قاضي ويٺو آهي قلب ۾

0
126
شاهه لطيف جو پيغام

اَڻ چوندن مَ چَؤُ، چُوندِن چَيو وِسارِ،

اٺ ئي پَهَرَ ادب سين، پَرِ اِهائي پارِ،

پايو منهن مُونَنِ ۾، غَربتَ ساڻُ گُذارِ،

مُفتِي منجهه وِهارِ، ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿِيِين.

(8-23، يمن ڪلياڻ)

 شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هڪ هڪ لفظ ڄڻ املهه موتي ۽ هڪ هڪ سٽ لاجواب آهي، جنهن ۾ عميق معنيٰ سمايل آهي. سچ پچ ته من ئي انسان جو سونهون ۽ من ئي قاضي آهي. من جي قاضيءَ يعني “بيدار ضمير” کان وڌيڪ ڪو به منصف ۽ مفتي نه آهي. چوندا آهن ته، “قاضي ويٺو آهي قلب ۾، ٻين کان ڇا پڇجي” ضمير جو آواز، انساني اندر ۽ ايمان جو آواز آهي. اهو هڪ اهڙو عظيم گيان ۽ ڌيان آهي. جنهن سان پاپ ۽ اگيان کي شڪست ڏيئي سگهجي ٿي، پر فقط هڪڙو شرط آهي ته نيڪ نيتي ۽ اندر جي سچائيءَ سان من جي سجاڳيءَ ۽ آواز تي ڌيان ڌري لبيڪ چئي. بيداريءَ سان حق ۽ باطل جي پروڙ ڪجي، باضمير انسان جو هر قول، فعل ۽ فيصلو انصاف جي ڪسوٽيءَ تي ٻڌل هوندو آهي. وٽس ڪا به شرمساري ڪَرِ نه کڻندي آهي. تحقيق اها ضمير جي پڪار آهي، جنهن جي اثر هيٺ ڪيل فيصلا ماڻهن جي دلين کي اندر جو اطمينان عطا ڪندا آهن. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ موجب ته، “وويڪ جي واڻي شمشير جوهر کان به تيز آهي.”

جيئن ته انسان جي طبيعت ٻن قوتن ملڪوتي ۽ بهيمي يعني حيوانيءَ جي اثر هيٺ آهي ۽ مٿس جيڪڏهن پهرين قوت غالب آهي ته هو “فوق البشر” يعني “ڪامل انسان” آهي ۽ اهو فوق البشر، جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪري پنهنجي وجود جو ورق ورائي پاڻ کي ڪامل انسان بنايو آهي. تنهن کي بشري عارضن جي فنا ٿيڻ کانپوءِ جيڪو ڪماليت جو درجو عطا ٿئي ٿو، ان جو سبب ئي اندر جي بيداري آهي، جيڪا کيس ڪاڻيارو ٿيڻ کان بچائي، هڪ خاص مقام تي پهچائي ٿي. حضرت داتا گنج بخش علي هجويريءَ موجب ته:

“الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن ٻانهي تي ڀلائيءَ جو ارادو فرمائي ٿو، تڏهن کيس پنهنجي نفس جا عيب ڏيکاري ٿو.”

اهڙيءَ طرح منصفانه مزاج رکندڙ شخص جو يقين آهي ته “وڃائي وجود تهان پوءِ تڪبير چوڻ” سان ئي هو اصلي عدالت ۾ اگهبو، من جي موتيءَ کي سچائيءَ سان جرڪائڻ جو عمل ڏکيو ۽ اڙانگو ضرور آهي. اها شعوري ڪوشش هر ڪنهن جي وس جي ناهي. پر ته به هن دنيا ۾ ڪيترائي ارادن جا اٽل، عزم ۽ همت جا پيڪر پيا آهن جن لاءِ “ڇپر ڇاڙڪي آهي”، هو سچ جي واٽ جي ڳولها ڪندي سک سان نٿا سمهن. هو مقصدي واٽ کي ترجيح ڏيندي لبيڪ چئي اڙانگن رستن تي ٿا هلن.

سکن واري سڌ، متان ڪا مُون سين ڪري،

اندر جنين اڌ، ڏُونگر سي ڏورينديون.

قلب ۾ جهاتي پائي پنهنجو محاسبو ڪرڻ وارن اهڙن ڪاپڙين جي هن ڪلجڳ ۾ ڪمي ڪانهي، پر ڪئين بي ضمير سندن رستن ۾ رڪاوٽون وجهي، پٿر ۽ ڪنڊا وڇائي کين طرح طرح جون مشڪلاتون ٿا ڏين. اهي حيوان سچ ۽ انصاف جي واٽ جا ويري آهن، پر سچ هميشه کان امر رهيو آهي ۽ رهندو. ضمير جي اَمُلهه ۽ اثرائتي آواز جي بدولت سقراط زهر جو پيالو پيتو، حضرت حسين عليه السلام سر ڏيئي سرهو ٿيو ۽ اهڙا گهڻائي گهوٽ اڻ موٽ هن دنيا ۾ ٿي گذريا، جن مقصدي واٽ تي هلڻ لاءِ تَنَ، مَنَ ۽ ڌَنَ قربان ڪيا. اها روشني کين مَنَ جي سچائيءَ، سجاڳيءَ، غور ۽ فڪر جي سبب نصيب ٿي. واقعي “جڏهن اسين پنهنجي اندر جي ديوتا جي ڳالهه مڃيون ٿا، تڏهن اسان جي خيال، وچن ۽ ڪرم Thought, word, Dead ۾ پويترتا اچي ٿي. تڏهن ئي اسان کي روشني ملي ٿي.”

دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ انسان کي جيڪا مهان ۽ عظيم شڪتي محسوس ٿي. هن انهيءَ کي ئي پنهنجو خدا تسليم ڪيو، پر اڳيان هلي سندس رهنمائيءَ لاءِ گهڻائي رهبر، رهنما، ڏاها، عالم، پيغمبر ۽ پيامبر آيا، جن کين الاهي روشني عطا ڪئي. ڪيترائي مذهب وجود ۾ آيا. جيئن: اسلام، هندو ڌرم، عيسائيت، يهوديت، جيني ڌرم، سک ڌرم، ٻڌ ڌرم وغيره.

سڀني مذهبن جي تعليم ۽ تحقيق کانپوءِ انسان انهيءَ نتيجي تي پهتو، ته بيشڪ ڪا ڪائناتي قوت آهي، جيڪا هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي. جنهن کي ڀل “خدا”، “ايشور” يا “گاڊ” جو نالو ڏيون، پر حقيقت ۾ اها قوت انسان کان مٿي ۽ سڄيءَ دنيا جو سرشتو هلائيندڙ آهي. ۽ تحقيق اها قوت انسان جي اندر پڻ موجود آهي. صرف ڌيان، گيان، سوچ ۽ نيڪ نيتيءَ جي ڳولها سان کيس لهي سگهجي ٿو. مَنَ جي عدالت جو حساب ڪتاب ڪري پاڻ کي پرکي کيس پائڻو آهي. اسلام موجب ته الله تعاليٰ ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي. هو دلين جا حال ڄاڻندو آهي ۽ اندر جي صفائي ۽ پليتائي پرکيندڙ آهي. انساني نفس شيطاني قوتن سان گَڏَ اعليٰ بشري خاصيتن سان نوازيل آهي. هندو مذهب موجب، ايشور “نرگڻ” به آهي ته “سگڻ” به آهي، ايشور کي ڏسي نٿا سگهون پر چاهيون ته ڏسي سگهون ٿا. يعني “جيڪڏهن، دل کوٽي آهي ته عذر گهڻا” جي مصداق اهو سڄو دل جو حساب ڪتاب آهي.

هتي ته دوست جو ديرو دل ۾ آهي، رڳو، نائي نيڻ نهارڻ جي قوت پيدا ڪرڻي آهي. ايشور جي وڏي ۾ وڏي رچنا/تخليق انسان آهي ۽ انسان جي وڏي ۾ وڏي رچنا پرارٿنا يعني عبادت آهي. دنيا ۾ ڪيترائي مذهبي ڪتاب آهن، جن جو مول متو عبادت ۽ ڀلائيءَ ڏي راغب ڪري ٿو. خاص طور قرآن پاڪ، بائيبل، ويد، پراڻ، اپنشد، رامائڻ، مهاڀارت، گيتا، ڌمپڊ، ڪلپ سوتر، ٽين ڪمانڊمينٽس، گروگرنٿ، تاڻو تيه چنگ، زند اويستا، بوڪ آف اسپرنگ ۽ آٽم وغيره. سڀني جي فلاسافي سچ، سونهن، اندر جي صفائي، دان ۽ ديا تي ٻَڌل آهي، جنهن مطابق سماج ۾ رهي ان کي روحانيت بخشڻي آهي ۽ سڀ عبادتون پالڻهار جي گڻن ڳائڻ سان گڏ اهو ٿيون ڄاڻائين ته هُو هر هنڌ حاضر ناظر هئڻ سان گڏ انساني اندر ۾ شامل آهي. سندس جلوو انساني اندر ۾ شامل آهي. اندر جو آواز ڪن ڏيئي سوجهڻ سان سندس جلوو سامهون ايندو. شاهه ڀٽائي انهيءَ نقطي کي هن ريت ٿو واضح ڪري،

هوتُ تُنهنجي هَنج ۾، پُڇين ڪوهُه پَهِي،

“وَفِيۡ اَنفُسِکُم اَفَلَا تُبصِرُونَ”، سُوجهي ڪَرِ سَهِي،

ڪڏهن ڪا نَه وَهِي، هوتُ ڳولهڻ هَٽَ تي.

(5-12، سسئي آبري)

پنهنجي اندر ۾ ڳولها ڪري محبوب کي لهڻ لاءِ غور و فڪر ئي وڏو مقام آهي. “افلا تبصرون” يعني ڇا توهان نٿا ڏسو؟ مطلب ته اها بصارت کپي جيڪا عام جي ڏسڻ جي نه آهي هتي ته سوجهڻو آهي. ڪائنات جي مطالعي ۽ مشاهدي کان اڳ ۾ پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻو آهي. پاڻ کي فتح ڪري. آتما کي سڃاڻڻ يا انساني اندر جو اڀياس، مطلوب کي طالب جي ويجهو آڻي، اندر جي ڪٽ ڌوئي کيس پاڪ صاف ڪري ٿو.

دُودُ دل تان دُور ڪري، ڪَرِ ساڄَنَ صفائي،

“مَنۡ لَا شَيۡحَ لَہُ فَشَيۡخُہُ الشَيطانُ” ان رِيءَ اونداهي.

(2-4-ديسي)

اندر جو آواز صرف روحاني سجاڳيءَ نه، پر حياتيءَ جي هر مسئلي ۽ هر پريشانيءَ جو نبيرو ڪندڙ آهي، جنهن ۾ اسين ٻين سان اها هلت ڪنداسين جيڪا اسين پاڻ لاءِ بهتر سمجهنداسين، پوءِ ئي اسان جو ضمير سجاڳ ضمير شمار ٿيندو. قلب جي آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسڻ سان ئي روح مطمئن ٿيندو. هڪ ڏاهي موجب ته “سڪون سان سمهڻ لاءِ نرم وهاڻو نه پر سجاڳ ضمير گهرجي” سو سچ جي حمايت، غلط ۽ صحيح جي پرک ۽ ضمير جي ندا کي لبيڪ چئي سگهڻ جي جرئت، هئڻ ئي انسانيت جي عظمت آهي.