ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ ۾ لمس جي ناقص ڪارڪردگي!

0
309
ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ ۾ لمس جي ناقص ڪارڪردگي!

 ڄامشوري ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس (LUHMS) جي انٽري ٽيسٽ واري ڏينهن جنهن اذيت ۽ پريشانيءَ منجهان ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻار، انهن جا والدين ۽ سرپرست گذريا، انهيءَ تڪليف کي به فقط اهي ئي سمجهي سگهن ٿا. هڪ نياڻيءَ جي سرپرست جي حيثيت سان انهيءَ ڏينهن جو تلخ تجربو مون کي به ٿيو آهي پر سچ ته اهو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿو لڳي، اهو فقط دل سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. زندگيءَ جي تلخ تجربي واري ڏينهن جي شروعات ته گهران نڪرڻ کان ڪجهه منٽ پوءِ ئي ٿي وئي هئي. حيدرآباد شهر کان لمس وڃڻ لاءِ ڄامشورو روڊ المنظر تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ٽريفڪ جي شديد دٻاءَ سبب بلاڪ مليو. جنهن هنڌ مون گاڏي روڪي اتي پري تائين ٽريفڪ پوليس جو ڪو نالو نشان ئي ڪونه  هو. ڪيتريون ئي گاڏيون واپس موٽي رهيون هيون ۽ انهن ڪارُن ۾ ويٺل ماڻهو ٻين کي به واپس موٽڻ جو اشارو ڪري رهيا هئا. مون به گاڏي واپس ورائي ته، هڪ موڙ وٽ بيٺل بظاهر مقامي ماڻهو واپس ورندڙ گاڏين کي هڪ ڪچي رستي طرف اشارو ڪري رهيو هو. ڪچي رستي تان اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ حيدرآباد باءِ پاس تي پهچي ڄامشوري ڏانهن رخ رکيو ته، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس کان پوءِ روڊ بلاڪ هو. نياڻيءَ کي پهچائڻ لاءِ ٻين جيان مون کي به گاڏي رستي تي ڇڏي پنڌ ڪرڻو پيو. سوين نياڻيون ۽ نوجوان ڌوڙ ۾ پگهر ڳاڙيندي پنڌ ڪندا رهيا. سڄي ملڪ ۾ سڀني ٻارن جي هڪ ئي ڏينهن ٽيسٽ وٺڻ واري غلط فيصلي ۽ پندرهن هزار کان وڌيڪ اميدوارن لاءِ لمس جو هڪ ئي مناسب سهولتن کان وانجهيل سينٽر هئڻ سبب پري پري کان پهتل ٻار جنهن ٿڪاوٽ، ذهني ۽ جسماني اذيت منجهان گذري رهيا هئا، اهو ڏسندي ۽ برداشت ڪندي به پنهنجي ڪاوڙ جي زهر جا ڍُڪَ ڀرڻ کان سواءِ ڀلا ڪير ڇا ٿي ڪري سگهيو…!

لمس ڪيمپس پنهنجي جاگرافيائي حدن اندر به انتظامي طور تي بدترين ۽ ناقص صورتحال جو مثال هو. ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي رائيٽنگ پيڊ نه کڻي اچڻا هئا پر جيڪڏهن ڪجهه ٻار غلطيءَ يا اڻڄاڻائيءَ سبب پيڊ کڻي آيا هئا ته، اهي کائن ڦري ايئن رستن تي نه ڦٽي ڪيا وڃن ها، جو ڪجهه اميدوارن جون ايڊمٽ سلپس ۽ سڃاڻپ ڪارڊ به پيڊس جي ڍير ۾ رهجي ويا! آچر ۽ سومر جي وچ واري رات انٽري ٽيسٽ بابت فيس بڪ تي مون لمس ۾ ٿيل پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي بابت ڪجهه سٽون لکيون. منهنجو هڪ پيارو شاگرد جيڪو هن وقت لمس ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، تنهن ڪجهه دير کان پوءِ منهنجو نالو کڻڻ کان سواءِ منهنجي انهيءَ تنقيدي نوٽ جو فيس بڪ تي ئي پنهنجي پوسٽ وسيلي جواب لکيو. هن پنهنجي اداري ۽ وائيس چانسلر جو دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو هن جو حق آهي پر مون جيڪو ڪجهه ڏٺو توڙي ذهني ۽ جسماني طرح ڀوڳيو اهو ته ناقابل ترديد آهي، جو اهو فقط مشاهدو ئي نه پر منهنجو ذاتي تجربو آهي ۽ ڪنهنجي First-hand experience جِي ٻيو ڪوبه ماڻهو ترديد نٿو ڪري سگهي. لمس انتظاميه / وائس چانسلر ڪنهن به اوپن فورم تي والدين توڙي ميڊيا جي موجودگيءَ ۾ ڪو مباحثو رکڻ چاهي ته مان انهيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ به تيار آهيان.

انٽري ٽيسٽ لاءِ هر اميدوار کان 6 هزار رپيا في ورتي وئي هئي پر ٽيسٽ دوران ڪيترن اميدوارن کي ڏهه رپين واري پاڻيءَ جي بوتل به نه ڏني وئي. لمس جي چوڌاري بدترين ٽريفڪ جام هئي، جنهن ڪري ٽيسٽ ڏيندڙ بيشمار نياڻين سميت اميدوارن نوجوانن کي پرائيويٽ/ ذاتي گاڏين مان لهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه کان ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو هو. ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ آيل ڪيترائي ٻار اَٺ نَو ڪلاڪ اڃ ۽ بک تي رهيا. منهنجي اڳوڻي شاگرد ۽ هاڻي لمس جي اسسٽنٽ پروفيسر مطابق، سينٽر تي ٽيسٽ ڏيندڙ ٻارن کي پاڻيءَ سان گڏ بسڪيٽ به ڏنا ويا. مان پنهنجي پياري شاگرد جي ڳالهه کي رد نٿو ڪيان پر شايد ڪجهه بلاڪن ۾ ڪجهه اميدوارن جو اهڙو خيال رکيو ويو هجي، باقي عام طور تي ٽيسٽ ڏئي موٽندڙ اميدوار اڃ ۽ بک جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا! ٻئي طرف ٽيسٽ ڏيندڙ ٻارن سان گڏ آيل والدين/ سرپرستن کان به پاڻيءَ ڍُڪَ جو نه پڇيو ويو. هزارين مرد ۽ عورتون کليل آسمان هيٺ پارڪن ۽ فوٽ پاٿن تي اس ۾ ويٺل هئا. ڪيترين عورتن جي هنج ۾ ڪجهه سالن ۽ ڪجهه مهينن جا معصوم ٻارڙا به سج جي تپش ۽ گرمي ۾ تڙپي رهيا هئا. هڪ نياڻيءَ جي سرپرست جي حيثيت سان مون کي به ستن ڪلاڪن تائين مختلف جاين تي ويهي ۽ ڇانوري خاطر هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي انتظار ڪرڻو پيو. سوال اهو آهي ته، ڪيترائي ڪلاڪ اهڙي بدانتظاميءَ، اڃ ۽ بک تي جسماني ۽ ذهني اذيت مان گذرڻ کان پوءِ وري ٽيسٽ پنهنجي وقت کان ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿئي ته، ڇا اهي ٻار پنهنجي ذهني صلاحيتن جو بهتر مظاهرو ڪري سگهيا ھوندا؟

نياڻين کي جنهن رستي تان پنڌ ڪيمپس ۾ وڃڻ ڏنو ويو هو، انهيءَ رستي تان واپسيءَ بدران کين ٻي رستي تان روانو ڪيو ويو. جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪا پڌرائي ڪئي به وئي هئي ته، انتظاميه کي لائوڊ اسپيڪرس وسيلي اعلان ڪري ٻارن توڙي سندن والدين يا گڏ آيلن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي ها. والدين جنهن رستي تي نياڻين کي ڇڏيو هو اتي انتظار ڪري رهيا هئا ته نياڻين کي ٻي رستي تان واپس موڪلڻ سبب اهي نياڻيون سخت پريشان هيون. هڪ طرف ڪيتريون نياڻيون سخت پريشانيءَ منجهان والدين کي ڳولينديون رهيون ته، ٻئي طرف ڪيتريون مائرون آلين اکين سان هجومن جي وچ ۾ نياڻين لاءِ واجهائينديون ۽ پڇائون ڪنديون رهيون. هجومن ۾ پنهنجي نياڻيءَ کي ڳولڻ دوران منهنجي اندر ۾ ان وقت ڄڻ تير لڳو، جڏهن هڪ مُنجهيل ۽ پريشان نياڻيءَ مون کان موبائيل فون گهري ته، جيئن هوءَ منهنجي فون تان ڪال ڪري پنهنجي ابي يا امڙ جي لوڪيشن معلوم ڪري اتي پهچي سگهي!

موبائيل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئي ۽ هجڻ به نه کپي پر اهڙو انتظام به ته هجي، جو ڪا نياڻي ٽيسٽ ڏيڻ کان پوءِ ڪنهن اڻ ڄاتل رستن تي پريشانيءَ سان ڀٽڪندي نه رهي، سندس امڙ ڪنهن ٻئي رستي تي روئندي پنهنجي نياڻي کي ڳوليندي نه وتي ۽ رابطي يا مدد جو ڪو مرڪز به نه هجي! ميڊيڪل جي داخلا خاطر سنڌ جي ٻين سينٽرس جو ته مان اکين ڏٺو شاهد ناهيان پر هڪ نياڻيءَ جي سرپرست جي حيثيت سان، لمس جي ناقص ڪارڪردگي مون پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي، جنهن جو درد هي ڪالم لکندي به منهنجي دل ۾ دُکي رهيو آهي!

سنڌ ۾ ميديڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نگراني ۾ ٿي آهي، پر لمس ۾ نه ڊائو يونيورسٽي جي نگراني نظر آئي ۽ نه ئي لمس جا ڪي مناسب انتظام! سنڌ حڪومت کي اهڙن سخت ناقص ۽ بدترين انتظامن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اعلي عدالت جي جج کان جاچ ڪرائي وڃي، ته جيئن اڳتي ٽيسٽ ڏيندڙ ٻارن ۽ سندن والدين کي انتظامي نااهليءَ جي اهڙين اذيتن کان بچائي سگهجي.

[email protected]