ڪراچي ۾ برسات جي معاملي کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: وڏو وزير

0
200
توشا خانه جي چور کي ڪراچي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ ڪراچي ۾ برسات جي معاملي کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا ڪراچي ۾ ڀرپور ڪم ڪيو، تصديق سان چوان ٿو ته برسات جي ٻئي ڏينهن شهر ۾ پاڻي نيڪال ٿي ويو هو

موسمي تبديلي سبب گهڻيون برساتون پيون، گهٽ وقت ۾ گهڻي برسات پوڻ سبب نظام متاثر ٿيو، عيد ڏهاڙن ۾ برسات پوڻ سبب گهڻي پريشاني ٿي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تھ پي ٽي آءِ جي 14 ايم اين ايز ٽي وي تي اچي ڪوڙ ڳالهايو، توشا خانه جي چور کي ڪراچي جي ڳڻتي ورائي وئي، توشا خانه مان چوري هو ڪري، الزام اسان تي هڻي ٿو

مراد علي شاھ چيو تھ ڪي فور عمران خان پاڻ بند ڪرايو، منٽس موجود آهن، اليڪشن ويجهو آهي، ان ڪري تنقيد ڪئي پئي وڃي، ٽي وي پروگرام ۾ غلط بياني ڪئي وئي

ھن چيو تھ چيو ويو ته 48 ڪلاڪن کان پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، ميڊيا به پراڻي دور جون برساتي وڊيو ڪلپس ڏيکاريون، 10جولاءِ تي ڪراچي ۾ ڪنهن به روڊ تي پاڻي نه هو

واويلا ڪئي وئي ته ڪراچي شهر ٻڏي ويو، ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال  ڪري ڇڏيو، صرف اولڊ سٽي ايريا ۾ پاڻي بيٺل آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن کان چار ڏينھن ۾ تيز برساتن جو امڪان، شھري ٻوڏ جو خطرو