نوان ڪتاب، پراڻا استاد ۽ اسان جون ذميداريون

0
329
عمران خان جا انگل، نيوٽرل جي نهڪر ۽ اتحادين جون اميدون

 گذريل ٻن هفتن کان نائين ۽ ڏهين جي نون يعني جديد پر وقتائتن (اپ ڊيٽيڊ) انگريزي ڪتابن کي هڪ اسڪول ۾ پڙهائي ته رهيو آهيان، پر جڏهن ٻنهي ڪتابن کي پنهنجي مشاهدي مان ڪڍيو ته معلوم ٿيو ته هي ڪتاب جتي پنهنجي پراڻي ڇپائي واري معيار تي پورا لهي رهيا آهن، اتي اهي ڪنهن حد تائين مواد ۽ ڪافي حد تائين مشقن جي حوالي سان بهترين ڪم وارا به لڳي رهيا آهن. مواد ۾ تبديليون وقت پٽاندڙ ته آهن پر انهن ۾ ٻار کي هڪ بين الاقوامي شهري بڻائڻ واري سوچ جي اڃا به کوٽ نظر اچي ٿي پر وري به گذريل ڪورس جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو فرق نظر اچي رهيو آهي، جيڪو هن ڳالهه کي چٽو ڪري ٿو ته اسان کي دنيا سان ئي هلڻو آهي ۽ ٻارن ۾ تنقيدي سوچ واري لاڙي کي پروان چڙهائڻو آهي. هنن ڪتاب جي مواد کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اسان جو ايندڙ نسل هڪ ذميدار شهري ۽ پنهنجي کيتر (فيلڊ) ۾ ڀڙ ثابت ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن هنن ڪتابن کي مواد جي روح مطابق پڙهايو ويو ته. مشقن جي حوالي سان جيڪا ڳالهه سهڻي لڳي ته مشقن کي تمام خوبصورتي سان تيار ڪيو ويو آهي. هر مشق جي لاءِ استادن جي لاءِ هدايتن کي نمايان ڪيو ويو آهي ۽ ٻارن کي خود ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. پر افسوس هي آهي ته اسان جي سرڪاري اسڪولن يا خانگي اسڪولن ۾ ڪلاس سائيز يعني هڪ ڪلاس ۾ ڪيترا ٻار هجڻ گهرجن ان تي ڪو پاليسي پيراميٽر نظر اچي ٿو نه اسڪول انتظاميا ڪو ڌيان ڏئي ٿي. اسان وٽ سرڪاري اسڪولن ۾ هڪ ڪلاس، ۾ هڪ محتاظ اندازي موجب اسي کان مٿي ٻار هجن ٿا. سمجهي سگهون ٿا اهڙي ڪلاس ۾ هنن ڪتابن جي سڄي محنت بي ڦل ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته پنجٽيهه يا چاليهه منٽن جي پيرڊ ۾ استاد صرف ريڊنگ به ڪرائي ويو ته به کٽيوسين پر مقصد ته وري به حاصل نه ٿيندو. ڪلاس سائيز جي حوالي سان اڪثر خانگي اسڪولن ۾ به ڌيان نٿو ڏنو وڃي هي به هڪ وڏي حقيقت آهي.

ڪتاب اهو احساس پڻ ڏياري رهيا آهن ته هنن ڪتابن مان استادن ۽ شاگردن کي جيڪڏهن واقعي لاڀ حاصل ڪرڻو آهي ته اهي استاد جيڪي انگريزي پڙهائڻ تي مامور آهن، هنن ڪتابن کي پڙهائڻ جي لاءِ هنن کي به ضرور پڙهڻو پوندو هوندو. ڇاڪاڻ ته هنن ڪتابن جي مشقن کي ڪرڻ جي لاءِ جنهن قسم جي ڄاڻ، هنرڪاري (اسڪلز) ۽ ڪلاس روم ماحول گهرجي ان قسم جون سهولتون گهٽ ۾ اسان جي اسڪولن ۾ يا ته اڻلڀ آهن يا وري گهڻو زور ڪتابن کي وقتائتو ڪرڻ تي ڏنو ٿو وڃي نه ڪي سهولتن پيدا ڪرڻ تي يا ڪلاس سائيز کي هڪ مقرر حد ۾ رکڻ تي. بلڪل ائين جيئن رهائشي رٿائن ۾ اسان وٽ اڳ ۾ آبادين کي ويهاري انهن جا گهر اڏائي بعد ۾ نالين، پاڻي، گيس، بجلي جون سهولتون ڏنيون وينديون آهن، جنهن جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته گهٽيون ۽ ناليون مٿي ۽ گهر هيٺ ٿي ويندا آهن. يعني ابتي ترقي. هنن ڪتابن کي پڙهائڻ جيڪڏهن اڪ جي ماکي لاهڻ وارو ڪم نه به هجي پر ترن مان تيل ضرور ڪڍڻ وارو ڪم آهي. اسان جا اهي استاد جيڪي پراڻا ٿي ويا آهن يا پنهنجي رٽائرمنٽ جي ويجهو آهن انهن کان ڳالهه ڳري نظر اچي رهي آهي. يا عام طور تي جنهن قسم جي اسان جي استادن جي علمي سگهه آهي ان سگهه ۾ حال نظر ڪونه ٿو اچي. ڪتاب هٿ ۾ کڻڻ شرط هڪڙي استاد مون کي ائين به چيو ته، “سائين هي ڪتاب پراڻن استادن کان زور آهن.” ساڳي همراهه مون کي هي به ٻڌايو ته، “اسان جي اسڪول جو انگريزي پڙهائيندڙ استاد به جڏهن پنهنجي ٻارن کي ٻين استادن کان پڙهائي ته مطلب ته هن کان ڳالهه ڳري ٿي وئي آهي تڏهن ته ائين ڪري ٿو.” مون ورندي ڏني ته، “ائين ناهي اسان وٽ ڊاڪٽرن جي اڪثريت به پنهنجي ٻارن جو علاج ٻين ڊاڪٽرن کان ڪرائيندي آهي جڏهن جڏهن اهي ڪَڻس (بخار) ۾ وٺبا آهن.” ٻيو مون هن کي هي به ٻڌايو ته، “گوجرانوالا ڪينٽ ۾ جن استادن جي ٻارن کي مان ٽيوشن (Tuition) پڙهائيندو هئس ته اهي استاد مون سان هي اظهار ڪندا هئا ته، ٻار پنهنجي پيءُ ماءُ کان ناهن پڙهندا ڇاڪاڻ ته هي هڪ فطرتي عمل آهي ته ٻار جيترو پنهنجي پيءُ ماءُ کان لهرائيندا يا ڊڄندا آهن، اهي اوترا انهن سان فرينڪ (حجتي) به هوندا آهن جنهن جي ڪري جيڪڏهن اسان پڙهايون به تڏهن به اها پڙهائي اوتري ڪارگر (افيڪٽوِ) ثابت نه ٿيندي آهي. ٻيو ٻار ٻاهرين استاد کان وڌيڪ خوف کائيندو آهي بنست پنهنجي گهر جي استاد کان يعني چوڻي مشهور آهي ته، گهر جي ڪڪڙ دال برابر.”

منهنجو هن ڳالهه ۾ ويساهه آهي ته پراڻن پر سٺن ۽ قابل استادن کي جيڪڏهن هنن ڪتابن کي پڙهائڻ جي تربيت (ٽريننگ) ڏني وئي ته اهي استاد پنهنجي مضمون ۾ وڌيڪ ڀڙ ثابت ٿيندا بنسبت انهن استادن جي جن جو انگريزي مضمون سان ذري جو به واسطو ناهي هوندو. اهو ته ڀلو ڪري رب انهن اسڪولن جو جن ۾ اسان پڙهايو آهي ۽ انهن اسڪولن جي ئي بدولت اسان ۾ هر مضمون کي پڙهائڻ جو ڏانءُ ۽ اعتماد آيو ڇاڪاڻ ته اسان کي ڪتاب هٿ ۾ ڏيڻ کان اڳ ۾ ان ڪتاب کي پڙهائڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي. خاص طور انهن ڪتابن لاءِ جيڪي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس وارن جا ڇپايل آهن. فيڊرل بورڊ، اسلام آباد پاران به جيڪي ڪتاب پوري پاڪستان يا پنجاب جي فوجي اسڪولن يا سلهاڙيل اسڪولن (رجسٽرڊ) لاءِ لڳايل آهن انهن جي لاءِ به تربيت ضروري هوندي هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ائين ئي ٿيندو هجي ڇوته انهن اسڪولن کي ڇڏيي ڏهه سال ٿي ويا آهن.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو پاران، ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسسمنٽ اينڊ ريسرچ (ڊي سي اي آر)، ڄامشورو جي سٺي محنت ۽ تحقيق بعد ڇپايل هنن نون ڪتابن جي لاءِ مون جڏهن سورس مٽيريل (مددي مواد) جي ڳولا شروع ڪئي ته، نه اسڪول وارن وٽ ڪو مواد ملي سگهيو نه وري ذڪر هيٺ ادارن جي ويب سائيٽس تي مليو. ايتري تائين جو آر ايس يو، اسڪول تعليم کاتو ۽ لاڳاپيل سڀني سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري بورڊن جي ويبسائيٽس تي ڀيرو (وزٽ) به ڏنم پر اتي به آفيسرن کي ترقي ملڻ، مختلف ڪمن ڪارين کي اڪلائڻ جي لاءِ ڪاميٽين جي ٺهڻ وارين نوٽيفيڪشنز (پڌرائين) ۽ اداري جي سربراهن جي پيغامن کان علاوه جيڪڏهن ڪو مددي مواد موجود نظر آيو ته اهو چار پنج سال پراڻو هجڻ سان گڏ اڻپورو به لڳو، يعني حسب معمول فائيلز جو پيٽ ڀريو ويو آهي. ادارن وٽ هنن ڪتابن کي پڙهائڻ جي لاءِ نه ليسن پلان (سبقي منصوبا)، نه اسڪيم آف اسٽڊيز (پڙهائي جا نقشا)، نه ماڊل ڪئيشن پيپرز (امتحاني پرچا)، نه سليبس (نصابي گهرج) ۽ نه ئي ڪا ٻي اهڙي معلومات ملي سگهي جنهن لاءِ هي ڳالهه ڪري سگهجي ته نه صرف ڪتابن کي وقتائتو ڪيو ويو آهي پر انهن کي پڙهائڻ جي لاءِ مددي مواد به فلاڻي يا فلاڻي اداري جي ويبسائٽس تي پيو آهي. اندازو لڳايو ته ججهن مينهن ۽ هٿرادو ٻوڏ جي ڪري پنج مهينا ساندهه شهرن جا اسڪول بند رهيا آهن ۽ ٻيو ٻهراڙيون ميسارجي ويون آهن. ٻهراڙيون اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. پر جن جن شهرن ۽ جتي جتي هاڻي جيئن تيئن ڪري اسڪول کليا آهن ۽ جڏهن فيبروري گذرندي ته مارچ کان وٺي اپريل مئي تائين وارا مهينا سالياني امتحانن وارا مهينا آهن ته پوءِ ڪيئن معلوم ڪجي ته ٻارن کي امتحانن جي تياري لاءِ پوري ڪتاب مان ڪهڙي سبق / باب کي پڙهائڻ گهرجي ۽ ڪهڙي کي ڇڏڻ گهرجي. ڪهڙو مواد اهم ۽ ڪهڙو غيراهم آهي.

جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ته حسب معمول اها لٺ لڳندي ته هن شي کي ڇڏيو ۽ هن شي کي پڙهايو. اسان وٽ اڃا وقت آهي امتحاني نصاب جي حوالي سان جيڪڏهن ڪو فيصلو تعليم کاتي کي ڪرڻو آهي ته هي وقت آهي ته ان فيصلي کي جيترو ترت ڪيو وڃي اوترو ان ۾ شاگردن، استادن ۽ ادارن جي ڀلائي آهي. سنڌ حڪومت ڪورونا وبا دوران نه صرف ڪورونا جي ڦهلاءُ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بهترين منصوبابندي ڪئي هئي پر ٻارن کي مٿين ڪلاسن ۾ موڪلڻ لاءِ ڪورس تي نظرثاني به ڪئي هئي. ٻوڏ بعد هن وقت به اهڙي قسم جي حڪمت عملي جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت جا اهي کاتا جن تي سنڌ جي تعليم کي اڳتي وٺي وڃڻ جي اتم ذميداري عائد آهي انهن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ڪا چٽي هدايت ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٻارن جو تمام گهڻو وقت وڃائجي چڪو آهي. حقيقت ۾ هن قسم جي صورتحالن ۽ دڙڪن (چئلنجز) سان منهن ڏيڻ جي لاءِ پهريائين کان ڪا چٽي پاليسي هجڻ گهرجي ها پر اسان وٽ مصيبت هي آهي ته هر اداري کي به وڏيري جي اوطاق وانگر هلايو ٿو وڃي.