عربن جو خون ۽ اسرائيل جو نئون نقشو

0
466
اقتداري اولپمس ۽ سرڪش سياست

جيتوڻيڪ “الجزيره” جي دفتر کي دفن ڪرڻ کان اڳ ۾ اسرائيل اطلاع ڪيو هو ته اها جاءِ خالي ڪئي وڃي. اها جاءِ جنهن ۾ صرف “الجزيره” جو دفتر نه هو پر ان بلڊنگ ۾ عالمي ۽ علاقائي ميڊيا جون ٻيون آفيسون به هيون. هن مهل عالمي ميڊيا تي بار بار اها وڊيو ڪلپ ته هلي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ بلڊنگ پنهنجن ٽاورس سان گڏ ڊهي ختم ٿي رهي آهي، پر ان باري ۾ هن مهل تائين ڪا اهڙي جاندار اسٽوري نه آئي آهي،
جيڪا اسرائيل جي ڳٽي تي ڀرپور چماٽ جيان لڳي ۽ اهو ميڊيا جو اهو نشان اڻ مٽ بڻجي وڃي. ڇا ميڊيا ان خوف جو شڪار ٿي وئي آهي ته اسرائيل جي خلاف خبرون ۽ رپورٽون نشر ٿينديون ته اسرائيل ان ميڊيا هائوس کي عبرت جو نشان بڻائيندو؟ اهو سوال ڪيترو نه اذيتناڪ آهي ته هڪ طرف آمريڪا سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي مٿان سخت ڪاوڙيل آهي ته عربستان جي صحافي جمال خاشقجي جو قتل هن جي هدايتن تي ٿيو آهي. اهڙي طرح محمد بن سلمان هڪ ته “اڻ وڻندڙ شخصيت” Persona Non Grata بڻجي ويو آهي ۽ سموري عمر آمريڪا ۽ هن جي فوجين کي پنهنجي سرزمين جو تيل پياري پهلوان ڪندڙ سعودي پرنس ان ڪري به آمريڪا جو رخ نه ٿو ڪري ته متان هن کي جمال جي قتل ۾ گرفتار ڪيو وڃي. هڪ طرف هڪ صحافيءَ جي قتل تي ايترو ردعمل جو ماڻهن جي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جهڙي طرح هڪ انسان جو قتل انسانيت جو قتل آهي، تهڙي طرح هڪ صحافيءَ جو قتل آزاد صحافت جو قتل آهي. پر اهو ئي آمريڪا پنهنجي وات ۾ مڱ وجهي ويهي ٿو، جڏهن اسرائيل ميڊيا جي پوري بلڊنگ کي وکريل واريءَ ۽ رجيل لوهه ۾ تبديل ٿو ڪري.
ان واقعي جا ڪيترائي پهلو نڪري سگهن ٿا. ڇا صحافين کي اسرائيل جي ڌمڪيءَ ۾ اچڻ کپندو هو.
ڇا اسرائيل جي مٿان عالمي عدالت ۾ ان معاملي جو مقدمو داخل ٿي سگهي ٿو ته هن جنگي صحافت War Journalism جي اصولن جي به انحرافي ڪئي آهي. جڏهن به ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ملڪ ميدان ۾ هڪ ٻئي جي خلاف وڙهندا هجن ته هو ويڙهه کي ڪور ڪندڙ صحافين کي نشانو بڻائي قتل نه ٿا ڪري سگهن. ڇو ته ريڊ ڪريسنٽ جي ڳاڙهي نشان وانگر ميڊيا جو “پريس” وارو لفظ به هر حالت ۾ احترام جوڳو سمجهيو ويندو آهي، پر هن واقعي ۾ ته اسرائيل ميڊيا کي ٽارگيٽ ڪيو. جيڪڏهن معاملو اهو هجي ها ته ان بلڊنگ ۾ اسرائيل جي هٽ لسٽ تي آيل هن جي حساب سان ڪيسن ۾ گهربل بقول سندس ته ڪي دهگشتگرد لڪل هجن ها ته انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ميڊيا جي ماڻهن کي پاسي ڪري پوءِ حملو ڪيو ويو هجي ها ته ان جي صورت ئي الڳ هجي ها پر هي ته خود ميڊيا جي مٿان حملو هو. هن حملي ۾ ميڊيا کي ٽارگيٽ ڪيو ويو ۽ اهو اطلاع ڏنو ويو ته جيڪڏهن اسرائيل جي خلاف خبر هلندي ته پوءِ توهان کي خبر پوندي ته ان جي قيمت ڪيتري آهي؟ اسرائيل جو اهو عمل ايترو ته ڀيانڪ آهي ۽ نندڻ جوڳو آهي جو ان قسم جو عمل ميڊيا جي خلاف هٽلر به نه ڪيو هو. جڏهن ته هٽلر آزاد ميڊيا جو تمام وڏو مخالف به هو.
ڪير ٿو چوي ته اسرائيل طرفان اهو ميزائل حملو هو؟ جيڪڏهن ڪو به ان واقعي جون وڊيو ڪلپس ڏسندو ته هن کي هوا ۾ اڏامندو ڪو به ميزائل نظر نه ايندو. اسرائيل بلڊنگ خالي ڪرائي، ان جي بنيادن ۾ بارود ڀري، ان کي اڏايو آهي ۽ اهو عمل ايتري وڏي دهشتگردي آهي، جنهن جو هن کان اڳ ميڊيا جي تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. هن وقت غزا جي مٿان اسرائيلي حملي سبب جيڪي معصوم ٻار ۽ عورتون مري رهيون آهن، انهن جي حمايت ڪندي آمريڪا ۾ به جلوس نڪري رهيا آهن ۽ ماڻهو نعرا هڻي رهيا آهن ته اصل دهشتگرد اسرائيل آهي ۽ انساني حقن جي عالمي چيمپئن جا چپ سبيل آهن. اسان هن دنيا ۾ اهو نمونو به ڏٺو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن وهڪ واقعي يا هڪ تصوير تي تمام گهڻو عالمي احتجاج ٿيندو آهي پر هن واقعي تي عالمي سطح تي جيڪو ردعمل پيدا ٿيڻ گهرجي، اهڙي ڪا به جهلڪ هن مهل تائين اکين تي نه پئي آهي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته آمريڪا سميت پورو يورپ ننڊ ۾ نهوڙيل آهي. هن کي اها پرواهه ئي ناهي ته وچ اوڀر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟
اردو ٻوليءَ جي استاد شاعر مير تقي مير جو مشهور شعر آهي ته:
“ديکهه تو دل ڪه جان سي اٺتا هي
يه دهوان سا ڪهان سي اٺتا هي؟”
هن مهل فلسطين جي صورتحال واقعي ئي اهڙي آهي جو پاڻ کي عالمي ضمير جو محافظ سمجهندڙ ملڪن ۽ قوتن کان اهو سوال پڇڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته جيڪو بارودي دونهون هوا ۾ تحليل ٿي رهيو آهي، اهو ڪٿان اٿي رهيو آهي ۽ ان کي ڪير اٿاري رهيو آهي؟
جنهن وقت فلسطين گوريلا جنگ ۾ مصروف هو، تڏهن دنيا ۾ انساني حقن جون دانهون اڀري اينديون هيون ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ دنيا ۾ عرب ئي دهشتگرد آهن. جڏهن ته ياسر عرفات گڏيل قومن کي خطاب ڪندي هڪ هٿ ۾ زيتون جي ٽاري ۽ ٻي هٿ ۾ پستول لهرائي پوري دنيا کان پڇيو هو ته “منهنجي هڪ هٿ ۾ امن جي علامت آهي ۽ ٻي هٿ ۾ جنگ جي نشاني، هاڻي اوهان ٻڌايو ته اوهان کي ڇا گهرجي؟” پوءِ اهڙو وقت به آيو، جڏهن اوسلو ۾ ياسر عرفات پنهنجو پستول هڪ طرف رکي اسرائيل سان هٿ ملايو هو ۽ آمريڪا جي سرپئنچيءَ ۾ ٻن رياستن جو فيصلو ٿيو هو. هاڻي اهي ٻه رياستون ڪٿي آهن؟ هن ماڳ کي اڃا تائين هڪ ئي رياست آهي ۽ ان رياست جو نالو اسرائيل آهي ۽ فلسطينين وٽ جيڪا نالي ماتر اٿارٽي آهي، اها فضا مان ڪرندڙ بمن ۽ زمين تي هلندڙ ٽينڪن کي روڪي نه ٿي سگهي.
