جاتي: جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل متاثر نينگري وٽ ايم اين اي اياز شاھ شيرازي پھتو

0
331
جاتي: جنسي زيادتي جو نشانو

جاتي (رپورٽر) جاتي ۾ نينگري ڪلثوم ٽالپر سان ٿيل جنسي ڏاڍائي جون خبرون ٽائم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد تڪ جو ايم اين اي اياز شاه شيرازي جاڳي پيو، متاثره نينگري وٽ پهچي کيس انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آھي

 مبينا طور اغوا بعد  گينگ ريپ جو شڪار ٿيل 13 سالا نينگري ڪلثوم ٽالپر وٽ گهر تڪ جو ايم اين اي اياز شاه شيرازي پهتو، ڏاڍائي جو شڪار ٿيل نينگري ڪلثوم ٽالپر ۽ سندس پئُ شاهنواز ٽالپر کان تفصيل ورتا

ھي به پڙھندا

خيرپور ۾ ٽن نارين پاران پيءُ تي جنسي زيادتي جا سنگين الزام

ايم اين اي اياز شاھ شيرازي جو چوڻ ھو تھ نياڻي سان انتهائي ظلم ٿيو آهي، واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتا ڪرايا ويندا، سڀاڻي ايس ايس پي سجاول سان متاثر نياڻي سان گڏ ملاقات ڪري جوابدارن جي گرفتاري چوندس، اياز شاھ شيرازي اعلان ڪيو تھ ڏاڍائي جو شڪار ٿيل نينگري جو اعلاج آئون پنهنجي خرچ مان ڪرايان ٿو

ايم اين اي جو چوڻ ھو تھ نياڻي جي زندگي تباھ ڪندڙ جوابدارن کي ڪڏهن به بخش نه ڪب، اسان متاثر نياڻي جي خاندان سان هر وقت گڏ آهيون

ھي به پڙھندا

جاتي ۾ نينگري سان گينگ ريپ جي تصديق، وارثن کي ڌمڪيون