برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ چئني صوبن جي حڪومتن کي خط

0
291
برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ
برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ چئني صوبن جي حڪومتن کي خط

وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلستان جي حڪومتن کي خط لکيو ويو آهي
وفاقي رليف ڪميٽي جي سربراهه وفاقي وزير احسن اقبال خط ۾ لکيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته متاثر علائقن ۽ عوام جي مدد لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي
خط ۾ چيو ويو آهي ته متاثرن جي بحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، خط ۾ احسن اقبال چئني صوبن جي وڏن وزيرن کان ملاقاتن جو وقت به گهري ورتو