ابراهيم حيدري جي ناکئي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ چيني شهري کي بچائي ورتو

0
646
ابراهيم حيدري جي ناکئي

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) ڪراچي جَي علائقي ابراهيم حيدري سان واسطو رکندڙ ناکئي حاجي عبدالله اونهي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ چيني شهري کي بچائي ورتو آهي

ناکئي عبدالله موجب ڦٽي ڪريڪ وٽ هوڙي تي مڇي جو شڪار ڪري رهيا هئا سين ته اوچتو نظر پئي ته هڪ همراهه سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو آهي، جنهن کي فوري طور بچائي لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڪيو

ناکئو ٻڌائي ٿو ته عديل ڄاموٽ ۽ حيدر علي ڄاموٽ کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد ايف سي ايس جي ٽيم پهتي، چيني شهرين سندن حوالي ڪيو آهي

ٻئي پاسي ناکئي جي بهادري ۽ انسانيت دوست رويي کي خوب ساراهيو پيو وڃي