غازي ڳوٺ تي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس جِي چڙهائي توڙي چڪرين جِي انڪوائري جو حڪم

0
213
غازي ڳوٺ تي چڙهائي توڙي

ڪراچي:ڪراچي جَي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس جِي چڙهائي توڙي چڪرين جِي انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آھي، سنڌ سرڪار ڪمشنر ڪراچي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي

ٻن پوليس آفيسرن سوڌو 7 عملدارن کي به معطل ڪيو ويو آھي، معطل آفيسرن ۾ انچارج اينٽي انڪروچمينٽ فورس سيد محمد احمد، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ڪراچي هاشم مظهر، اسسٽنٽ ڪمشنر نديم قادر کوکر، مختيارڪار جليل بروهي، تپيدار عاشق تنيو شامل آھن

 سچل ٿاڻَي جَي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي کي به معطل ڪيو ويو، گهر ڊاهڻ دوران چڪرين ۾ پوليس جِي سِڌي فائرنگ ۽ شيلنگ سبب عورتن سوڌو 10 ڄڻا زخمي ٿيا هئا

ھي به پڙھندا

غازي ڳوٺ ۾ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ۽ قومپرست اڳواڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل