سنڌي ٻولي قومي ٻولي

0
150
سنڌي ٻولي قومي ٻولي

 عالمي سطح تي ٻولين جو ڏينهن 21 فيبروري تي ملهايو ويندو آهي سو اچو ته پنهنجي ٻوليءَ کي بچايون. اسان جي ٻولي کي ڪي ڌاريا، ڪي لشڪرڪشي ڪري ايندڙ لٽيرا نه بچائيندا، اسان کي اهو ڪم پاڻ ئي سرانجام ڏيڻو پوندو. باقي جيڪڏهن اسان سکڻا نعرا هڻي چونداسون ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي پر وري گهر ۾ ڳالهائينداسين ڌاري ٻولي ۽ ٻار پڙهائينداسون غير سنڌي ميڊيم ۾ ته پوءِ اهو ٿيندو سڌو سنئون ٻوليءَ جو قتل ۽ تاريخ اسان کي قاتلن جي فهرست ۾ لکندي.

پڇيائين  ڪڏهن کان سنڌي آھين ؟

ٻڌايومانس جڏهن کان رب ڪريم روح خلقيو آهي .

                 ها جڏهن کان رب رحيم قادر ڪريم جهان جوڙيو آهي اسان جو روح تڏهن کان ئي سنڌي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان کي پنهنجي ٻاجهارڙي ٻولي عزيز آهي .

مان سنڌي آهيان

ان ڪري

منهنجي ٻولي

سنڌي ٻولي

سنڌي هڪ قوم آهي

ان ڪري

سنڌي ٻولي

قومي ٻولي

بيشڪ ۽ بروبر اسان سنڌي هڪ قوم آهيون ۽ اسان جي قومي ٻولي سنڌي آهي سو جيئن اسان کي پنهنجي ٻولي سان عشق پيار محبت آهي تيئن ئي هر ڪنهن کي سندس جي ٻولي عزيز هوندي آهي.

مان  مهر فقير  سنڌي  آهيان

سنڌي لکندو ڳالهائيندو آهيان

اهو ئي منهنجو عشق آ دوستو

سنڌي ٿي ڄمندو مرندو آهيان

انسان جڏهن امڙ جي پيٽ ۾ هوندو آهي ته ان تي ان مهل ماءُ جي ٻولي جو اثر ٿيندو آهي. اها سائنسي تحقيق به آهي ان ڪري ئي ته ٻوليءَ کي مادري يا امان جيجل جي ٻولي به سڏيو ويندو آهي. پر هلندي هلندي هتي اهو ۽ ايترو به ضرور چوندس ته

شاهه جي رسالي  سان اختلاف رکندڙ ( متضاد بڻائيندڙ ) قوم کي سنڌي ٻولي جيڪا نه ٿي سگهي اڃا تائين سرڪاري سطح تي قومي ٻولي جون لاتعداد واڌايون هجن.

افسوس اهو اٿم ته هيل تائين سنڌي ٻولي کي سرڪاري سطح تي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ملي سگهيو آهي. جيڪو سراسر هن قوم ۽ ٻولي تي راتاهو آهي. ها پر هتي جيڪڏهن پوري قوم هڪ آواز بڻجي اٿي پوي ته ٻولي سان گڏ هر مسئلو حل ٿي سگهي ٿو ۽ هر حق ملي سگهي ٿو. ڇو ته ڀنڀور کان سنگهر تائين اڪيلي سر سسئي سفر ڪري سگهي ٿي، سهڻي رات جي پهر ۾ درياهه پار ڪري سگهي ٿي، مومل ماٿيلي کان عمرڪوٽ اچي سگهي ٿي. مارئي عمر جي ڪوٽ ۽ قيد منجهان واپس اباڻن ڏي وڃي سگهي ٿي. ليلان وري چنيسر کي پرچائي سگهي ٿي، مورڙو مانگر کي ماري ڀائرن جو پلاند ڪري سگهي ٿو ته پوءِ هي هيڏي ساري قوم رڳو دانهن ڪوڪن واڪن تائين محدود ڇو؟

اچو ته

سنڌي سکون

سنڌي ڳالهايون

سنڌي لکون

سنڌي پڙهون

غير سنڌين سان به سنڌي ڳالهايون

۽ ايئن سنڌ جو

ماضي

حال

مستقبل

بچايون

ها اچو اٿو وڌو ووڙيو وڙهو مرو ماريو پر پاڻ کي بچايو نه ته پوءِ اوهان ماريا ۽ ميساريا ويندا ۽ بنا ڪتبي واري قبر جيان اوهان جي ڪا اهميت نه رهندي پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اوهان جاکوڙ ڪندا. بغاوت جا گل پوکيندا. انقلاب سان سامهون ايندڙ قوتن سان جنگ جوٽيندا باقي جي هن چوسٽي وانگر رهيا ته پوءِ توهان جو توهان جي ڌرتي جو توهان جي ٻولي جو توهان جي آئيندي جو الله ئي حافظ آهي.

هي به اثاثو هو به اثاثو اثاثن جا هتي ڍڳ

اثاثا محدود اثاثن تائين سنڌ ۾ ڌارين وڳ

سنڌي قوم قبيلا قبيلا ننڌڻڪن جان ندوري

اثاثن وٽ نه ايڪو  آ دشمنن  سڃاتي  رڳ

هتي وڏا شاعر، مها اديب، مهان ڏاها، دانشور ، نالي چڙهيا قوم پرست، نام نهاد سياستدان، قبيلن جا دبنگ چيف سردار وغيره سڀ اثاثا آهن. باقي اسان سنڌي قوم کان وڌيڪ قبيلن يا برادرين ۽ انهن جي اتحادن کي ترجيح ڏيندا آهيون. ايتري قدر جو قبيلن کي به قوم چوندا آهيون.

سو سنڌي قوم تي افسوس ڪجي يا ماتم

هاڻي جيڪڏهن اسان اڃا به قبيلائيت سرداريت ۽ گروپيت جي گاڏي ۾ سفر ڪندا رهياسون ته پوءِ اسان جي منزل اونداهي تباهي ۽ غلامي هوندي. جڏهن ته غلامي کان وڌيڪ ٻي ڪا گندي گار پيدا ئي نه ٿي آهي. سو اچو ته تضاد ۽ ويڇا ختم ڪري مڙي مٺ ٿيون هڪ سگهاري قوت کي جنم ڏيون ان ۾ اسان جو مستقبل ۽ اجالو آهي .