پاڪستاني خزانو لٽيندڙن جو احتساب ڪير ڪندو؟

پاڪستان کي قائم ٿئي 75 سال گذري چڪا آهن ۽ انهن سالن اندر ڏينهون ڏينهن ملڪ قرضن ۾ ٻڏندو ٿو وڃي. جيڪي به حڪمران اچن ٿا قرض لاهڻ ته ٺھيو مورڳو مختلف ملڪن کان قرض وٺي اڃا به ويتر قرضي ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجي فرضن ۾ شمار ڪري باقاعدگي سان اهو ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهندا آهن. جڏهن ته مختلف مدن ۾ ملڪ کي مختلف ملڪن کان امداد الڳ ملندي ٿي رهي ته نه ان امداد جو ڪو حساب ڪتاب نه ئي مليل قرضن جو ڪو ليکو چوکو رکيو ٿو وڃي، بس رڳو هڪ ڳالھ هر حڪمران پنهنجي دؤر ۾ شروعات کان هن مهل تائين چوندي ٻڌون ٿا ته اڳين حڪومت خزانو خالي ڪري وئي آهي ۽ هاڻي عوام کي قرباني ڏيڻي پوندي. جڏهن ته عوام پاڪستان ٺھڻ وقت به جانين جو نذرانو ڏنو هو ۽ هر حڪومت جي دؤر ۾ به عوام هرصورت ۾ قربانيون ڏنيون آهن. عوام قربانيون ان آسري ۽ اميد تي ڏيندو ٿو اچي ته من هاڻي ڪا عوام دوست حڪومت اچي ته جيئن اسان جا ڏک سور تڪليفون دور ٿين ۽ اسان سان گڏ اسان جا نوجوان ٻار ٻچا ڪو سک جو ساهه کڻن ۽ اسان جي مستقبل جي معمارن کي ڪو سٺي تعليم، بهتر صحت، روڊن رستن جون سهولتون ملي سگهن ۽ اسان جا نوجوان سڌريل ملڪن جي نوجوانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهن پر بدقسمتي سان اهو اسان پاڪستاني عوام جو خواب هميشه وانگر خواب ئي رهجي ويو آهي ۽ اسان جون حالتون بد کان بدتر ٿينديون ٿيون وڃن. رڳو تازي ملڪي سياست تي نظر ڦيرائبي ۽ سياستدانن جون هڪٻئي سان سياستگريون ڏسنداسين ته هڪ ڳالھ سمجهي سگهون ٿا ته انهن کي رڳو پنهنجا مفاد عزيز آهن. کين عوام جي پريشانين تڪليفن دردن اهنجن جو ڪوبه خيال ناهي. سڀئي حڪمران هڪٻئي کي چور چئي رهيا آهن، هڪڙن تي نيب، ايف آءِ اي سميت مختلف ادارن ۾ ڪيس هلندڙ آهن ته ٻين تي وري ڪيسن جون تياريون پيون ٿين پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪيسن تي اربين روپيا خرچ ته ٿيا پر ڪنهن وٽان عوام جا چورايل پيسا ناهن نڪتا. مطلب ته سياستدان هڪٻئي سان هڪ قسم جي نوراڪشتي راند کيڏڻ ۾ مصروف عمل آهن ۽ اهي جڏهن به جيڏي مهل به چاهين ٿا ته هڪٻئي کي اين آر او ڏئي ٿا ڇڏين ۽ اين آر او ڏيڻ مهل ڪڏهن به نه عوام نه ئي ڪنهن عدالت کان پڇن ٿا، ان ڪري عوام هاڻي هنن خودغرض لالچي قسم جي حڪمرانن مان سخت بيزار ٿي لڳي ۽ عوام جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڪا اهڙي عوام دوست حڪمرانن تي مشتمل حڪومت اچي جيڪا واقعي به هڪ بيرحم احتساب ڪري ۽ بنا ڪنهن پارٽي بازي جي سڀني ڪرپٽ سياستدانن سميت آفيسرن جو اهڙو سخت احتساب ڪري ۽ انهن وٽان عوام جا چوري ٿيل سڀ پيسا واپس ڪرائي خزاني ۾ جمع ڪرائي ۽ چورن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ واپس ڪرايل انهن ئي پئسن مان مختلف ملڪن ادارن کان کنيل قرض واپس ڪيا وڃن ته جيئن اسان جو ملڪ قرضن مان آزاد ٿي وڃي.

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر

ٻه سڳا ڀائر ڏُک ۽ سُک

زندگي ۾ قدرت طرفان ملندڙ غم ۽ خوشيون درياهه جي ٻن ڪنارن وانگر يا رات ۽ ڏينهن وانگر آهن. جيڪي لڳاتار ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين پروردگار يا جيجل ماءُ جيان وفادار ۽ سچا رشتا يا پھلو آهن. جن کانسواءِ زندگي بي مزي بنا لوڻ جي ماني جھڙي محسوس ٿيندي آهي. حقيقت ۾ زندگي ۾ ملندڙ ڏُک ئي آهن جيڪي انسان کي مضبوط بڻآءِن ٿا. تڏهن ته اکڙيون ويچاريون خوشي ۽ غم ٻنهي جي شدت جي صورت ۾ سانوڻي مينهن جيان وسي پونديون آهن. الآءِ ته ڪھڙي انهن اکڙين ۾ قدرت طرفان رمز رکيل آهي. اهو مالڪ پاڻ ڄاڻي! باقي ڪجھه قدر حقيقت وڏڙن جي هن پھاڪي مان محسوس ڪري سگھجي ٿي ، ”اکيون غم يا خوشي جي آمد کان پھريان ئي ڦڙڪي پونديون آهن“.

تڏهن ته ڪنهن شاعر ڪيڏو نه خوب لکيو آهي:-

پی جا ایام کی سختی کو ہنس کے ناصر،

غم کو سہنے میں بھی قدرت نے مزہ رکھا ہے.

محمد يونس علياڻي/ روشن آباد

سيڪريٽري تعليم ڏانهن خط

سيبا ٽيسٽنگ سروس جي ورتل ٽيسٽ کي سال کان وڌيڪ عرصو  گذري چڪو آهي. مختلف ضلعن ۾ ڀرتي جا ڪٿي هڪ ته ڪٿي ٽي فيز مڪمل ٿي چڪا آهن پر اڃا تائين سيڪريٽري توڙي مقامي جاکوڙيندڙ ماڻهن پاران هزارين خالي سيٽن جون خبرون ٻڌندا پيا اچون. ٻي طرف ايجوڪيشن جا هيٺيان ڪامورا اڄ تائين سيٽون ظاهر ڪرڻ کان قاصر آهن. ٽنڊوالهيار جي تعلقه چمبڙ ۾  اڃا به سيڪڙو کن سيٽون خالي آهن جنهن ۾ مختلف ڪيمپس اسڪولن ۾ جتي پنجن کان ڇهن استادن جي ضرورت آهي اتي صرف هڪ يا ٻه استاد پڙهائي رهيا آهن،يوسي ۽ ڳوٺ نصير خان لغاري جو اسڪول به انهن مان هڪ آهي ۽ مختلف وڏن ڳوٺن ۾ جتي شاگردن جو تعداد سئو کان به مٿي آهي اتي به صرف هڪ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي. ڪجهه اسڪول ٻي فيز ۾ به کلي نه   سگهيا آهن جنهن ۾  تعلقي چبمڙ جا ڪافي اسڪول بند پيل آھن. جڏهن ته ويٽنگ وارا سوين اميدوار مايوسي جو شڪار آهن انهن لا ڪنهن به واضح پاليسي جو اعلان ناهي ٿيو.

اسماعيل اوٺو/چمبڙ

نئين آرمي چيف جي مقرري ڪرڻ وارو فيصلو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اهو عهدو جنرل راحيل شريف جي رٽائرمنٽ بعد سنڀاليو. هاڻي آرمي چيف پنهنجون الوداعي ملاقاتون ڪري رهيو آهي ۽ هو رٽارئر ٿيندو. ڳالهه اها آهي ته ايندڙ نئون آرمي چيف ڪير هوندو؟ جيڪو فيصلو حڪومت وقت ڪندي ۽ جنهن جو نالو آرمي چيف جي مقرري واري نوٽيفڪيشن کانپوءِ سڀني جي سامهون هوندو. لنڊن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي تازو ملاقات آرمي چيف جي مقرري واري فيصلي ڪرڻ جي حوالي سان هئي. هن وقت لڳي ائين رهيو آهي ته نئون آرمي چيف ڪير هوندو؟ ان ڳالهه جو فيصلو نواز شريف ڪري چڪو هوندو. پي ڊي ايم ۾ موجود سڀ پارٽيون واضح ڪري چڪيون آهن ته اهو وزيراعظم جو صوابديدي اختيار آهي جيڪو آرمي چيف جو انتخاب عمل ۾ آڻيندو. ماضي طرف اگر نظر ڦيرائجي ته نواز شريف بطور وزيراعظم اٺن آرمي چيفس سان گڏ ڪم ڪيو. سڀني سان ان جا تعلقات انتهائي ڪشيده رهيا جن مان گهٽ ۾ گهٽ 5 چيفس ته خود ان لڳايا. جڏهن ته ٻن جي تقرري ۾ اهو سابق صدر غلام اسحاق خان سان گڏ مشاورت جو حصو رهيو. اهو اتفاق آهي ته اٺن ئي آرمي چيف سان گڏ ان جي تعلقات ۾ بگاڙ رهيو. ٽي دفعا ان جي حڪومت کي بيدخل ڪيو ويو ۽ هڪ آرمي چيف کان ان استعيفى ورتي. جڏهن آرمي چيف لڳائڻ ان جو اختيار نه هو تڏهن به اهو پنهنجي مرضي جو آرمي چيف لڳائڻ چاهيندو هو. جڏهن ان وٽ اختيار آيو جنهن ان جو استعمال ڪيو ۽ هاڻي هڪ دفعو ٻيهر هو پنهنجي مرضي جو آرمي چيف ڳولهي رهيو آهي. ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي آرمي اهو واحد ادارو آهي جنهن هميشه ملڪ جي حفاظت سان گڏ هن مهل تائين وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اهو ادارو ملڪ ۾ ساک ۽ بلند وقار وارو ادارو آهي. فوج هڪ حقيقت آهي ۽ ملڪ جي عوام وٽ اداري جو وقار بلند آهي. ان جو سربراهه تڪراري نه هجڻ گهرجي.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

سنڌ ۾ پرديسي پکين جي شڪارتي پابندي ھجڻ گھرجي

سنڌ جي ريگستاني پٽي ۾ مختلف نسلن جي مسافر پکين جي شڪار تي بندش ڇو نٿي وڌي پئي وڃي؟ بندوق جي نوڪ سان ڪيترن پکين جو شڪارڪو اڄ ڪلھ کان نٿو ڪيو پيو وڃي. انهي تاريخ ۾ وڃبو ته قصو گھڻو ٿي ويندو پرھاڻي تازو ئي عرب شھزادن کي جيڪي شڪارڪرڻ جي اجازت يعني پرمنٽون ڏنيون ويون آھن يا وري مقامي وڏيرا ۽ ڀوتار سنڌ جي ڪچي جي جھنگلن ۾ شڪارڪري پکين کي ماري پاڻ سرخروٿي سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ڪرڻ تي فخرمحسوس ڪندي ڏٺا ويندا آھن اھي ايڏا طاقتورآھن يا وري قانون انهن تائين نٿو پھچي. انهي جا ٻيا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا؟ ڇوته سنڌ جو جنهگلي جيوت کاتو انهن اڳيان بيوس بڻيل آھي. جانورن توڙي پکين جو شڪارڪندڙماڻھو ھميشه وانگر مسافر پکين جو شڪارڪندا آھن. سنڌ جي جھنگلن ۾ پکين ۾ آڙي، ڪونج، تلور۽ تترن جو شڪار ڪيو ويندو آھي جيڪي ھن وقت ناياب بڻجي ويا آھن. جانورن ۾ ھرڻ، ڦاڙھي جي شڪار ڪرڻ سان عرب يا وري انهن جي اڳ پٺ ڪندڙ وڏيرن ۽ ڀوتارن جا واٺا پھرين تاڙڪري پکي ۽ حلال جانور ويھاري رک ڪري اچي انهن کي اطلاع ڏيندا آھن. پوءِ جن سان علائقي جا ماڻھو ھوندا آھن جيڪي شڪار ڪرائڻ جو ماوضو اڳ ۾ طئي ڪري پوءِ شڪارطرف وٺي ويندا آهن. انهن سڀني ڳالھين جي ٻيلي کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن کي اڳواٽ ڄاڻ ڏني ويندي آھي. اسان جي خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي جي ڪچي جي تڙن تي تترن جو ھن مھل شڪار تيزي سان جاري آھي، جيڪو پکين جو ناياب نسل ختم ٿي رھيو آھي انهي جو ڪير ذميوار ٿي سگھي ٿو؟ اڪثر پوليس جا آفيسر شڪارڪرائڻ ۾ ڀوتارن جا ساٿاري بڻيل رھندا آھن. جن کي وڏيون دعوتون کارائيندا رھن ٿا. ڪيترائي شڪار ڪندڙ ڪامورا پنهنجي ھٿ سان پکين جو شڪار ڪري انهن جو گوشت کائڻ کي وڌيڪ مزي وارو سمجھندا آھن. انهن سڀني ڀوتارن توڙي پوليس آفيسرن لاءِ قانون ننڊ ستل رھي ٿو. ڇو ته ھڪڙا پکي انڍيا کان سفر ڪري سنڌ جي جنهگلن ۾ اچي رھن ٿا جن جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري انهن جانورن توڙي پکين جو قيمتي نسل آھستي آھستي نالو نشان مٽجندو رھي ٿو. سنڌ توڙي جو معيشت ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي ھتي ڪنهن شيءِ جي ڪابھ تڪليف نه ھجڻ باوجود پوءِ بھ اسين ٻاھرين ۽ ڌارين ماڻھن کي وڌيڪ عزت ڏيڻ ۽ ھٿ سان سنڌ اندر پيدا ٿيندڙ ناياب پکين ۽ جانورن کي دشمنن جي ھٿان مارائڻ کي ڇو پسند ڪندا آھيون؟ انهن مسافرپکين توڙي جانورن جي حفاطت ڪرڻ جهنگلي جيوت کاتي جو ڪم آھي ليڪن اھي ھٿ سان رشوت وٺي غيرقانوني شڪار ڪرائڻ جي اجازت يعني پرمنٽون جاري ڪري پکين جي ناياب نسلن جو خاتمو ڪرائي رهيا آهن. جڏھن لکن ۾ پگھارون ملن ٿيون ته اھي جانور ۽ پکين جي شڪارين کي ڇو نٿا روڪي سگھن؟

گل بيگ چانگ/ ضلعو خيرپور

ٻارڙن جو عالمي ڏينهن

هن سال ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ترقي پذير توڙي ترقي يافته ملڪن ۾ موضوع آهي.Equality Inclusion for every child برابري مان مراد برابر، برابر حق، برابر موقعا، برابر ادا، برابر حصا، برابر جو جتن وغيره.

اڄ سڄي سنڌ جو ٻار مختلف مقامي توڙي عالمي سطح جي سوشل ميڊيا جي اثرن جو شڪار آهي. هن ٻار جي ڀيڻ سنڌ جي مادر تعليمي ادارن ۾ پنهنجو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهي آهي. جتي هو پنهنجي ڳوٺ جي گهڻن مونجهارن، سماجي ۽ سياسي تعصب کان باغي ٿي نڪتي آهي. هوءَ پنهنجي ڳوٺ جي ترقي جا خواب ڏسي ٿي. هن ٻار کي پنهنجو وڏو ڀاءُ جيڪو توڙي جو شهر جو آهي پر هو عالمي سطح تي جيڪا سوشل ميڊيا ذريعي نفرت، مارڌاڙ ۽ عدم تشدد توڙي بيراهه روي تي هوا ڏيندي ڏسندي ئي سوچي ٿو. هن ٻار کي ڍڳ ڪتابن جو وڏو سوال ٿو نظر اچي جنهن کي طبقاتي تعليم سڏيو وڃي ٿو. تعليم هن لاءِ طئه ٿيل هڪ جهڙو حق آهي پر سڄي سنڌ اڄ به ان بابت سوال ٿي ڪري شموليت لاءِ سنڌ سدائين احتجاج ڪندي رهي آهي. حيدرآباد، ڪراچي کان ويندي اسلام آباد جي پريس ڪلب تائين، هن ٻار جو اهو پڻ حق آهي ته هو انٽرٽين Entertainٿيندو رهي جتان کيس تعليم ۽ تفريح جا هڪجهڙا موقعا حاصل هجن. سماجي شراڪتداري جيڪا سماج کي ترقي جا بنياد فراهم ڪندي آهي، ان ۾ سندس خاندان کي هڪجهڙا حق حاصل هجن. هي ٻار پنهنجو پاڻ کي غيرمحفوظ تصور نه ڪري سندس لکڻ وارين صلاحيتن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي هُو پنهنجون لکڻيون شاعري وغيره شايع ڪرائي. هن کي اهو پڻ حق آهي ته هو پنهنجا خيال عوام آڏو پيش ڪري ته جيئن ان ۾ اعتماد پيدا ٿئي. هي ڏينهن سنڌي سماج کي اهو آئينو پڻ ڏيکاري ٿو ته سنڌي سماج ۾ ننڍن ٻارن جي شادي يا ننڍپڻ جي شادين سنڌي سماج کي ڪيترا نقصان ڏنا آهن. ڪيترائي گهر اُجاڙيا آهن ۽ ڪيترائي ٻارڙا غير صحتمند پيدا ٿيا آهن جن کي متوازن غذا به نه ملي آهي، جنهن ڪري هُو طاقت ذهني توڙي جسماني طاقت ۽ توانائي نه حاصل ڪري سگهيا آهن ۽انهي حق کان به هوُ محروم رهيا آهن. انهن جوڙن لاءِ ۽ سندن اولاد لاءِ غربت وڌي آهي. کاڌ خوراڪ تعليم جهڙا بنيادي حق متاثر ٿيا آهن. سندس سماجي زندگي ڪپڙا وٺڻ، ثقافتي ڏينهن توڙي خوشين جهڙا موقعا پڻ سندن زندگي ۾ بُري طرح متاثر ٿيا آهن ۽ کين صحتمند زندگي نه ملي سگهي آهي. خاص طور تي نياڻين وڌيڪ ڀوڳيو آهي سندن جسماني، ذهني ۽ سماجي زندگي اثرانداز ٿي آهي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي اڪثر موت جو شڪار ٿين ٿيون. اهڙا ڪيترائي مثال انساني حقن جي بُري طرح متاثر ٿيا آهن. انهن ٻارڙن جا خانداني حق پڻ آهن جن ۾ هو هڪ سُٺي ۽ خوشي واري زندگي گذارڻ ۽ محسوس ڪرڻ جا هڪجهڙا حق رکن ٿا، ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا تعليم، صحت، وندر ۽ تفريح جهڙا بنيادي حق نه ملڻ ڪري سنڌي سماج جي ترقي وارن موقعن ۾ حوصلا شڪني ٿي آهي ۽ اڄ به هُو هر مسئلي کي ڪنهن نه ڪنهن فورم تي احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا ۽ بدلي وٺڻ ۽ باغي هئڻ واري جلندڙ باهه ۾ پنهنجو پاڻ جلندي محسوس ڪري رهيا آهن، نتيجي ۾ سماجي ڀڃ ڊاهه جا رويا ختم ٿيڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن.

ممتاز ڪنڀر

تعليم سان ڇا ٿي سگهي ٿو؟

تازو ئي سڄي ملڪ (خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان) ۾ تاريخ جون بدترين برساتون وسي چڪيون آهن. جن ۾  تقريبن ۳۳ ملين کان وڌيڪَ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ملڪ جي زمين جو اٽڪل ٽيون حصو پاڻي ھيٺ رهيو. انهن برساتن جي ڪري ماڻهن کي ٻيون ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون، انھن سان گڏ تعليم جو نظام به سخت متاثر ٿيو آهي. ھينئر تائين ملڪ ۾ تقريبن 24000 کان وڌيڪَ اسڪول تباھ ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ 3.5 ملين ٻارن جي تعليم کي نقصان ٿيو آهي. ڪيترن ئي اسڪولن کي “ايمرجنسي شيلٽرز” ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾  متاثر خاندانن کي عارضي رھائش ڏني وئي آھي. بلوچستان ۾ پڻ اسڪولن کي ايمرجنسي شيلٽرز طور استعمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي تقريبن 40 سيڪڙو پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي نقصان پهتو. ٻين سڀني مسئلن کان وڌيڪَ  شاگردن جي مستقبل جو مسئلو آهي. ان کان پهريان به تقريبن 2 سالن تائين ڪورونا  سبب سنڌ جي اسڪولن کي تالا لڳل ھئا. جنهن جي ڪري پڻ تمام گهڻو نقصان ٿيو. ڪورونا ۽ ٻوڏ  کان پهريان به چار مان ٽي پاڪستاني شاگرد “لرننگ پاورٽي”  ۾ ھئا. گذريل 4 مهينن کان تعليمي ادارن کي ٻوڏ متاثرن جو پناھ گاھ  بڻايو ويو آهي. جنهن سبب سنڌ جي تعليم جي بنيادي ڌانچي کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. انھن نقصانن سبب “لرننگ پاورٽي” 10 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ملڪ جي تعليمي نظام جي بحالي لاءِ مربوت ڪوششن سان گڏ وسيلن جي سخت آهي. حقيقي ايمرجنسي لاڳو ڪري اسڪولن سان گڏ سمورن علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ بندوبست ڪيو وڃي ۽ وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ سخت نظر رکڻ گهرجي ته جيئن متاثر ماڻهن تائين وسيلا پهچن نه ڪه ڪنهن وڏيري جي اوطاق تي. جامع پلان جوڙي تعليمي ادارن کي ھر سال متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي ته جيئن شاگردن جي مستقبل تي ڪو اثر نه پوي. نه ته اڳي تباھ ٿيندڙ تعليمي نظام جو الله ئي  حافظ آهي.

محمد علي جماري/ٺٽو

دُنِيا ۾ وَڌندڙ ائٽمي جَنگ جا آثار“

نيويارڪ ٽائيمز جي ھڪ رپورٽ منظر تي آئي آھي. جنھن موجب روس ۾ ٿيل ھڪ خفيه گڏجاڻي ۾ يوڪرين تي Tactical Nuclear Attack تي ويچاريو ويو پر ھن گڏجاڻي ۾ روسي صدر پيوٽن موجود نه ھو. آڪٽوبر ۾ آمريڪا کي مليل ھن خفيه
خبر بابت اھو به ٻڌايو ويو ته ٽيڪٽيڪل نيوڪليئر حملي جو ٻڌي صدر بائيڊن جي ننڊ اڏامي وئي. اھا خبر عالمي ميڊيا تان نشر ٿي. روس بار بار مغربي ملڪن کي يوڪرين سان جنگ جي شروع کان ئي يوڪرين جي مدد کان باز نه رھڻ جي صورت
۾ ائٽمي ھٿيارن جي استعمال جون وڏي واڪي ڌمڪيون ڏيندو رھيو آھي ته ان ۾
ڪو شڪ نه ھجڻ کپي ته روس ايئن ڪونه ڪندو. يوڪرين روس جنگ ۾ تيزي ان وقت آئي جڏھن آڪٽوبر جي پھرين ڏھاڪي ۾ روس جي انتظام ھيٺ علائقي ڪريميا جي پل تي ڪار بم ڌماڪو ٿيو. اھا ڪريميا ۽ روس کي جوڙيندڙ يورپ جي سڀ کان وڏي پل آھي. چيو پي ويو ته صدر پيوٽن ڪريميا پل تي ٿيل ھن حملي کي وڏي آرام ۽ خاموشي سان ورتو. حملي بعد48  ڪلاڪ گذرڻ بعد روس يوڪرين تي زمين تنگ ڪري ڇڏي. عالمي ميڊيا موجب اھڙي ايمرجنسي ته جنگ جي شروع ۾ به نظر نه آئي. اڃا اھو واقعو ٿيندي ڪجھه ئي ڏينھن گذريا ته آڪٽوبر جي آخر ڌاري جنگي محاذ تان ھڪ ٻي خبر آئي ته بحيره اسود (Black Sea) ۾ ڪريميا جي بندرگاھ سيوسٽاپول Sevastopol جي ويجھو بيٺل جديد روسي جنگي جھاز ايڊمرل ميڪروو Admiral Makarov کي يوڪرين تباھ ڪري ڇڏيو. اعالمي ميڊيا ۾ تازو سيٽلائيٽ جي مدد سان اھڙيون تصويرون ڏيکاريون پيون وڃن جن ۾ بيلاروس جي ھڪ ايئر بيس تي 6 روسي Mi-8 ۽ Mi-24 ھيليڪاپٽر ۽ MiG-31K فائيٽر طيارا تعينات ٿيل آھن جن جي ڀرسان خطرناڪ روسي ائٽمي ميزائل به ڏٺا ويا آھن. يوڪرين ۾ آمريڪا جو به اصل امتحان جلد شروع ٿيڻ وارو آھي ته ممڪنا روسي ائٽمي حملي کان ڪيئن ٿو بچائي؟

محمد يوسف ڀٽو/ دڙو

ايس آءِ يوٽي لاڙڪاڻي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ

لاڙڪاڻو شھر پاڪستان جي صوبي سنڌ جو اھو اھم ترين شھر آھي جنھن کي پوري دنيا جا ماڻھو شھيدراڻي محترم بينظيرڀٽو ۽ فخرايشيا قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان سڃاڻندا آهن. ھن شھر ۾ ھونئن ته صحت جي حوالي سان سوين پرائيويٽ ادارا قائم آھن جن ۾ مريضن جو علاج گھٽ انھن جي جيب جو علاج وڌيڪ ٿيندو آھي. لاڙڪاڻي شھر اندر قائم انھن پرائيويٽ سينٽرز تي مريض کان لکين روپيا وصول ڪري کين ھروڀرو ھزارن جون دوائون لکي ڏيندا آھن. عوام سخت مشڪل حالتن باوجود مجبورن انھن مافياز ھٿان لٽجي علاج ڪرائيندو آھي، جن سينٽرن ۾ ڪي بـ بنيادي صحت جون سھولتون ميسر ناھن ھونديون جيڪڏنھن ڪو مريض انھن جي ھٿان سخت صورتحال ۾ وٺجي ويـندو آھي تـ پوءِ اھي کين لاڙڪاڻي يا ڪراچي کڻي وڃڻ جي صلاح ڏيندا آهن. مون سان به اھڙو واقعو ٿي چڪو آھي آءٌ پنھنجي گھرواري کي، جنھن جي سيزر ڊليوري ٿيڻي ھئي ان کي لاڙڪاڻي جي هڪ ليڊي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويس، اتي سندس حالت خراب ڪئي وئي ۽ موت جي منهن تائين پهچايو ويو. مشھور يورولاجسٽ سکر يا ڪراچي موڪلڻ جي صلاح ڏني اسان ايمبولينس ڪرائي ڪراچي ايس آءِ يوٽي پھتاسين اتي سڀ کان پھريان ايمرجنسي وارڊ ۾ مريض کي رکيو ويو جتي بنا معاوضي آغا خان اسپتال جھڙيون سھولتون ڏنيون ويون. اسپتال ۾ داخل ڪرڻ وقت اسان کي چيو ويو تـ ھتي ھر شئي فري آھي ھڪ سئو کان لکين روپين تائين جو دوائون آپريشن ھر شئي فري آھي ھاڻي مريض جا وارث اسان آھيون اوھان پنھنجو نمبر لکرايو پوءِ ھيٺ وڃي انتظار ڪريو يا گھر ھليا وڃو صرف ھڪ اٽينڊنٽ ويٽنگ حال ۾ انتظار ڪري. اتي بهتر سهولتون مليون. هاڻ ايس آءِ يوٽي لاڙڪاڻي ۾ به قائم آهي جتي ڪا به سهولت نه ڏني وئي آهي. سهولتون تڏھن ممڪن آھن جڏھن سنڌ جو وڏو وزير پنھنجي ڪيل واعدي موجب سائينٽيفڪ مشينري مھيا ڪري ۽ عملي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجھه سوچي. ايس آءِ يو ٽي لاڙڪاڻي ۾ ميھڙ، سعدي موساڻي، خيرپورناٿن شاھ، شھدادڪوٽ، قبوسعيدخان، رتوديرو، ڪچي پل، گاجي کھاوڙ، نصيرآباد، وارھ، قمبر ۽ ٻين ٻوڏ متاثر شھرن ڳوٺن جا مريض پنھنجو علاج ڪرائڻ ايندا آھن، جن جو ٻوڏ سبب سڀ ڪجھه لڙھي چڪو آھي. انهن ۾ ھاڻي سکر وڃڻ جيتري سگھه نه آھي. انھن مٿان رحم کائي بنا دير ايس آءِ يوٽي لاڙڪاڻي ۾ جديد طرز جو بلڊ بئنڪ قائم ڪري گردن جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي ۽ بنا دير نئين عمارت جو ڪم شروع ڪري في الحال موجودا بلڊنگ ۾ ڪجھه بيڊ لڳرائي اوپي ڊي شروع ڪري پٿري ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن جو علاج شروع ڪيو وڃي.

عبدالمجيدبروھي /لاڙڪاڻو