سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي ھلڪي برسات جاري

0
212
سنڌ جي مختلف شھرن

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري، باڊهه، باقراڻي، سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ڪٿي هلڪو ته ڪٿي تيز وسڪارو جاري آھي

ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات بعد نئيون تار وهي آيون، ٽنڊو رحيم، واهي پانڌي، هيرو خان، ڇِني ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات پئي

جوھي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيل آھي، موسميات کاتي چيو آهي ته چوماسي جو هڪ نئون سسٽم سڀاڻي سنڌ تي اثرانداز ٿيندو24 گھنٹوں کے دوران مطلع جزوی ابرآلود رہنے اور وقفے وقفے سے ہلکی سےمعتدل بارش کا امکان ہے: محکمہ موسمیات/ فائل فوٹو

ڪراچي ۾ سڀاڻي کان 18 آگسٽ تائين گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي، حيدرآباد، بدين، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، سکر، بدين ۽ ڄامشورو ۾ برسات جاري رهڻ جا امڪان آھن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ برسات دوران هيل تائين 47 ٻارن سوڌو 93 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن: وڏو وزير

ڪراچي ۾ برسات جي معاملي کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: وڏو وزير

برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ چئني صوبن جي حڪومتن کي خط