عرفان مھر جي قتل خلاف مختلف شھرن ۾ مظاھرا، قتل ۾ نئون هٿيار استعمال ٿيو: پوليس ذريعا

0
909
عرفان مهر جي قتل ۾

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان علي مهر جي قتل جي جاچ جاري آهي، جنهن حوالي سان واردات واري جاءِ تان مليل گولين جي خولز جي فارنزڪ رپورٽ اچي وئي

پوليس ذريعن موجب هٿ ڪيل خول ماضي ۾ ٿيل ڪنھن به واردات سان ميچ نه ٿيا، قتل ۾ نئون هٿيار استعمال ڪيو ويو آهي، عرفان مھر سان ڪار ۾ موجود نينگر جو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو، نينگر تمام گهڻو خوفزده آهي هن کان بيان بعد ۾ رڪارڊ ڪيو ويندو

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان  مھر جي قتل خلاف وڪيل برادري طرفان احتجاجي مظاھرن جو سلسلو جاري آھي، وڪيل برادري جو چوڻ آھي تھ عرفان مھر کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي، جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي

جڏھن تھ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل خلاف وڪيلن پاران ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج  ڪيو ويو آهي، ايڊووڪيٽ عرفان مهر جي قتل خلاف ڪراچي بار جي ريلي ۾ مختلف بار ايسوسيئشن جي اڳواڻن ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ريلي کي خطاب ڪندي صدر ڪراچي بار نعيم قريشي چيو ته اسان کي يقين ڏياريو وڃي ٿو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، قاتل گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ اسان جو ايندڙ احتجاج چيف سيڪريٽري يا آءِ جي آفيس ٻاهران ٿي سگهي ٿو، جنرل سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ بار عمر سومرو چيو ته اڄ سڀ وڪيل عرفان علي مهر جي قتل خلاف گڏ ٿيا آهن، پوليس کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ 2 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، عرفان مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سمورا وڪيل متحد آهن

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ قتل ٿيل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جو مڙھ کاهي مهر ۾ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ ڪوبه چونڊيل نمائندو نه آيو، وارثن ۽ وڪيلن عرفان مهر جي تدفين کان اڳ ڳڙهي ياسين-شڪارپور روڊ تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ وڪيل عرفان مھر جو قتل: پوليس کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