ايس ايس پي گهوٽڪي جي آپريشن جي اعلان جو رد عمل: ڌاڙيلن ٻن مغوين جي وڊيوز جاري ڪري ڇڏي

0
292
ايس ايس پي گهوٽڪي

گهوٽڪي: ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو طرفان ڪچي ۾ آپريشن جي اعلان کانپوءِ ڌاڙيل سرگرم ٿي ويا آهن، اغوا ٿيل ٻن مغوين جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڌاڙيلن کي مغوين مٿان تشدد ڪندي به ڏسجي سگهجي ٿو

ڪيترائي ئي اغوا ٿيل مغوي ڪچي جي آدم جي ٻنڊي ۾ بدنام ڌاڙيل عبدالقادر جاگيراڻي ۽ رائونتي جي ڪچي ۾ راحب شر وٽ قيد ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ٽائيم نيوز کي هٿ آيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل پنجاب جي شهر گجرانوالا واسي عمران احمد ۽ ڪراچي واسي عبدالله کي عورتاڻي آواز ۾ گهرائي اغوا ڪرڻ بعد زنجيرن سان ٻڌي تشدد ڪري ٻنهي مغوين کان 45 لک روپيا ڀنگ طلب ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن

زنجيرن ۾ جڪڙيل مغوي وارثن کي ڀنگ جا پئسا 45 لک روپيا ڀري ڏيڻ لاءِ ايلاز ڪريا رهيا آهن، ڀنگ جا پئسا نه ڏيڻ تي ڌاڙيلن پاران قتل ڪري لاش درياءَ ۾ لوڙهڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني وئي آهي

ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو ٽائيم نيوز کي انٽرويو ڏيڻ بعد ڌاڙيلن پوليس کي للڪاريندي چيو آهي ته اسان وٽ ڪيترائي مغوي قيد آهن،  پوليس اسان تائين پهچي به نٿي سگهي ڀل زور آزمائي ڏسي

ھي به پڙھندا

اغوا ڄاڻايل ماسترياڻي بازياب، اهم انڪشاف