سرحد ۾ پسند جي شادي بعد گم ٿيل ناري کي پوليس ھٿ ڪري ورتو، تشدد جون دانھون

0
202
ملير: گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان عورت سان مبينا اجتماعي زيادتي، 2 جوابدار گرفتار
ملير: گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان عورت سان مبينا اجتماعي زيادتي، 2 جوابدار گرفتار

سرحد (رپورٽر) سرحد ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ ڪچي جي علائقي نانگ واھ جي نوجوان ناري سعديه چاچڙ کي  ڳوٺ باهو چاچڙ مان  پوليس  هٿ ڪري ورتو آھي، ناري مٿان تشدد ٿيل آھي

ناري سعديه چاچڙ ڪجهه وقت پهريان برادري جي نوجوان زاهد چاچڙ سان پسند جي شادي ڪئي هئي، ناري سعديه چاچڙ کي راڄوڻي ذريعي واپس ڪرائي الله ورايو چاچڙ سان شادي ڪرائي وئي هئيسرحد ۾ پسند جي شادي

پوليس موجب ناري سعديه چاچڙ پوليس هليپ لائن تي فون ڪري تحفظ جي اپيل ڪئي، پوليس ناري کي سرحد ٿاڻي تي آڻي لڪائي ڇڏيو، پوليس پاران معاملو ميڊيا کان به لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ناري سعديه چاچڙ موجب مونکي زبردستي پهرين مڙس زاهد چاچڙ کان جدا ڪري الله ورايو سان پرڻايو ويو تشدد کان تنگ ٿي نڪتي آھيان تحفظ فراهم ڪيو وڃي

سرحد پوليس موجب ناري ھراسيل آھي کيس سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪري بيان رڪارڊ ڪيو ويندو، ذريعن موجب پوليس مبينه ڊيل عيوض ناري مٿان دٻاء وجهي کيس واپس موڪلڻ چاهي ٿي

ناري سعديه چاچڙ پاران دار الامان موڪلي، پهرين مڙس حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

اغوا ناهيان ٿي، پسند جي شادي ڪئي اٿم: دعا ميمڻ

ڪنري: پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جي ڀاءُ جو قتل: 3 ڄڻن جي گرفتاري ظاھر