لاڙڪاڻو: نئين ديري ۾ چوري جي الزام ھيٺ نوجوان تي تشدد، وڊيو وائرل

0
180
لاڙڪاڻو: نئين ديري ۾ چوري

لاڙڪاڻو: نئين ديري اسٽيشن روڊ تي چھواڻ مسجد وٽ ريلوي پٽڙي جو لوھ چوري الزام هيٺ بااثرن پاران سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمئنٽ جي ننڍي ملازم مٿان سري عام تشدد ڪيو ويو، ويڊيو وائرل ٿي وئي

 وڊيو ۾ بااثر هوٽل اندر ننڍي ملازم مٿان تشدد ڪري رهيو آھي تشدد بعد نوجوان کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، تشدد بڻيل ملازم محبوب ابڙو چئي رهيو آھي ته مان سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمئنٽ ننڍو ملازم آھيان

ھن چيو تھ مون مٿان  چوري جو الزام لڳائي تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آھي، هن اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪرائي با اثرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو