ڪي اين شاهه جو ميلو، حفاظتي ڪوتاهي ۽ حياتي وڃائيندڙ ٻه مور

0
164
ريل مسافر اوخيل بابو، گورا ۽ ڪارا حڪمران

اسان جو شهر ۽ تعلقو خيرپورناٿن شاهه جتي تحريڪ بحالي جهموريت (ايم آر ڊي) جي شهيدن جي شهر جي نالي سان مشهور آهي، اتي اهو علمي ادبي ۽ ناٽڪي منڊيلين جي لحاظ سان به سنڌ ڀر ۾ ڪافي ناماچاري رکي ٿو. هنن شين سان گڏ هن شهر جي هڪ ٻي اهم سڃاڻپ جو حوالو شهر جون اهي ٽي درگاهون به رهيون آهن، جن مان پهرين درگاهه آهي حضرت سيد ناٿن شاهه لڪياري جي، جنهن جي پويان هن شهر جو نالو پيو. ٻي درگاهه آهي ناٿن شاهه جي وڏي ڀاءُ سيد مصري شاهه جي. مصري شاهه شهر ۾ ته گهڻو مشهور آهي پر باقي سنڌ ۾ هن جي باري ۾ شايد تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هجي. ۽ ٽين درگاهه آهي حضرت جڙيل شاهه جي، جنهن تي هرسال ميلو به لڳندو آهي. اسان جي شهر جي ماڻهن جي هي روايت رهي آهي ته فجر نماز بعد اهي ٽنهي مزارن جو ڀيرو ضرور ڪندا هئا. سيد ناٿن شاهه جي درگاهه جي خصوصيت وري هي به رهي آهي ته درگاهه سان لڳو لڳ عيد گاهه اندر عيد نمازون به ادا ڪيون وينديون آهن، ته پهرين کان ڏهين محرم تائين جا جلوس به پنهنجي پڄاڻي ساڳي ئي درگاهه تي ڪندا آهن. ناٿن شاهه جي درگاهه ان ڪڏڻ واهه جي الهندي ڪپر تي واقع آهي، جيڪو والار سبب هاڻي ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي. سيد ناٿن شاهه ڪڏهن وفات ڪئي، ان حوالي سان جڏهن مون مزار جو ڀيرو ڪيو ته مون کي سواءِ نئين اڏاوت جي، جنهن جو ڪم به اڃا ڪافي رهيل آهي، ڪابه اهڙي شاهدي يا ثابتي نه ملي، جنهن مان هي خبر پئي ته حضرت ناٿن شاهه لڪياري ڪڏهن وفات ڪئي. پر جڏهن پنهنجي والد صاحب سان هن سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ته ان صرف ايترو ٻڌايو ته اسان کي به خبر ڪانهي ڪا پر حضرت جڙيل شاهه لڪياري ۽ حضرت ناٿن شاهه لڪياري جي تربتن مٿان پهريان صرف ڇاپرا جڙيل هوندا هئا، جن کي اسان پاڻ ڏٺو هو ۽ جن کي بعد ۾ پٽ ڪري انهن مٿان مقبرا (قبا) اڏڻ وارو ڪم ادي امير بخش سومري مرحوم جي والد رحيم بخش سومري مرحوم، جيڪو تن ڏينهن ۾ شهر جو هڪ مشهور ۽ بهترين ڪاريگر هو، ان ڪيو هو. ان کانپوءِ تقريبن ستر اسي سال گذرڻ بعد وقت به وقت انهن قبن جي سارسنڀال شهر جي هڪ معزز شخصيت ۽ واپاري مير محمد شيخ  جي حوالي رهي. نه صرف ايترو پر مير محمد شيخ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خرچ سان يا چندي سان قبن جي مرمت پڻ ڪرائيندا رهندا هئا.

