برطانيا جي 20 ورھين جي ڇوڪري انوکو ڪيس کٽي ورتو

0
805

ڪراچي: برطانيا ۾ 20 سالن جي ڇوڪري پنھنجي پيدائش بابت پنھنجي والدا جي ڊاڪٽر خلاف انوکو ڪيس کٽي ورتو آھي، پيدائشي طور تي ريڙھ جي ھڏي جي عارضي جو شڪار لنڪا شائر جي 20 سالن جي ايوي ٽومبس پنھنجي والدا جي ان ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪيو ھو، جنھن حمل جي وقت ان جي امڙ کي ھڪ اھڙي دوا نھا ستعمال ڪندڙ جو مشورو ڏنو ھو جيڪا امڪاني طور پيدائش کانپوءِ ايوي کي جسماني معذوري کان بچائي سگھي ھا

باھمت پيرا شوجمپنگ اسٽار ڇوڪري گھوڙي سواري بھ ڪري چڪي آھي، ھوءَ موٽي ويششنل اسپيڪر آھي، ان کانسواءِ پرنس ھيري ۽ ميگھن مارڪل سان خصوصي ملاقات بھ ڪري چڪي آھي، ڪيس کٽڻ بعد ايوي ٽومبس ھرجاڻي جي مد ۾ لکين پائونڊ حاصل ڪري سگھندي