محرم راز … 21 فيبروري 1952ع کان به وڏو سانحو

0
96
محرم راز ... اچو ته اڄ امام سنڌيءَ کي ياد ڪريون

 هر سال 21 فيبروري مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته دنيا ۾ ڳالهائجندڙ سمورين ٻولين کي نه صرف ختم ٿيڻ کان بچايو ويندو، بلڪ هنن جي ترويج ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪيو ويندو. سوال اهو پيدا ٿيندو آهي ته ڇا اهو مقصد حاصل ٿي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان خاص ڪري پاڪستان ۾ ڪهڙي صورتحال آهي؟

                 هن وقت دنيا ۾ 7100 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. انهن مان اڌ کان وڌيڪ ٻولين جي ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. هن صديءَ جي آخر تائين 1500 ٻوليون مڪمل طور تي ختم ٿي وينديون. پاڪستان جي صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ تقريبن هڪ سئو ٻولين مان 20 ٻوليون اهڙيون آهن جن جي ختم ٿيڻ جو خطرو آهي، هنن کي انهن ٻولين جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي جن جي ڳالهائيندڙن جو انگ تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. انهن ۾ بديشي، باگڙي، بروشاسڪي، دڙي، رميلي، جگداني، شينا، سنڌي ڀيل، لاسي، سانسي، ساوي ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن، جڏهن ته پاڪستان جون وڏيون ٻوليون پنجابي، سنڌي، پشتو، سرائيڪي، بلوچي، براهوي، هندڪو، گلگتي، ڪشميري، بلتي ۽ ٻين زبانن ۾ به پنهنجي بقاءُ جي تحفظ جي صلاحيت گهٽجندي پئي وڃي.

21 فيبروري جو ڏينهن هڪ سانحي جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ تان وجود ۾ آيو هو. هي 21 فيبروري 1952ع جي ڳالهه آهي، جڏهن ڍاڪا هاءِ ڪورٽ جي ويجهو پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز انهن شاگردن مٿان فائرنگ ڪئي هئي، جيڪي بنگالي کي قومي ٻولي بڻائڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. انهن ۾ يونيورسٽي آف ڍاڪا، جگن ناٿ يونيورسٽي ۽ ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج جا شاگرد شامل هئا. 4 شاگرد جبار، سلام، رفيق ۽ برڪات شهيد ٿي ويا هئا.  اهي انساني تاريخ جا شهيد هئا، جن زبان جي تحفظ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، جيڪڏهن پاڪستان جو باني قائداعظم محمد علي جناح انگريزي ۾ اهو اعلان نه ڪري ها ته پاڪستان جي قومي زبان اردو هوندي ته شايد 21 فيبروري وارو سانحو پيش نه اچي ها ۽ تاريخ ۾ پاڪستاني رياست مقامي زبانن ۽ ثقافتن کي لتاڙيندڙ رياست طور نه سڃاتي وڃي ها.

پوري دنيا 21 فيبروري جي ياد ۾ هي ڏينهن ملهائيندي آهي ۽ اها مادري زبانن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي آهي. دنيا ننڍين ننڍين ٻولين کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. دنيا کي احساس ٿي ويو آهي ته دنيا جي هر ٻولي ۽ ٻوليءَ جو هر لفظ پوري انسانيت جو اهڙو اثاثو آهي جيڪو هن جو رشتو ماضيءَ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافتن سان جوڙيندو آهي. جيڪڏهن اهو اثاثو گم ٿي وڃي يا ختم ٿي وڃي ته انسان جو ماضيءَ سان رشتو ۽ رابطو ٽٽي ويندو آهي. اهو شايد 1950ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. آمريڪا جي قديم ريڊ انڊين قبيلي جي هڪ ٻوليءَ کي ڳالهائڻ وارو آخري ماڻهو مري ويندو آهي، مرڻ کان اڳ اهو ڪجهه ڳالهيون ڪندو آهي، جيڪي رڪارڊ ڪيون وينديون آهن، اهي ڳالهيون ڪرڻ دوران اهو ڪنهن وقت کلندو آهي ۽ ڪنهن وقت روئيندو آهي، هاڻي ڪنهن کي به خبر ناهي ته هن ڇا چيو ۽ اهو ڇو روئيندو رهيو ۽ ڇو کلندو هو. ان واقعي کانپوءِ آمريڪا جي ڪيترن ئي دانشورن ۽ تخليقڪارن کي ناول لکڻ ۽ فلمون ٺاهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جن ۾ هڪ زبان جي موت جو نوحو هو. زبانن ۽ لفظن جي موت جو نوحو انسانن جي موت جي نوحي کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندو آهي، ڇوته اهو هڪ تهذيب، هڪ ثقافت ۽ هڪ تاريخ جي موت جو نوحو هوندو آهي.

