جاتي ۾ نينگري سان گينگ ريپ جي تصديق، وارثن کي ڌمڪيون

0
299
جاتي ۾ نينگر سان گينگ ريپ جي تصديق، وارثن کي ڌمڪيون
جاتي ۾ نينگر سان گينگ ريپ جي تصديق، وارثن کي ڌمڪيون

جاتي ۾ نينگري سان گينگ ريپ(اجتماعي زيادتي) جي تصديق ٿي وئي آهي، سول اسپتال جي شروعاتي رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته نينگري کي وحشت جو نشانو بڻايو ويو

13ورهين جي (ڪ-ٽ) الزام هنيو آهي ته جوابدار علي رضا ڪنڀار ۽ ٻين 10 ڏينهن تائين لاڳيتو جنسي ڏاڍائي ڪئي، ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي، جوابدار اڃا تائين آزاد آهن

نينگري دانهيو ته جوابدار بااثر آهن، مامرو لئه مٽي نه ڪرڻ جي صورت ۾ مونکي ۽ منهنجي پيءُ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، شڪايت باوجود پوليس ڪجهه ناهي ڪيو

نينگري مطالبو ڪيو آهي ته کيس اغوا ڪري سندس زندگي زهر بڻائي وئي، نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي