غازي ڳوٺ ۾ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ۽ قومپرست اڳواڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

0
294

ڪراچي: غازي ڳوٺ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جي ڪارروائي دوران چڪرين بعد احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ۽ قومپرست اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

سچل ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

ڪيس ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، محبوب عباسي، اعجاز سامٽيو ۽ رياض کيمٽيو سميت 22 ڄڻا نامزد ڪيا ويا آهن

ايف آءِ اي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج ڪندڙن پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پوليس تي حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا