ڪراچي ۾ وڪيل عرفان مھر جو قتل: پوليس کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪ

0
699

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ قتل ٿيل ڳڙهي ياسين واسي وڪيل عرفان مهر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته عرفان مهر کي 5 گوليون لڳيون، منهن تي 2، سيني تي 2 ۽ ڇاتي تي هڪ گولي لڳي

 سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به منظرعام تي اچي ويا، فٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي ته موٽر سائيڪل هٿياربندن ريڪي بعد وڪيل تي فائرنگ ڪئي، اي آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب منهاس چيو آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز مان لڳي ٿو ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي

وڪيلن جي مشاورت سان جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، عرفان مهر جي قتل جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، ايس ايس پي قمر جسڪاڻي چيو آهي ته اِن معاملي کي به ڏٺو ويندو ته ڳڙهي ياسين ۾ مقتول وڪيل سان ڪنهن جي دشمني ته نه هئي، سنڌ بار ڪائونسل ۽ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن طرفان واقعي جي مذمت، مختلف شهرن ۾ وڪيل برادري عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آھي

جڏهن ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به منظرعام تي اچي ويا، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته  موٽر سائيڪل سوار ٻه هٿياربند ڪار جو پيڇو ڪندي نظر اچن ٿا ۽ جوابدار ڪار جي ويجھو پهچن ٿا ته هڪ جوابدار موٽر سائيڪل تان لهي عرفان تي فائرنگ ڪري ٿو

واقعي جي اطلاع تي سنڌ بار ڪائونسل جا ڪيترائي وڪيل پهچي ويا ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو  ۽ واقعي جي شديد مذمت ڪئي، جڏهن ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن عرفان علي مهر جي قتل تي اڄ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي