اوھان جي پُڄاڻان   

0
344

اڄ به،
آئون ۽ ھي دنيا،
اھڙا ئي آھيون،
جھڙا اڳ، اوھان جي ھوندي
الائي ڇو، الائي ڪيئن، الائي ڪيڏي مھل
ھنئين جي ڪا ٿُوڻي ڊھي پئي،
وجود جو ڪو اندريون ھڏ ڀڄي پيو
“ويرو تار ڏکن سڄڻ ڀڳي ھڏ جيئن”
اوھان کي جسماني طور جدا ٿئي ٽي سال پورا ٿيا آھن. 7 جون تي ھزارين عورتن، مردن، ٻارن، ٻُڍن ۽ توھان جي نظرياتي فڪري پوئلڳن اوھان کي پنھنجي سُڏڪن لُڙڪن سان گڏ انقلابي گيتن ۽ نعرن جي گونج ۾ سلامي ڏئي لحد ۾ لاھڻ کان پوءِ وچن ڪيو ھو ته، “اسين عوامي تحريڪ  ۽ ان جي سمورين برادر تنظيمن جا ھزارين اڳواڻ ۽ ڪارڪن عورتون ۽ مرد توھان سان وچن ٿا ڪريون ته توھان علم سمجھه  شعور ۽ سجاڳي جي جيڪا مشعل ٻاري آھي ۽ سڄي زندگي حق سچ ۽ انصاف جو جيڪو جھنڊو بلند ڪيو آھي اسين ان کي اڃان به وڌيڪ اوچو ۽ بلند ڪرڻ لاءِ ساھه جي آخري پساهه تائين جدوجھد جاري رکنداسين.”
اوھان جي پُڄاڻان
ملڪ جي اعليٰ عدالت جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار اعلان ڪيو ته سنڌو درياءَ تي ڀاشا ڊيم سان گڏ ٻيا 20 ڊيم ٺاھيندس ۽ ان لاءِ سڄي دنيا مان پئسا گڏ ڪندس، ان خلاف جيڪو به احتجاج ڪندو اھو ملڪ جو غدار ليکيو ويندو ۽ آرٽيڪل ڇھه جو حقدار ھوندو ملڪ جي وزير اعظم فرمايو ته ڊيمن سان گڏ سنڌ ۾ غير قانوني طور تي رھندڙ لکين بھارين بنگالين برمين افغانين ۽ ٻين رولاڪ ۽ ڪرمنل ڏوھاري ٽولن کي شناختي ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ سان گڏ روزگار ۽ رھائش جي سھولت پڻ ڏني ويندي. نئين پاڪستان جي نالي ۾ اقتدار تي ويٺل حڪمران سنڌ  جي سون جھڙين لکين ايڪڙ زمينن، قدرتي  ۽ معدني وسيلن تي مڪمل قبضو ڪرڻ  لاءِ  گڏ ٿي ويا.
سنڌ جا ازلي ۽ ابدي ويري اھو سمجھڻ لڳا ته سنڌ جو سگھارو قومي وڪيل ھر محاذ ۽ مورچي تي گونجندڙ آواز  ھميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آھي پر اھا سندن ڀُل ۽ غلط فھمي ھئي، تاريخ شاھد آھي ته انقلابي تحريڪن ۽ نظرين کي تخليق ڪندڙ پنھنجي دور جا يگانا عالم ۽ مفڪر ذھني ۽  فڪري طور تي سدائين زندھه ۽ جاويد ھجن ٿا. اوھان جو نظريو، تنظيم، تحريڪ، فڪر ۽ فلسفو به سدائين زنده ۽ جاويد رھڻو آھي.
“نيئن پاڪستان” ۽ “نئين رياست مدينه” جي نعرن جي گونج ۾ نون چونڊجي آيل حڪمرانن اقتدار تي ويھڻ شرط  وڏي گھمنڊ ۽ فاتحاڻي انداز ۾  سنڌ جي وجود تي  وار ڪرڻ  ۽ سنڌ کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏٺا. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان حڪمرانن جي غُرور، گھمنڊ ۽ ناپاڪ سنڌ دشمن سازشن ۽ تيار ڪيل منصوبن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ مرحليوار جدوجھد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
جنھن وقت سڏي سنڌ، بخاري ڀڻڪي
ڇا لاءِ ۽ ڇاڪاڻ، اھو ناممڪن.
اوھان جي پڄاڻان
پھرين مرحلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 28، 29، 30 سيپٽمبر 2018ع  تي سوين عورتن ۽ مردن وفاق جي سنڌ دشمن اعلانن خلاف پرامن ٽي ڏينھن احتجاجي ڌرڻو ھنيو ان کان پوءِ 2،3،4 نومبر تي سکر پريس ڪلب  ۽ 21 ،22، 23 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان سوين عورتن ۽ مردن احتجاجي ڌرڻا ھنيا.
ٻئي مرحلي ۾ سنڌو درياءَ تي ديا مير ڀاشا ڊيم سان گڏ ٻيا ڊيم ٺاھڻ، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، لکين ايڪڙ زمينون ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ وڏين رھائشي اسڪيمن کي ڏيڻ، سنڌ ۾ لکين غير قانوني رھندڙ بھارين برمين افغانين ۽ ٻين ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏئي سنڌين کي پنھنجي تاريخي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ خلاف “سنڌ بچايو  وسيلا بچايو عوامي سڄاڳي احتجاجي مارچ” ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي جنھن مطابق 11 آڪٽوبر 2019ع ٺٽي ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ جلسا ڪيا ويا ان کانپوءِ 12 آڪٽوبر سجاول، 13 آڪٽوبر بدين، پھرين نومبر سانگھڙ، 2 نومبر نوابشاھه، 3 نومبر نوشھروز فيروز، 13 ڊسمبر قمبر شھدادڪوٽ، 14 ڊسمبر شڪارپور جيڪب آباد، 15 ڊسمبر ڪشمور ڪنڌڪوٽ  ۽ 16 ڊسمبر سکر ۽ گھوٽڪي ضلعي ۾ جلسا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا. مارچ دوران سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن بس اسٽاپن چوڪن تي احتجاجي مظاھرا ريليون جلسا ۽ جلوس ڪڍي سنڌي عوام کي سنڌ دشمن سازشن کان آگاھ ڪيو ويو.
اوھان جي پُڄاڻان،
اوھان جي پارٽي طرفان شروع ڪيل جدوجھد تي ناليواري صحافي جي اين مغل لکيو ته
ھڪڙي تنظيم “عوامي تحريڪ” آھي جنھن جو سربراھه مرحوم رسول بخش پليجو ڪجھه وقت اڳ انتقال ڪري ويو آھي.
گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان عوامي تحريڪ جا مرد ۽ عورتون صوبي جي مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ جلوس ڪڍي نه رڳو سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ واري “نئين پاڪستان” جي خوابن خلاف آواز اٿاري رھيا آھن پرسنڌ جن مسئلن ۾ گھيريل آھي ان خلاف به احتجاج ڪري رھيا آھن……مثال جي طور تي سنڌ کان سنڌو درياءَ جو پاڻي کسڻ، سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، سنڌ کي ورھائڻ جا مطالبا ڪرڻ، ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ غيرقانوني رھندڙ لکين ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ خلاف احتجاج ڪن پيا. ھن تنظيم طرفان ختم نه ٿيندڙ جلوس ۽ مطالبا ڏسي ۽ ٻُڌي ايئن محسوس ٿي رھيو آھي ته پليجو صاحب يا ته وفات ڪونه ڪري ويو آھي بلڪه زنده آھي ۽ ڪنھن لڪل جاءِ کان پنھنجي پارٽي جي رھنمائي ڪري رھيو آھي يا پليجي صاحب جو روح  سنڌي عوام ۽ پنھنجي  پارٽي جي رھنمائي ڪري رھيو آھي.
اوھان جي پُڄاڻان،
جڏھن وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي زبردستي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ بحريا ٽائون طرفان سنڌ جي قديمي سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ ۽ زبردستي سنڌي ماڻھن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو تڏھن وري به توھان جي نظريي ۽ فڪر جا پوئلڳ ۽ توھان جي پارٽي جون ھزارين ڀينرون ۽ ڀائر جدوجھد جي ميدان تي نڪتا ضلعن ۾ احتجاج ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي دل ۽ مورڙي جي ماڳ ڪراچي ۾ 4 آڪٽوبر تي سنڌياڻي تحريڪ جي ھزارين عورتن پنھنجن ڪڇن تي معصوم ٻار کڻي ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڪراچي جي روڊن ۽ رستن تي بحريا ٽائون جي ظلم زيادتي ۽ ڏاڍ خلاف ۽ وفاق طرفان ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي ڪيل زبردستي قبضي خلاف پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو. جڏھن سجاول ۽ ٺٽي جون ھزارين ايڪڙ  سرڪاري زمينون ڪشميرين کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ان وقت به توھان جي نظريي واٽ ۽ تنظيم جا حقيقي وارث جدوجھد جي ميدان ۾ نڪتا ۽ ٻنھي ضلعن جي ننڍن وڏن شھرن ۾ جلسا جلوس ڪڍي عوام کي ايندڙ خطرن کان آگاھه ڪندي مطالبو ڪيو ته ٻنھي ضلعن ۾ پيل سرڪاري زمين مقامي سنڌي بي زمين ھارين کي ڏني وڃي.
اوھان جي پڄاڻان
اوھان جو ھي انقلابي قافلو پوري ھمت حوصلي، جوش ۽ جذبي، ڏاھپ ۽ دوراندايشي سان سفر طرف روان دوان آھي ان دوران ھن انقلابي قافلي جي راھه ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون وڌيون ويون پر ان جي باوجود ھي قافلو پنھنجي منزل طرف وڌنڌو رھيو آھي ۽ وڌندو رھندو.
 ھي مارويون ڪربلا جي سنڌ ۾ نئين ڪٿا لکن پيون
 پنڌ پٻ جو پري
 ۽ پيو جبل ٻري
 پر ھي فقير قافلو ، پنھنجي راھه تي رميل
 ھي اسير قافلو، پنھنجي ڳالھه تي ڄميل
 ڳالھه آھي سنڌ جي ۽ انھيءَ جي جند جي
          شاھه ھو درياءَ جو
 قيد آ ڪيو ويو
 ۽ انھيءَ جي موج موج ۾
 فوج آ فنا ڪئي
 العطش! العطش !اي لطيف العطش