سنڌ ۾ برسات دوران هيل تائين 47 ٻارن سوڌو 93 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن: وڏو وزير

0
226
ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ سان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ اندر برساتن سبب آيل تباهي جي جائزي لاءِ اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان بابت بريفنگ ڏني آھي

 وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آهي ته سنڌ جي سمورن شهرن ۾ هيل تائين ٽن اسپيلز ۾ چوماسي جون برساتون پيون آهن، برسات دوران هيل تائين 47 ٻارن سوڌو 93 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهنڪراچي ۾ اڄ سڄو ڏينهن

اجلاس ۾ بريفنگ دوران وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته  صوبي ۾ مختلف شهرن کي ڳنڍيندڙ رستا 388 ڪلوميٽرز تائين بدترين متاثر ٿيا، 89 هزار 213 ايڪڙن تي بيٺل فصلن کي نقصان ٿيو آهي، 2 هزار 807 گهر طور ڊهي پيا

ھن چيو تھ  سنڌ جي برسات متاثر علائقن ۾ رليف ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، برسات متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو اٿئون، وفاقي سرڪار زرعي ترقياتي بئنڪ کي هدايت ڪري ته آفت سٽيل علائقن ۾ هڪ سال لاءِ زرعي قرض جي اوڳاڙي ملتوي ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري، گھر ڊھي پيا، مختلف شھرن ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيو