ورهاڱي بعد سنڌ ۽ سنڌين ڇا وڃايو !؟

0
491
ٻوڏ-۾-ٻڏُي-ويل-هڪ-ڪھاڻي-ناري-جي-هڪ-ناريء

سنڌ جي سرزمين، علم، فن ۽ ٻين علمن جو قديم دور کان سر چشمو رھي آھي. ھتي جا عالم ۽ فقيه عالمي شھرت جا مالڪ رھيا آھن، جن جي علمي عظمت جو ڌاڪو ڏوران ڏيهه مشهور هوندو هو. جنھن جي مڃتا، مشھور محققن ۽ مؤرخن به ڏني آهي. ابن صبعيه لکي ٿو ته “سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت جو وڏو ذخيرو موجود آھي”. هو وڌيڪ لکي ٿو ته، “يونان ۾ اھو سڄو ذخيرو سنڌ مان ويو.” ابو معشر لکي ٿو ته “سنڌ جي علم ۽ فن، حڪمت ، فلسفي ۽ ان کانسواءِ سڄي دنيا جي قومن کان وڌيڪ، سنڌين جي علم ڏانھن رغبت کي دنيا جي سڀني قومن مڃيو آھي.”
ھڪ اخبار الحڪماءَ لکيو ته “دنيا جي سڀني قومن ۾، سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آھي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پھريون مرڪز آھي، اسان جي ملڪ کان پَري ھئڻ ڪري، سنڌ جا ڪتاب، اسان جي عالمن تائين گھٽ پھتا آھن، پر پوءِ به اسان وٽ جيڪو ڪجھه به آھي اھو تمام گھڻو آھي. سنڌ جي سرزمين اُھا علم ۽ برڪت واري زمين آھي، جتان علم فڪر ۽ شعُور جو سج اڀريو هو”.
ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ غلاميءَ کانسواءِ، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڌارين جي قبضي کان سواءِ، پنهنجن ئي شهرن جي روڊن ۽ رستن تي ملندڙ سنڌين جي موت کان سواءِ جيڪڏهن ڪجهه حاصل ڪيو ته، اهو ئي جاگيردار حڪمران طبقو، جيڪو پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ غلاميءَ جي هر گند ۾ ڪرڻ لاءِ چوويھه ئي ڪلاڪ تيار رهندي ڏٺو آھي. ان جي مقابلي ۾ جاگيردارن جي سازش ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڏوهه، نه سنڌ وٽ ڪجهه ڇڏيو آهي، نه ئي ڪروڙين سنڌين وٽ!.ٻئي پاسي سنڌ ڇا وڃايو! جي فهرست اڻکٽ آهي: سنڌ 1950ع تائين 18 لک اهڙن سنڌين کي وڃايو، جيڪي سنڌ جي صدين جي ڏاهپ، علم ۽ هنر جو نچوڙ هئا. ان جي بدلي ۾ فقط ان ساڳئي عرصي دوران هندستان مان آيل ٽيھه لک ماڻهن سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي، جن جي اڪثريت شهري علائقن ۾ آباد ٿي، جنهن سنڌ ۾ آبادي جي توازن کي لمحن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. 1951ع جي آدم شماري مطابق، ان تمام ٿوري عرصي ۾ ڪراچي ڪارپوريشن ۾ پناهگيرن جي آبادي 57.55، حيدرآباد ۾ 66.08، سکر ۾ 54.08، ميرپور خاص ۾ 68.42، نواب شاهه ۾ 54.79 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 35.39 سيڪڙو پهتل ڏيکاري وئي آهي. سڀ کان وڌيڪ ايراضي رکندڙ پنجاب ڏانهن ته 1948ع کان پوءِ پناهگيرن جو وڃڻ بند ٿي ويو، پر سنڌ ۾ اهو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهيو ۽ جيئن جو تيئن جاري آھي. پنجاب جي حڪمرانن جي پنجاب دوست هئڻ کان سواءِ، ان جو هڪ ٻيو سبب پنجاب جا مضبوط ثقافتي قدر هئا، جن لاءِ اردو ٻولي ۽ ان جي ثقافت ڪا نئين به نه هئي (ڇو ته انگريزن جي قبضي بعد 1881ع ۾ ئي پنجاب ۾ اردو ٻولي ۾ تعليمي نظام لاڳو ٿي چڪو هو)، ان جي ڀيٽ ۾ لکين شهري ۽ ڪاروباري مزاج رکندڙ سنڌين جي لڏي وڃڻ ڪري سنڌ ۾ صلاحيت، تعليم ۽ ثقافت جو هڪ وڏو خال موجود هو، جنهن کي پيدا ڪندڙ به اسان پاڻ ئي هئاسين. ان جي نتيجي ۾ پناهگيرن مغل ثقافت جي برتر تصور سان سنڌ کي پنهنجو ڳڙهه بڻائڻ شروع ڪيو، جنهن جو اظهار سرنجن داس ڪجهه هن ريت ڪري ٿو: “اتر هندستان کان هجرت ڪري ايندڙن سنڌ جي ثقافتي ورثي جي اهميت، ان جي گيتن، جهمر، ان جي سسئي پنهون جي قصن، سهڻي ميهار، هو جمالو ۽ ڌمال جي اثر کي قبول نه ڪيو!. ان بجاءِ سنڌ ۾ ايندڙن، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ثقافت تي پنهنجي مغليه شهري معاشري جي برتري سان گڏ سياسي ۽ سماجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.” ياد رهي ته پاڻ سان پنهنجن جي ئي ڪيل مهربانين ڪري، ان وقت تائين سنڌ جي مضبوط شهري ثقافت به هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪي هئي ۽ پوئتي جيڪو ڪجهه بچيو هو، سا هئي جاگيرداراڻي ۽ قبائلي ثقافت، جيڪا ڪنهن به سطح تي، ڪنهن مضبوط ثقافت جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه ۾، هئي ئي ڪانه.
سرنجن داس سنڌ ۾ معاشي تضاد تي بحث ڪندي ڪتاب ڪشمير ۽ سنڌ صفحي 141 تي لکي ٿو: “هونئن ته اهي ماڻهو (پناهگير) ملڪ جي ڪل آباديءَ جو فقط 3.4 سيڪڙو هئا، پر انهن پاڪستان جي پنجابي نسل پرست حڪمرانن سان ملي، تمام جلد پاڻ کي مستحڪم ڪري ورتو، شايد اها ئي ڳالهه قائد محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان جي اميدن مطابق به هئي”. پاڪستان ٺهڻ وقت هندن جي ملڪيت پنجويھه لک ايڪڙ زمين به نه رڳو پناهگيرن کي الاٽ ڪئي وئي، پر ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت بعد، آبادي لائق بڻايل ڏھه لک ايڪڙ زمين کان به سنڌين کي محروم ڪيو ويو! 1958ع ۾ سکر بئراج جي 642440 ايڪڙ زمين مان به 153620 ايڪڙ زمين غير سنڌين جي ملڪيت هئي.
1980ع تائين سنڌ ۾ رهندڙن مان فقط پندرهن سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي اردو هئڻ باوجود، پاڪستان نالي جڙيل ان مملڪت ۾، سنڌي شاگردن لاءِ اردو پڙهڻ لازمي بڻايو ويو. 1959ع ۾ جوڙيل قومي تعليمي ڪميشن، 1963ع تائين ڇهين جماعت کان هرحال ۾ اردو کي پڙهائيءَ لاءِ لازمي قرار ڏيندي، وڌيڪ چيو ته، “اردوءَ کي اها حيثيت ملڻ ضروري آهي، جيڪا ان کي پوري اولهه پاڪستان ۾ حاصل آهي”.
پاڪستان ۾ سنڌين سان تعصب جو هڪ وڏو مثال وفاقي حڪومت طرفان 1947ع کان 1990ع تائين زرعي سائنس جي تعليم لاءِ پرڏيهه موڪليل ماهرن مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي پنجاب مان 380 ۽ سنڌ مان فقط ٽي هئا!
چونڊيل ايوانن جي سنڌ جي استحصال ۽ غلاميءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي روايت:
نمبر هڪ: سنڌ کي موجوده غلاميءَ تائين پهچائڻ سان گڏ، ڌرتي ڌارين حوالي ٿي وڃڻ جي ڪم جي شروعات گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي.اهڙي عمل جنهن هميشه هميشه لاءِ سنڌ جي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ڌارين دشمنن آڏو بيڪري جي هڪ ڪيڪ طور پيش ڪرڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريو.
نمبر ٻه: ٻاويھه نومبر 1954ع تي اعلان ڪيو ويو ته “پهرين جنوري 1955ع کان ملڪ تي ون يونٽ لاڳو ٿي ويندو ۽ پوءِ 11 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي، سنڌ جو وجود ختم ڪرڻ واري ون يونٽ جي فيصلي کي سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو. اهڙي سنڌ دشمنيءَ جي ڪنهن به سطح تي مزاحمت ڪرڻ بجاءِ کهڙي به، سنڌ جي جاگيردار ٽولي جي اڄ تائين ڏني ويندڙ ان دليل جو سهارو ورتو ته “جي مان ايئن نه ڪريان ها ته، ڪنهن به ٻئي ماڻهو ذريعي اهو ڪم ڪرايو وڃي ها”.
نمبر ٽي: ذوالفقار علي ڀٽو ڪيترن ئي معاملن ۾، هڪ قوم پرست اڳواڻ طور ڪردار ادا ڪرڻ باوجود، سنڌ کي سنڌين جي ڌرتي ۽ ان ڌرتي جي سرڪاري ٻولي سنڌي بڻائڻ بجاءِ 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل لساني بل ذريعي، اردوءَ کي به سنڌ مٿان مڙهي، اصل ۾ سنڌ اندر هڪ اهڙي ورهاڱي جو بنياد رکيو، جنهن بعد هميشه لاءِ اردو کي قانوني تحفظ ملي ويو ۽ سنڌ ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ صوبو بڻجي ويو. ان بل جي نالي ۾ سنڌ کي ته هڪ بدترين لساني فسادن کانسواءِ ڪجهه به نه مليو، پر سنڌي ٻوليءَ جو دشمن بڻجي اهڙا فساد ڪرائيندڙن کي ڪراچي ۾ 22 ڏينهن تائين بدترين وڳوڙ ڪرائڻ، (جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مارشل لا لڳائي وئي) ۽ ان دوران ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ 57 ماڻهو مارڻ جي بدلي ۾، ذوالفقار علي ڀٽي آگسٽ 1972ع ۾ ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيءَ جي سربراهي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي قيادت کي اسلام آباد سڏايو. ان وفد ۾ نواب مظفر حسين ۽ رئيس امروهوي به شامل هئا. ڀٽي طرفان ساڻن ڪيل ٺاهه تحت، سنڌ ۾ وڏو وزير سنڌي هئڻ تي گورنر اردو ڳالهائيندڙ، چيف سيڪريٽري سنڌي ته آءِ جي پوليس پناهگير هئڻ، وزير سنڌي ته ان کاتي جو سيڪريٽري مهاجر هئڻ ۽ پناهگيرن کي نوڪرين ۾ چاليھه سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جي ضمانت ڏني وئي.” (دهشتگردن جي دهشتگرديءَ کان دٻجي ۽ ڊڄي، پي پي قيادت طرفان سنڌ دشمن فيصلا ۽ قانون سازي ڪرڻ جي ڪُريت اڄ تائين، جيئن جو تيئن جاري به آهي).
نمبر چار: سنڌ جي ورهاڱي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيل اهڙن فيصلن بعد، سنڌ اسيمبليءَ جي ساڳي جاگيردار قيادت، هن وقت به سنڌ جي ورهاڱي کي آخري شڪل ڏيڻ طرف وڃي رهي آهي، ڊاڪٽر ارباب رحيم جو سنڌ جو وڏو وزير هوندي به اردو ڳالهائيندڙ پرويز مشرف طرفان حيدرآباد جي ٻهراڙين کي الڳ ڪري ۽ ڪراچي کي پنجن ضلعن مان ڦيرائي هڪ ڪرڻ، اصل ۾ پهرين ڏينهن کان سنڌ ۽ سنڌين کان الڳ ٿي بيٺل پناهگير سوچ کي، سنڌ جا اهي ٻه اهم ترين شهر حوالي ڪرڻ طرف عملي قدم هو. پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ هڪ الڳ نظام جو اعلان ڪري، پرويز مشرف جي جوڙيل منصوبي کي آخري شڪل ڏني آهي. سنڌين جي فوري رد ِعمل بعد، ڪراچي ۽ حيدرآباد کي باقي سنڌ کان ڌار ڪري، پناهگيرن حوالي ڪرڻ واري فيصلي تي پردو وجهڻ لاءِ، رهيل سنڌ ۾ به ساڳيو ئي نظام لاڳو ڪرڻ جو ڍونگ ڪري، اهڙي سازش لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ مشرف دور جو مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ جي نالي ۾، گورنر جي آرڊيننس کي قانون بڻائڻ لاءِ جيڪو بل ٽن مهينن اندر سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻو آهي، اصل ۾ اهو مڪاني حڪومت جي ڀلائي ۽ ڪمشنري نظام جي خرابي کان وڌيڪ، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد کي هميشه لاءِ سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش کي مستقل ۽ قانوني بڻائڻ جو حصو ئي هوندو.سنڌي جيڪڏهن پنهنجي قوم جي غدار طبقي کي هڪ نئين غداري ڪرڻ کان روڪي نه سگهيا ته پوءِ اهي مستقبل ۾ به ايئن ئي هٿ مليندا رهجي ويندا، جيئن ماضيءَ جي ڪيل اهڙين غدارين ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي تباهيءَ تي، هاڻي اسان وٽ فقط پنهنجو رت ساڙڻ کانسواءِ، ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو. موجوده وقت ۾ سنڌ سان ٿيندڙ اهڙي تسلسل جي هڪ ڀيانڪ شڪل آھي ، بحريه جيڪو جنگ جو ميدان بڻيل آھي. سوين سالن کان ويٺل سنڌي ماڻھن کي لڏايو پيو وڃي سنڌ حڪومت تماشو بڻيل آھي. هاڻي جيڪڏھن سنڌ جو شعور پاڻ کي جيئرو سمجهي ٿو ته سنڌ جي بقاءَ ,سنڌ جي تهذيب سنڌ جي سونهن آباد رکي سگهجي، زنده رکجي ته جيترو جلد انهي ڳالهه کي سمجهيو وڃيته اهو سنڌ جو مستقبل بچائڻ لاءِ بهتر، حسين ۽ عظيم ڪارنامو هوندو.