ملڪي صورتحال: آخر نظام ۾ تبديلي ڪير آڻيندو

0
144
ملڪي صورتحال: آخر نظام ۾ تبديلي ڪير آڻيندو

 اھي ڪي فرشتا نه ھئا ۽ نه وري خلائي مخلوق ھئي ج پنھنجي پنھنجي ملڪن کي پنھنجي پيرن تي بيهاريو ۽ ملڪن ۾ انقلاب آڻي، عوام جي ترقي ملڪن جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو .  جن پنھنجي ملڪن ۾ بھترين نظام آڻي سماج ۾ تبديلي آندي آھي . ان پوري نظام، ان سموري سرشتي ۾ انھن اڳواڻن سان گڏ عوام جو به اھم ڪردار رهيو آھي .  جن ملڪن ۾ چائنا، جپان، ايران ۽ ٻيا ملڪ شامل آھن . پري نه وڃو بنگلاديش 1971ع ۾ پاڪستان کان جدا ٿيو آھي انھن به پنھنجي ملڪ جي عوام جي لاءِ ڪم ڪيو آھي. اڄ انھن جي ڪرنسي ٽڪو جو به قدر آھي.  ھي اهي ملڪ آهن جن ملڪن جنگي صورتحال مان گذري پنھنجي ملڪن ۽ عوام جي لاءِ ڪم ڪيو آھي .

                 اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جستائين ملڪ ۾ بھتر نظام نه ٺھندو تيستائين اسان جو ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو . ھن وقت سياسي پارٽيون ۽ عوام مونجھاري جو شڪار آھن. ھي حڪومت گڏيل حڪومت آھي، جنھن ۾ پ پ جا وزير، نواز ليگ، جي يو آءِ ۽ ٻين پارٽين جا وزير وفاقي حڪومت ۾ شامل آھن، جن اھو نعرو ھنيو ته اسان مهانگائيءَ کي ختم ڪنداسين پر ويتر ملڪ جي عوام مٿان وري پئٽرول 22 روپيا مھانگو ڪري عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي اٿن. پوري ملڪ ۾ عوام ھاڻي سراپا احتجاج بڻجي ويو آھي. مھانگائي جي شرح وڌڻ سان ملڪ اندر سنگين ڏوھن ۾ اضافو ٿيندو رھي ٿو. امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. ملڪ ۾ رھندڙ شھري توڙي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ طبقو پنھنجي پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجھي . آخر ائين ڇو آهي؟ ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ان جا ڪھڙا ڪارڻ آھن؟ اسان وٽ بھتر نظام نه آھي. اسان وٽ ڪم ڪندڙ ادارا ڪمزور آهن ۽ اهي رشوت جي ور چڙهيل آهن. ڪرپشن ادارن کي اڏوھي وانگر کائي ناس ڪري ڇڏيو آھي. غريب اٽو وٺي نه ٿا سگھن، تعليم، صحت ۽ دوا نه ٿا وٺي سگھن .اسان جي ملڪ ۾ سچي اڳواڻ Leadership  جي کوٽ آھي. ملڪ ۾ اليڪشن جي طريقيڪار کي بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي. عوام پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال نه ٿو ڪري ان کي پنھنجي ووٽ جي اھميت جي خبر ھجڻ گھرجي. نواڻ ۽ تبديلي به تڏھن ايندي جڏھن ملڪ ۾ انصاف ڪندڙ ادارا پنھنجو صحيح ڪردار فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاھي نه ڪندا. دنيا جي ٻين ملڪن جيان اسان جي ملڪ ۾ به قانون آھي، آئين آھي پر ان جي پاسداري ڪرڻ ۽ قانون جو صحيح استعمال نه ٿيڻ سان به نظام ۾ تبديلي نه اچي رهي آهي. ھڪ ته درست قانون ٺاھيو وڃي ۽ ٻيو ته پوءِ ان قانون تي عمل به ڪرايو وڃي .