ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات، رستن تي پاڻي بيھجي ويو

0
418
ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات
ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات، رستن تي پاڻي بيھجي ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات جاري آھي، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف  علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي  هلڪي برسات جاري آھي

ملير،گلشن حديد، گهگهر ڦاٽڪ، اسٽيل  ٽائون، ڪاٺوڙ، نوري آباد، ٿاڻو بولاخان،  حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ وسڪارو پيو

خيرپور، مٽياري ،گهوٽڪي، ڪشمور، ٻانڌي، گلاب لغاري، اڪري چودڳي، دوڙ، ڪوٽ لالو ۽ مورو  ۾ به برسات پئي

ڏهرڪي، جروار،عادلپور، ڪي ٽي بندر،  حيات پتافي، ٺل، ميرپور ٻرڙو، ٺٽو ،  جنگشاهي، جمهپير، ڳاڙهو ۾ برسات جاري آھي

لاڙ ۾ برساتن سبب  ٺٽي ۽ سجاول جي ساحلي پٽي سخت متاثر ٿي آھي،  ميرپورساڪرو، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، جاتي ۽ شاهه بندر تعلقن ۾ تباهي آئي آھي

ٺٽي ضلعي ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان وسڪارا،بچاءَ بندن کي گهارا پيا آھن، برسات سبب مختلف شھرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو، شھرين کي پريشانين جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي

موسميات کاتي موب  سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات ٽنڊي  ڄام ۾ 129 ملي ميٽر برسات  رڪارڊ ٿي، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، مريد شاخ،  ٽنڊو باگو، پليجاڻي، وڳڻ، ميرو  خان، گهوڙا ٻاري ۾ به برسات پئي

قمبر، مورو، لاڙڪاڻي سميت مختلف  شهرن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو،  شهري سخت پريشاني جو شڪار رھيا

ھي به پڙھندا

سنڌ ۽ بلوچستان جا اهم شهر سمنڊ ۾ ٻڏڻ وارا آهن: موسمياتي تبديلي وارو سيڪريٽري

پاڪ نيوي سمنڊ ۾ 9 ڀارتي مهاڻن کي بچائي ورتو