فيصل آباد: شادي کان انڪار تي نوجوان ناري تي تشدد، تذليل، وڊيو وائرل

0
276
فيصل آباد: شادي کان

فيصل آباد: فيصل آباد ۾ شادي کان انڪار تي نوجوان ڇوڪري سان انسانيت سوز سلوڪ ڪيو ويو، ڇوڪري تي تشدد جي وڊيو منظر عام تي اچي وئي آھي، وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ ڇوڪري کي تشدد بعد جوتا چٽرايا ويا آھن

پوليس وڊيو سامھون اچڻ بعد ڇوڪري تي تشدد جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ڇوڪري جو چوڻ آھي تھ ھُن جي دوست جو والد شادي لاءِ دٻاءُ وجھي رھيو ھو، انڪار تي تشدد ڪيو ويو

ڇوڪري جو چوڻ ھو تھ مٿي جا وار، ڀرون ڪتريا ويا ۽ جوتا چٽڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڇوڪري موجب ھن کي جنسي ھراسان بھ ڪيو ويو ۽ وڊيوز بھ ٺاھيون ويون

پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ مرڪزي جوابدار سوڌو 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

جاتي ۾ گينگ ريپ جو شڪار ناري جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيا، ريلي

گهوٽڪي واسڻ ناري جو نوجوان مٿان لڄ لٽڻ جي ڪوشش جو الزام