جاتي ۾ گينگ ريپ جو شڪار ناري جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيا، ريلي

0
244
جاتي ۾ گينگ ريپ جو شڪار ناري جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيا، ريلي
جاتي ۾ گينگ ريپ جو شڪار ناري جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيا، ريلي

جاتي (رپورٽر) جاتي ۾ 15 ڏينهن اڳ 13 ورھين جي نينگري کي اغوا ڪري  جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي، جسقم شهرين ۽ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي

ايس ٽي پي اڳواڻ اشرف ٿهيم،ٽائون جي وارڊ نمبر ٻه جي اميدوار وفا حسين شاه،عادل لغاري،علي ورث شاه جي اڳواڻي ۾ سوين شهرين ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ 13 ورھين جي نينگري ڪلثوم ٽالپر سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار پوليس جي نااھلي سبب گرفتار نه ٿي سگهيا آهن

مظاھرين وڌيڪ چيو تھ نياڻي سان انصاف نه ٿيو آهي ضلعي پوليس کان جوابدار ڏاڍا آهن

ھي به پڙھندا

سرحد ۾ پسند جي شادي بعد گم ٿيل ناري کي پوليس ھٿ ڪري ورتو، تشدد جون دانھون

 

جاتي: جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل متاثر نينگري وٽ ايم اين اي اياز شاھ شيرازي پھتو