خيرپورناٿن شاهه ۾ هن وقت حضرت جڙيل شاهه جو 226 هون عرس ملهايو پيو وڃي. عرس ملهائڻ جي مک سرگرمي به اهو ميلو هوندو آهي جنهن کي شهرين پاران جڙيل شاهه جو ميلو، جڏهن ته غير شهرين پاران ساڳي ميلي کي خيرپورناٿن شاهه جو ميلو چيو ويندو آهي. هاڻي جڏهن اسان حضرت جڙيل شاهه جي وفات جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ان سلسلي ۾ مزار تي ڪابه اهڙي تختي يا نشاني موجود ڪانه ٿي ملي، جنهن مان هي خبر پئي ته حضرت جڙيل شاهه فلاڻي مهيني جي فلاڻي تاريخ تي ۽ فلاڻي سن ۾ وفات ڪئي. پر جيڪڏهن 226هين سالياني عرس جي حساب سان معلوم ڪنداسين ته جڙيل شاهه جي وفات جو سن 1797ع بيهي ٿو. هن عرصي دوران مير ٽالپرن (1783 – 1843) جي صاحبي ۾ سنڌ هڪ آزاد خطي طور پنهنجو نظامِ حڪومت هلائي رهي هئي. يعني اسان هي چئي سگهون ٿا ته جڙيل شاهه جي وفات ميرن جي دور ۾ ٿي. مير ٽالپرن سنڌ تي صرف 60 سال حڪومت ڪئي. فرض ڪيو ته جڙيل شاهه جي عمر سٺ سال کان مٿي آهي ته اسان هي چئي سگهون ٿا ته حضرت جڙيل شاهه ڪلهوڙن (1701 – 1783) جي دور ۾ پيدا ٿيو هوندو. جڙيل شاهه جو ميلو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي جي ٺيڪ هڪ هفتي بعد لڳندو هو ۽ ميلي جي ڌمالن وارا ڏينهن صفر جي 25، 26 ۽ 27 تاريخن وارا هوندا هئا. پر جڏهن صفر سياري مان ڦري اونهاري ۾ اچڻ لڳو ته ميلي جي سلسلي کي به مٽايو ويو. ٻيو وري هاڻي ساڳيو ميلو مهينو مهينو هلندو رهي ٿو، ڪڏهن ڊسمبر ۾، ته ڪڏهن جنوري ۾، ته هاڻي وري فبروري ۾ لڳايو ويو آهي، يعني ميلي جي سلسلي کي به کاريو ويو آهي. سو هاڻي اسان هي ڪيئن چئون ته 1797ع ئي وفات جو صحيح سن آهي يا وري اهو هجري سن آهي. والد صاحب هي به ڳالهه ڪندو آهي ته جڙيل شاهه جي وڏن جو تعلق سنڌ جي شهر دولتپور سان آهي. جڙيل شاهه جو خاندان دولتپور مان لڏي اچي خيرپورناٿن شاهه ۾ ڪڏڻ جي ڪڇ  ۾ ويٺو، جتي ئي سندس مزار به آهي ته ميلو به اتي ئي لڳندو رهي ٿو.

جڙيل شاهه جي ميلي جي ڳالهه ٿا ڪريون ته هي ميلو ڪو معمولي ميلو ناهي. هي ميلو هن شهر جي سڀني ثقافتي سرگرمين جي هڪ انتهائي شڪل سان گڏ سنڌ جي مشهور ميلن منجهان هڪ آهي. پر جڏهن کان هن ميلي جي سلسلي کي کاريو ويو آهي ته جتي هن ميلي جو اهو اوج مجروح ٿيو آهي جيڪو مستين، تفريحن ۽ دلبري منظرن سان ڀرپور هوندو هو، ته اتي ان ميلي جو مزو به هاڻي ٻسو ٿي ويو آهي. توڙي جو تفريح جو سامان ٻيڻو ۽ ٽيڻو ٿي ويو آهي پر رات جو هڪ بجي بعد ميلو خالي ٿي وڃي ٿو، جيڪو اڳ ۾ سڄي سڄي رات هلندو رهندو هو. رهي سهي ڪثر ٻن هٿرادو ٻوڏن، مهانگائيءَ ۽ ڪجهه اڻ وڻندڙ واقعن پوري ڪري ڇڏي آهي. جيئن هي هڪ تازو واقعو آهي جيڪو تاريخ 16 فبروري واري رات جو لڳ ڀڳ هڪ وڳي رونما ٿيو. خبرن موجب سيد جڙيل شاھ جيلاني جي ميلي دوران راڳ جي محفل ۾ فائرنگ ٿي گوليون لڳڻ سبب ڪجهه پانڌيئڙا زخمي ٿي پيا جن ۾ الياس چانڊيو، سڪندر چانڊيو، ثناءُ الله، نياز، اسد چانڊيو، سعيد ارشد سومرو، رئوف سومرو شديد زخمي ٿي پيا. الياس چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ سعيد ارشد سومرو جي حالت نازڪ هجڻ ڪري انهن کي لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو. حملي جو مک زخمي سڪندر چانڊيو ۽ سعيد ارشد سومرو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو. شهرين پاران جتي ميلي ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ واقعي تي رنج ۽ غم جو اظهار ڪيو ويو، اتي انهن پوليس جي روايتي سستي ۽ نااهلي انتظامي ڪوتاهي تي به ڪاوڙ ۽ رنج جو اظهار ڪيو. شهر جي تعلقا اسپتال جي هي حالت آهي ته اتي سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ نه پر اڻاٺ آهي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڊاڪٽر جي موجودگي ڪم نه آئي.

جڙيل شاهه جي ميلي ۾ ٿيندڙ هن اڻ وڻندڙ واقعي پوليس جي حفاظتي انتظامن جا پول ته کولي ڇڏيا آهن جنهن جو چٽو ثبوت هي آهي ته اسان پاڻ به ڪافي ماڻهن کي ڏٺو ته اهي جتي ميلي ۾ نشي ۾ ڌت نظر آيا اتي اهي سرعام موت مار هٿيار به کڻي گهمي رهيا هئا. موٽر سائيڪلن جي عام اچ وڃ سان گڏ، هاڻي ته ڪارون به بازارن ۾ گهمندي ڦرندي نظر اچن ٿيون. نه جهل آهي نه پل. نه روڪ آهي نه ٽوڪ. باقي ايس ايچ او پاران هي چوڻ ته هي واقعو ذاتي دشمني سبب پيش آيو عجيب منطق آهي. ياد رهي ته ٻوڏ بعد شهر جي سياسي سماجي ڌرين پاران  ميلي کي ڪجهه وقت جي لاءِ ٽارڻ جي گذارش ڪئي وئي هئي، پر ميلو پوءِ به لڳايو ويو سو ان تي به سوال اٿي رهيا آهن ۽ سوال هي به ڪيو وڃي ٿو ته ٽن ڏينهن واري ميلي کي مهيني يا پندرنهن 20 ڏينهن تائين ڊيگهه ڏيڻ مان ڪنهن کي فائدو ٿي رهيو آهي؟ هن واقعي ميلي جي ناقص انتظامن کي بري طرح سان وائکو به ڪري ڇڏيو آهي. ڳالهه سڌي سنئين آهي ته اسان جي سياستدانن پاڻ کي ڊيلز جي بلي ڪري ڇڏيو آهي، سلامتي تي مامور ادارا ماڻهن کي کنڀڻ ۽ انهن تي ڪڙي نظر رکڻ ۾ پورا آهن، پوليس ڀوتارن جي خدمت ۾ پوري آهي، صحت جي ادارن اندر ڪم ڪندڙ عملو دواساز ڪمپنين جي خرچن تي حج ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ بهشت جي ٽڪيٽ تصور ڪري ٿو. عدالتون ٻانهيون ٿي ڪري ڪم ڪري رهيون آهن، ڪاوربار ڪافر ٿي چڪو آهي. تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي مثالي نظر نٿي اچي ۽ جيڪي حڪومتون آهن اهي سڀ عالمي آقائن ۽ آءِ ايم ايف جي فرمائشن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪيون ويٺيون آهن. پوئتي رهجي ٿي “ڪت خلق” جنهن جو ڪنهن کي به فڪر ڪونهي ڪو. اسان جا سڀ ادارا، سڀ سياستدان ۽ سڀ حڪومتون جيڪڏهن پنهنجين ڪوتاهين تي نظر رکن ۽ پنهنجين آئيني ۽ اخلاقي ذميدارين کي محسوس ڪن ته؛ نه پشاور ۾ مسجد تي حملي جهڙا واقعا ٿين، نه ڪراچي ۾ پوليس چيف جي آفيس تي دهشت گرد ڪاهه جهڙا منظر نظر اچن ۽ نه خيرپورناٿن شاهه ۾ جڙيل شاهه جي ميلي ۾ راڳ جي محفل دوران محض ذاتي دشمني جي بنياد تي بيڏوهي ميلي جي مورن جو موت واقع ٿئي ها.