورسي آهي پليجي جهڙن ڪردارن جي جسماني جدائي سان ساهه جي تند کي ڇڪ ضرور اچي ٿي پر اهڙا ماڻهو تاريخ جا امين هوندا آهن بلڪل ايئن رسول بخش پليجو اتساهه جو نالو آهي جنهن پٿريلي پٽن ۾ جنم ورتو جسماني ڪاڙھا ڏٺائين پر ننڍپڻ ۾ ئي علم ادب کي خوب پڙهيائين اها علم جي اها طاقت ئي هئي جو نه صرف پنهنجو موقف دليلن، ثبوتن، شاعري جي حوالن سان رکندو هو پر پنهنجي  تقريرن ۾ وڏي واڪ چوندو هو پراڻ پسنديءَ بجاءِ نوان ماڻھو ٿيو لطيف کي پڙھو خصيص نه ٿيو، وڏي سوچ ڌاريو وري ڌرتي تي رهو ته ڪنڌ مٿي کڻي رهو ڪنڌ هيٺ ڪري ڪڪڙ ٿي ڌرتي جي بي عزتي نه ڪيو. اهڙي علمي ۽ عملي انسان پليجي صاحب جي جسماني وڇوڙي کانپوءِ نه صرف سندس جماعت جا ڀاڱا ٿيا آهن پر سياست سان به راڱا ٿيا آهن پليجي پڄاڻان پاڻي کوٽ معاملي تي سنڌ جي سياست ميدانن کان موٽي وري ڊرائينگ روم ۽ بيڊ روم وسايا آهن. اهڙي وقت ۾ اکين اڳيان پليجي صاحب جي تصوير اچي ٿي ۽ ڄڻ ته ايوب کوسي جي شعر معرفت اسانکي چئي ٿو.
اڪن کي پتو  هو، اسان  کي خبر هُئي .
هي چوندا، جهڪائي مٿن کي هلو  ڙي !
هي چوندا، نه لوڏي  هٿن کي هلو  ڙي !
هي چوندا، نه ڪاڪل چپن تي رکو  ڙي!
هي چوندا،  نه  پائي  کٿن کي  هلو  ڙي.!
اسان  کي  خبر   هئي  ته   اعلان  ايندا ،
دلين  کي  ڏڪائڻ  ڪي  شيطان   ايندا ،
تڏهن ڪنهن به ٽاڻي نه ننڊون ڪيوسين،
سوين خواب ڇاڻي نه  ننڊون  ڪيوسين .
نه  ٽهڪن  ڏيڻ  جي  رهي  آهي  موسم .
اهو   درد  ڄاڻي  نه  ننڊون   ڪيوسين ،
پرينءَ  پر  گهڻن   کي ڇڏيوسين  ٻُڌائي ،
متان هٿ ڪو  پنهنجو هٿن  مان ڇڏائي،
ڏسو ! عشق  پنهنجو متان  ڪو  لڄائي ،
اچو  سج  ڳوليون  انڌيرو  هٽائي………!
(ايوب کوسو)