سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پنجاب ۽ بلوچستان پوليس کان مدد وٺڻ جو اعلان

0
400

ڪراچي: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضرورت پوڻ تي بلوچستان ۽ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي

مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هو، سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر نه ٿيا آهن، جيڪا اسان جي ڪاميابي آهي

Rajanpur operation: 'Police suffered losses due to lack of planning by high-ups' - Pakistan - DAWN.COM

هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جتي گنجائش آهي اُتي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون

مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيو ويندو، ضرورت پوڻ تي سنڌ پوليس سان گڏ پنجاب ۽ بلوچستان پوليس کان به مدد ورتي ويندي

ھي به پڙھندا

ايس ايس پي گهوٽڪي جي آپريشن جي اعلان جو رد عمل: ڌاڙيلن ٻن مغوين جي وڊيوز جاري ڪري ڇڏي

پاڪ ڪتاب جو واسطو اٿئو، منشيات فروشن کان منٿلي نه وٺجو: باڊهه ۾ پوليس اهلڪارن کي حلف کڻائڻ واري وڊيو وائرل