ڇا هن دنيا جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي؟ ڇا دنيا منڍ کان وٺي نه ڏٺو آهي ته اسرائيل ڪهڙي ريت مڪر توڙي جبر سان فلسطينين ۽ عربن جي سرزمين جي مٿان ڏاڍ سان والار ڪئي آهي؟ هيءَ دنيا ڏسي پوءِ به نه ٿي ڏسي. هيءَ دنيا جنهن کي صرف فلسطين جي گوريلن جي گن مشين ۽ گرنيڊ سان واڪا ڪري ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جي گهرن کي مسمار ٿو ڪيو وڃي. اسان جي ٻارڙن کي قتل ڪيو پيو وڃي. هٿيار اسان جي پهرين چونڊ نه پر آخري آپشن آهي. اسان جي مدد ڪيو. اسان کي جيئڻ جو حق گهرجي. اسرائيل اسان کي جيئڻ نه ٿو ڏئي. فلسطين جو پيغام صرف پوسٽرن ۽ تقريرن تائين محدود نه هو پر عرب دنيا جا شاعر ۽ ڳائڻا ۽ آرٽسٽ تمام پرامن طرح سان پنهنجي قوم جو پيغام پهچائيندا رهيا پر انهن جي ڳالهه ڪڏهن به ڌيان سان نه ٻڌي وئي. هو جنهن شديد ترين ڪن لاٽار جو شڪار هئا ۽ انهن جي مٿان اسرائيل جا جهڙي طرح مسلسل حملا ٿي رهيا هئا، ان جي ردعمل ۾ اچي نزار قابانيءَ جهڙي پياري شاعر اهي لفظ لکيا هئا  ته:
“مان ته محبت جو شاعر هوس
اي وطن تو مون کي مجبور ڪيو
جو هاڻي مان چاڪوءَ جي چهنب سان
پنهنجا گيت لکي رهيو آهيان”
نذار قاباني ته شام ۾ جنم ورتو ۽ هن جي محبوب زال کي بيروت ۾ شهيد ڪيو ويو. هن پنهنجي جيون ساٿي بلقيس الراوي جي موت تي جيڪي شعر لکيا آهن، انهن ۾ ديوانگي پنهنجي آخري حدن کي ڇهي ٿي. نذار قابانيءَ جي محبتن جو قاتل به اهو اسرائيل هو، جنهن جي خلاف مزاحمت ڪندي فلسطين جي عوام کي مني صدي گذري وئي آهي ۽ اسرائيل هر سال عالمي نقشي تي پنهنجي سرحد وڌائيندو رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ هو عربن جو خون وهائيندو رهيو آهي. هن وقت به وچ اوڀر ۾ اسرائيل پنهنجي دهشت قائم ڪرڻ جي لاءِ بارودي برسات وسائي رهيو آهي. هڪ طرف هڪڙا عرب ملڪ اسرائيل جي وجود کي تسليم ڪري چڪا آهن ۽ ٻيا عرب ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ويٺا آهن پر اسرائيل کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي.
هو جهڙي طرح ڪالهه عربن جي خون سان هر سال پنهنجو نئون نقشو ٺاهيندو هو، هن ڀيري به هو پنهنجي پراڻي ڪرت سان لڳل آهي ۽ هن ڀيري ته اسرائيل عيد جي ڏينهن تي به غزا جي مٿان بارود وسايو ۽ هن اها پرواهه به نه ڪئي ته پوري دنيا جا مسلمان ڇا سوچيندا؟ اسرائيل کي پنهنجي فرعونيت قائم ڪرڻ جي لاءِ عربن جي لاشن جا انبار گهرجن ۽ هو انبار لڳائي رهيو آهي ۽ لاشن جي انهن انبارن ۾ اهي ٻار به شامل آهن، جن جي لاءِ بي بي سيءَ لکيو ته انهن کي عيد جا ڪپڙا پهريل هئا.
دنيا اسرائيل کي دهشتگرد قرار ڏئي، هن سان پنهنجا تعلقات ختم ڪرڻ بدران وڌيڪ ويجها ٿي رهيا آهن ۽ فلسطين جا ٻار سوشل ميڊيا تي ماتم ڪري رهيا آهن پر دنيا انتهائي عياريءَ مان ڪم وٺندي صرف امن جو اپيلون ڪري رهي آهي. هڪ طرف اسرائيل جا ڪمانڊوز فلسطين جي معصومن جون ٻوٽيون اڏارڻ ۾ مصروف آهن ۽ ٻي طرف دنيا فلسطين ۽ اسرائيل کي امن جي اپيل ڪري رهي آهي. دنيا جي ان منافقت ته اسرائيل جهڙي ملڪ کي نه صرف وجود ۾ آندو آهي پر ان کي مچائي مواڙ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هن ڀيري به هيءَ دنيا فلسطين جي مظلومن سان گڏ ناهي پر دنيا جا حڪمران ان اسرائيل جا ساٿاري آهن، جيڪو معصوم عربن جو خون هاري پنهنجي ملڪ جو نئون نقشو ٺاهي رهيو آهي.