ٻوليون تيزيءَ سان مري رهيون آهن. 7 سال اڳ 2016ع ۾ خليج بنگال جي ٻيٽ انڊمان جي هڪ زبان “بو” (BO) کي ڳالهائيندڙ آخري عورت بوا (BOA) سينئر فوت ٿي وئي. اهڙي طرح ٻيٽ انڊمان جي هڪ ٻي زبان ساري (Sare) کي ڳالهائيندڙ آخري شخص ليچو (Licho) به اپريل 2020ع ۾ ڪورونا جو شڪار ٿيو ۽ هن دنيا مان هليو ويو. انهن ٻن زبانن جي خاتمي سان انسان جو تقريبن 65 هزار سالا پراڻي ثقافت سان رابطو هميشه لاءِ ٽٽي ويو آهي. اهو انسانيت جو ڪيترو وڏو نقصان آهي!

يورپ، آسٽريليا ۽ لاطيني آمريڪا جي تقريبن تمام ملڪن ۾ ٻارن کي مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جو حق نه صرف تسليم ڪيو ويو آهي، بلڪ ان حوالي سان قانون سازي به ڪئي وئي آهي. بيلجيئم ۽ ڪيترائي ٻيا ملڪ اهڙا آهن جو جيڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾ دنيا جي ڪنهن هڪ زبان جو ڳالهائيندڙ ٻار آهي ته ان جي لاءِ به اسڪول کي لازمي طور تي ان زبان جو ٽيچر رکڻو پوندو آهي. سانحو 21 فيبروري پاڪستاني رياست جي ڪري پيش آيو هو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته پاڪستان تاريخ ۾ لڳل ان داغ کي ڌوئڻ لاءِ زبانن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ دنيا کان وڌيڪ قدم کڻي ها، پر پاڪستان ڪجهه نه ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهو اڃا به 21 فيبروري 1952ع واري سوچ تي قائم آهي.

جيئن ته اسان جا حڪمران بنگلاديش وڃي ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج اڳيان شهيد مينار تي حاضري ڏيندا آهن ۽ گل چاڙهيندا آهن، پر هنن کي ان ڳالهه جو احساس نه هوندو ته جبار، سلام، رفيق ۽ برڪات پنهنجي جانين جون قربانيون ڇو ڏنيون هيون؟ اڄ بنگالي دنيا جي ستين وڏي زبان آهي جيڪا ڳالهائي ۽ لکي ويندي آهي، اها روسي، پرتگالي، انڊونيشيائي، اردو ۽ جرمن کان به وڏي زبان آهي. اسان جي حڪمرانن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته جيڪي قومون پنهنجي ٻولين ۽ ثقافتن سان جڙيل هونديون آهن ۽ پنهنجي سڃاڻپ جو تحفظ ڪنديون آهن، اهي غيرن جي حڪمراني قبول نه ڪنديون آهن. هنن جي سياسي سوچ نه صرف درست هوندي آهي، بلڪ انهن ۾ سياسي مزاحمت به هوندي آهي. اهڙيون قومون نه فاشزم کي قبول ڪنديون آهن نه ئي اسٽيبلشمينٽ جو مڙهيل ڪو فاشسٽ هنن جو سياسي هيرو بڻجي سگهي ٿو. ان لاءِ حڪمران سياسي مزاحمت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن جي ٻولين ۽ ثقافت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. تاريخ ۾ هميشه کان اهو ٿيندو آيو آهي. ٻاهريون حملي آور هجي يا ٻاهرين قوتن جا پيدا ڪيل مقامي حڪمران هٿيار هجن، انهن سڀني جو پهريون نشانو ماڻهن جي سڃاڻپ، ٻوليون ۽ ثقافتون هونديون آهن. 21 فيبروري جو ڏينهن اسان کي اهو ياد ڏياريندو آهي، ته نه صرف اسان پنهنجي مادري زبانن بلڪ سڀني جي مادري زبانن کي بچائڻ لاءِ پهريان کان وڌيڪ جدوجهد ڪريون.  پاڪستان جي حڪمرانن تي دٻاءُ وجهون ته اهي بنيادي تعليم مادري زبانن ۾ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻن ۽ پاڪستان جي وڏين زبانن پنجابي، سنڌي، بلوچي، سرائيڪي ۽ پشتو کي قومي زبانن جو درجو ڏين. ياد رکڻ گهرجي ته ٻولين جي موت جو نوحو انسانن جي موت جي نوحي کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندو آهي. اهو 21 فيبروري 1952ع جي سانحي کان به وڏو سانحو آهي ته پاڪستان جي حڪمران اشرافيه اڄ به 21 فيبروري 1952ع واري سوچ تي قائم آهي.