غيرسياسي ادارن کي سياست ۾ ڌڪڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي

0
207
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سياست هونءَ ته ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو نالو آهي. هي اهو عمل آهي جنهن سان ڪو به ماڻهو مڪاني ادارن کان وٺي ملڪي سطح تائين اقتدار ۾ ايندو آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ هن مقدس ڪم کي به ٻين سمورن ڪمن جيان پنهنجي نااهلي، ناڪامي ۽ مفادپرستي سان ايترو ته بدنام ڪيو ويو آهي جو هاڻ ته سياست لفظ گٿو لفظ بڻجي ويو آهي ۽ ان جي حوالي سان چوڻيون ۽ پهاڪا جڙي چڪا آهن. سياست جو مقصد ٺڳي، دوکيبازي ورتو ويندو آهي ۽ سياستدان معنيٰ اهو شخص جيڪو ٺڳي ڪندو هجي، ماڻهن کي دوکو ڏيندو هجي، ماڻهن کي آسري  ۾ رهائيندو هجي. ماڻهن سان واعدو ڪري اهو نه پاڙيندو هجي، ان ڪري هي سياست لفظ به بدقسمتي جو شڪار ٿي ويو آهي جو ڪو به عقلمند ماڻهو سياست ڪرڻ يا سياستدان ٿيڻ چاهي ئي نه ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن ملڪ ۾ هر ادارو پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جي اپيل ڪندو رهي ٿو. اسان جي ملڪ جي فوج جو ادارو ته پاڻ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو سو ٿيو پر هاڻ اسان کي سياست ۾ نه گهليو وڇي ۽ نه ئي اسان سياست ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. ان سان گڏ ملڪ جو ٻيو ادارو عدليا به پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ هي ٻئي ادارا سياست ۾ ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن ۽ سياسي جوڙ توڙ جو حصو رهيا آهن پر هاڻ اهي چاهين ٿا ته ادارن کي ان سموري عمل کان پري رکيو وڃي. اها سٺي ڳالهه به آهي ۽خواهش ڪري سگهجي ٿي ته ٻئي ادارا پنهنجي ان خواهش تي مڪمل طور تي عمل به ڪندا ۽ ڪنهن جو سهولتڪار نه بڻجندا.

سپريم ڪورٽ اهڙو هڪ فيصلو ڪالهه ڏنو آهي ته احتجاج يا لانگ مارچ سياسي فيصلا آهن انهن جو سياسي حل ڪيو وڃي. اهو فيصلو چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ حڪومتي اتحادي پارٽي جي سينيٽر جي عمران خان جي لانگ مارچ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪيو ويو. ان موقعي تي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن جو سياسي حل ٿي سگهي ٿو ۽ عدالت سياسي معاملن ۾ تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي. عدالت سوال ڪيو ته ڇا لانگ مارچ لاءِ ڪا جاءِ مقرر ڪئي وئي هئي؟ انتظاميا کان پڇاڻو ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته انتظاميا کي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي لاءِ پي ٽي آءِ جو خط مليو، انتظاميا پي ٽي آءِ کان تاريخ، وقت ۽ جاءِ جو پڇيو جنهن جو جواب نه ڏنو ويو. وزيرآباد واقعي کان اڳ پي ٽي آءِ رتوڇاڻ جون ڳالهيون ڪيون. چيف جسٽس چيو ته لانگ مارچ جهڙن مسئلن ۾ مداخلت ڪرڻ سان عدالت لاءِ عجيب صورتحال بڻجي ويندي احتجاج جو حق لامحدود نه پر آئيني حدن سان ٻڌل آهي، جيڪڏهن واضح طور تي آئيني ڀڃڪڙين جو خطرو هجي ته عدالت مداخلت ڪندي. اسان سمجهي سگهون ٿا ته هاڻوڪي صورتحال جي ڪري پريشان آهيو، ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه پر امن امان چاهيو ٿا، پر اهڙو حڪم ڏيڻ نٿا چاهيون جيڪو وقت کان اڳ هجي ۽ ان تي عمل به نه ٿئي. ان بعد عدالت درخواست اڻ اثرائتي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي. اسان سمجهون ٿا ته هاڻ سياسي پارٽين کي به سمجهي وڃڻ گهرجي ته ادارا پاڻ کي پري رکڻ چاهين ٿا ان ڪري حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي عدالتي ۽ فوجي ٻنهي ادارن مان اميدون ڇڏي ان عوام ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪو اصل ۾ ئي حڪمران بڻائڻ جي طاقت رکي ٿو.جيڪڏهن عوام کي سياستدان خوش رکندا ته عوام کين هر اها مدد فراهم ڪندو جنهن جي هنن کي اقتدار ۾ هوندي ضرورت پوندي آهي. پر جيڪڏهن عوام کي هنن سهولتون نه ڏنيون ته پوءِ کين سدائين اقتدار ۾ اچڻ لاءِ چور دروازا ئي ڳولڻا پوندا.