پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

0
277
پي ٽي آٰءِ اڳواڻ شھباز گل

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي، اڄ 3 وڳي فيصلو ٻڌايو ويندو

 ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته شهباز گِل کان رڳو ڊيٽا حاصل ناهي ڪرڻي، ڪيس جي مختلف رُخن ۾ جاچ ڪرڻي آهي

Shahbaz Gill challenges sedition case filed against him in IHC

پراسيڪيوٽر موجب رڳو ڊيٽا جي ڳالهه هجي ها ته جسماني رمانڊ جي حمايت نه ڪريون ها، شهباز گِل جي وڪيل طرفان رمانڊ جي مخالفت ڪئي وئي آھي

پي ٽي آءِ طرفان شهباز گِل تي مبينا تشدد جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبوپي ٽي آءِ قيادت شهباز گِل

ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ طرفان شهباز گِل تي مبينا تشدد جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز گِل کي کنڀڻ بعد بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ان معاملي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي

فواد چوڌري موجب شهباز گِل کي تشدد لاءِ پوليس حوالي نٿو ڪري سگهجي، ججز انصاف ۽ بُنيادي حقن جي تحفظ لاءِ هوندا آهن، اُميد ته عدالت شهباز گِل کي پوليس حوالي نه ڪندي

ھي به پڙھندا

منهنجي ۽ جنرل فيض جي ملاقاتن بابت ڄاڻ لاءِ شهباز گل تي تشدد پيا ڪن، آرمي چيف سان هاڻ رابطو ناهي: عمران

ڪراچي: حليم عادل شيخ ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار