ڀرياسٽي: واٽر اوور فلو ٿيڻ سبب پاڻي شھري آبادي ۾ داخل، 20 گھر پاڻي ھيٺ 

0
492
ڀرياسٽي: واٽر اوور فلو ٿيڻ

ڀرياسٽي(ن  پ ا) ڀرياسٽي  ڀرسان دڪا مائينر مان نڪرندڙ واٽر اوور فلو ٿيڻ سبب پاڻي شھري آبادي احتشام شاھ ڪالوني ۾ داخل ٿيڻ سبب 20 کان وڌيڪ گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ايريگيشن کاتي جي نا اھلي سبب بدڪا مائينر مان نڪرندڙ واٽر اوور ٿيڻ ڪري پاڻي اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي ويو، گھر ۾ پيل قيمتي سامان پاڻي ھيٺ اچي ويو

هنن چيو آهي ته اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ساڳي جڳهه کان گھارا ۽ اوور فلو ٿيو آھي، آبپاشي عملي توڙي حد جي ايم پي اي سيد مراد علي شاھ کي آگاھي ڏيڻ باوجود ڪو به تدارڪ نـ ٿي سگھيو، ايريگيشن عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي گھرن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي