قصو مٺي عيد اوچتو ملهائڻ جو!

0
417

هيلوڪي ڀلاري رمضان شريف مون مسڪين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. هڪ مهنگائي ٻي بيروزگاري ٽيون لاڪ ڊائون چوٿون سحري افطاري جا خرچ، ڳاڙها شربت، کجور، ڇانهيون، گدرا ۽ سردا. حالت اهڙي ٿي جو ڇا ٻڌايان؟ ڪن پٽي پيو پڇ کي کارايان ۽ پڇ پٽي پيو ڪن کي کارايان. گهر ۾ اڻهوند جي ڪري طوطن ماءُ ۽ سندس ماءُ ماسي ناٿي نانگڻ جا مون تي اهڙا قهري وار هجن، جهڙو نڌڻڪو ٻار ڏاڏاڻن جي ور چڙهي ويو هجي. بهرحال مون همت ڪانه هاري، دڪاندارن، سنگت ساٿ ۽ اوڙي پاڙي وارن کان اوڌر سوڌر ڪري گهر جو گاڏو پئي هلايم نتيجي ۾ مون تي راڄن جون اوڌر جون بقايائون ايتريون ٿي ويون، جهڙو آئون پنهنجي اخبار جو 2 ۽ 9 صفحو هجان. جيئن انهن صفحن تي جڳ جهان جي خبرن جون بقايائون ڏسي پڙهندڙ هٿ کڻيو وڃن. تيئن بقايائن جي ڪري ماڻهن مونسان به ميل جول ختم ڪري ڇڏيو، ته متان بکيو پنجاهه سو جي اپيل نه ڪري. پوءِ مون عمران خان جي پاليسي تي عمل شروع ڪري ڏنو ۽ ڪشتو ڪڇ ۾ ڪري سين هڻڻ شروع ڪي پر ماڻهو اهڙا بيزار ٿي پيا جو مون کي ڏسندي ئي مون تي ڪورڪور ڪري ڪتا بڇائڻ لڳا. مون سوچيو ته جي ڪتن ڏاڙهي وڌو ته ملڪ ۾ وئڪسين اڳيئي اڻ لڀ آهي. آئون ڏاڙهي ڇتو ٿي پوندس. پوءِ هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڳوٺن مان پن پنان جي پروگرام کي مون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ فرمايو. انهي اعلان کانپوءِ منهنجون مالي حالتون پنهنجي پياري پاڪستان وانگر ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويون. پريشان ٿي ويس. پوءِ ٽي وي جي خبرن ۾ ڏٺم ته عمران خان پنهنجي مائي سان گڏ عمرو به ڪري آيو آهي ۽ سعودي بادشاهه کان پنج سئو ملين ڊالر خرچي ۽ 19 لک ڪٽا چانورن جا به وٺي آيو آهي. اهو ڏسي مون به عمري جو پروگرام ٺاهيو پر هڪ ته جهازن تي پابندي هئي ٻيو ته جهاز جي ڪرائي جا پئسا ڪونه هئا.
مون عمري لاءِ مٺي مهيري کان اٺ ورتو. طوطن کي سندس ناني جي گهر ڇڏي، طوطن ماءُ کي چادري پوش ڪري اٺ تي ويهاري اسين ٻئي رات ڏينهن هڻ هڻان ڪري وڃي سعودي عرب پهتاسين. اتي مون عمرو عمران خان جي پاليسي مطابق ادا ڪيو. مون کي خبر هئي ته عرب سڳورا عاشق مزاج آهن. جيڏانهن به ويندا آهن ته ماين سان عقد نڪاح وجهڻ وارو ملون پاڻ سان گڏ کڻي هلندا آهن. سوچيم مون مسڪين جي مائي تي ڪو عرب سڳورو عاشق ٿي پيو ته آئون ڪهڙو منهن کڻي ڳوٺ ويندس. مون وري به عمران خان واري پاليسي تي عمل ڪيو. طوطن ماءُ کي چادري مٿان چادري وجهي ڪل ٽي چادريون پارايون. مڪمل پردو ڪرڻ لاءِ اکين کي ڪارو چشمو ۽ پيرن تي ڪارا جوراب پارايا.عمري دوران احرام پاتم منهنجو ڪلهو، ڳچي ۽ سينو اگهاڙو هو پر طوطن ماءُ سڄي بڪتربند هئي. نتيجي ۾ عرب سڳورن جي عاشقي کان بچي وئي. مون ڌڻي جي در تي پنهنجا ڪيل ڏوهه يعني جيڪي چوريون بي ايمانيون ۽ عشق ڪيا هئم، تن جي معافي ورتي ۽ رئيس گلڻ خان گول باڊي ۽ سيٺ صوفن سودائي جهڙو امير ٿيڻ جي دعا گهري. پوءِ طوطن ماءُ ۽ مٺو مهيري واري اٺ کي هڪ کجي جي وڻ هيٺان ويهاري ٻاهران لوڙهو ڏيئي آئون سعودي بادشاهه سان ملڻ ويس. ابا سندس چوڪيدار ۽ ڇاڙتا مون کي اندر وڃڻ ئي نه ڏين. مون کين ليکو ڏنو ته آئون سنڌ مان آيو آهيان ۽ ٺري جي مشهور حڪيم نداماڻي کان مردانه طاقت جو ڪشتو وٺي، بادشاهه سلامت کي تحفو ڏيڻ آيو آهيان. اهو نياپو پڄڻ کانپوءِ مون لاءِ محلات جا سڀ دروازا کلي ويا، خاص پروٽوڪول ۾ آئون بادشاهه سلامت سان وڃي مليس. مون اسان واري چونڊيل ميمبر رئيس لوٽي خان لٻاڙي جي نوڪرن کان جي حضوري ۽ چمچاگيري جي فل ٽريننگ ورتي هئي. اهي سڀ فنڪاريون مون هتي پيش ڪيون ته بادشاهه سلامت اصل ٺريو پيو ٺري. سفر دوران قبضِ دور ڪرڻ لاءِ احتياط طور مون ماتلي وارو جلاب وٺي دٻلي ۾ وجهي کيسي ۾ رکيو هو. اهو مردانه طاقت جو ڪشتو چئي بادشاهه سلامت جي دست مبارڪ تي رکيم. اهو ڏسي بادشاهه سلامت ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي پنجاهه ڊالر خرچي ۽ ڪلو ڪلو جون 19 ٿيلهيون چانورن جون ڏئي الوداع ڪيائين. آئون ته خير ٻاهر نڪتس سوچيم مون وارو ڪشتو کائڻ کانپوءِ بادشاهه سلامت مون کي ڏاڍو ياد ڪندو. مون وڃي اٺ ڪاهيو طوطن ماءُ کي چاڙهي واپسي لاءِ کڻي آ ڪيم.
مون سفر لاءِ پاڻ سان گڏ گيدوڙن جي آچار جي برني به گڏ آندي هئي. واپسي ۾ چانور ٺاهيندا گيدوڙن جي آچار سان کائيندا اچي خيرن جا ڳوٺ پهتاسين. هاڻي عيد جي چنڊ جو انتظار هو. سابق سائنسي وزير اڳيئي جمععو 14 مئي تي عيد جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. کيس چنڊ ڏسڻ جو وڏو تجربو هو. ڏينهن جو وزارتي ڪم ڪندو هو. رات جو ڇت تي منجو رکي، ٽٽل دري جو شيشو اکين تي رکي هو صاحب روزانه چنڊ جي چرپر جو اڀياس ڪندو هو پر اسان جي ملڪ ۾ حسين چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جا مڙها ملان ٿلها چشما، چشمن تي چاڙهي پاڻ چنڊ نه ڏسن تيسين عيد جو اعلان ڪونه ٿئي. سوچيم ڪاش آئون وزيرستان ۾ ڄمان ها ته اسين سڄي دنيا کان ٻه ڏينهن اڳ عيد ملهايون ها. خير مس مس 29 هون روزو آيو. سج لٿي کانپوءِ سڀ چنڊ ڳولڻ ۾ لڳي ويا پر چنڊ محبوبه جي بيوٽي پارلر مان ٽيوننگ ٿيل ڀرون وانگر نروار ٿي نه بيٺو. پوءِ ته هڻ وٺ ٿي وئي انتظار مٿان انتظار، ماڻهو پريشان ۽ آئون حيران ته ٿئي ڇا پيو؟ تيسين اضافي تراويح به پڙهي ورتيسين پر چنڊ ندارد.خبر پئي ته اڃا نه چنڊ نظر آيو آهي ۽ نه ئي نه آيو آهي، آسرو پلي پاڻ ته لت ڏئي سمهي پياسين پر رات جو ساڍين يارهين وڳي اعلان ٿيو ته اجهو هاڻ چنڊ نظر آيو آهي سو سڀاڻي سڀ عيد ملهايو. پاڻ پريشان سان گڏ حيران ته ڏاڍا ٿيانين پر ملن جي نيت ڪري عيد جي خوشي ۾ سڄي ڳوٺ ۾ نچ نچان شروع ٿي وئي. موبائيل تي عيد مبارڪن جا پچڪا شروع ٿي ويا.
مون وارا دوست اهڙا هلڪا ۽ بي شرما هئا جو مون سان گڏ منهنجي فيملي کي به عيد مبارڪون پيا موڪلين، مون کي غيرت جا گند، سو جواب ڏنو مان. بيغيرتو! توهان جو منهنجي فيميل ۾ ڇا وڃي، رات جو طوطن ماءُ کي چيم وڏي اثر رسوخ، ڄاڻ سڃاڻ ۽ ٽڪ ٽڪار مائي لڳي پئي آهين. منهنجي موبائيل تي به هزارين ماڻهو توڏانهن عيد مبارڪون پيا موڪلين! طوطن ماءُ منهن بگاڙي چيو مئا! تون ته آهين شڪي مزاج ۽ ننڍڙي دماغ وارو فيملي معنيٰ زال ڪانهي سڄو تنهنجو ڪت خلق خاندان آهي. طوطن ماءُ جو جواب صحيح هو. اهو ٻڌي غيرت ۾ ڳاڙهو ٿيل مون وارو ٻوٿ وري ماڻهن جهڙو ٿي پيو. رات جو سُتاسين صبح جو سويري طوطن ماءُ ڌونڌاڙي اٿاري چيو مئا اٿي وهنجي سهنجي تيار ٿي، عيد نماز تي وڃڻو اٿئي! آئون ٽپ ڏئي اٿي ويٺس، چانهه پيتم، طوطن ماءُ نون ڪپڙن ۾ پراڻو اڳٺ وجهي، سلوار جا سر ٺاهي ڏنا. ويس باٿ روم ۾ وهنجڻ ته پاڻي ٺهي ڪونه. ڪالهه کان موٽر خراب هو ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري مستري ڪونه ٿي مليو. مجبور ٿي وهنجڻ لاءِ ڪپڙا کڻي سئوٽ صدوري جي گهر ويس. سندس باٿ روم ۾ جام شيمپو صابڻ ۽ ڪريمون پيون هيون. هڪڙي بال صفا ڪريم به پئي هئي مون سمجهيو شيمپو آهي. شو ٻڪ ڀري مٿي ۾ وڌم ته وارن ۾ ڄڻ لابارو پئجي ويو. وارن جا ٻڪ پٽجيو پيا هٿ ۾ اچن. ايترا وار جو هيٺ ڪريا ته گٽر ائين بند ٿي ويو جهڙو ماڻڪاڻي شاخ کي ڇاٻ اچي وئي هجي. پوءِ ته باٿ روم پاڻي سان ڀرجي اٿلي سئوٽ صدوري جي گهر ۾ ڪاهي پيو، سندس ڊائننگ روم جا قالين وغيره سڀ ڌوڙ ٿي ويا. رڙيون ڪري مون کي ٻاهر نڪرڻ جو چيائون. مون ٻاهر نڪري آرسي ۾ ڏٺو ته مٿي تي هڪڙو به وار نه هجي. مٿو ائين پيو چمڪي جهڙو وڏي ڪمي جمڙائو واهه جي ڪپر تي تڙڪي ۾ ويٺي هجي. مڪمل ٺوڙهه سان آئون پاڻ کي ڀارتي جاسوس ڪل ڀوشن سمجهڻ لڳس. سئوٽ صدورو مون کي جٺ ڪرڻ لاءِ آيو پر مون واري ٺوڙهه ڏسي کلي کلي کيرو ٿي پيو.
ڊرائنگ روم واري وڏي آرسي جي اڳيان ڀاڄائي جي سينگار واريون ڪريمون رکيون هيون. مون هڪڙي ڪريم کڻي منهن تي ملي ابا اها ڪا فائونڊيشن واري ڪريم هئي تنهن منهنجي ٻوٿ تي اڇاڻ ۽ ٿوري پيلاڻ ملي ڇڏي. آرسي ۾ ڏٺم ته مون وارو منهن اهڙو پئي لڳو جهڙو پيلر کي راڳو ڏنل هجي. اها ڪريم لاهڻ لاءِ مون ٽي چڪيون صابڻ جون هنيون ۽ ڪلاڪ کن کريو هنيو ته مس وڃي لٿي. مون ڪپڙا ته نوان پاتا پر پئسا نه هئڻ ڪري نئون بوٽ ۽ عطر ڪونه وٺي سگهيو هئس. مون پنهنجو پراڻو گهيتلو پاتو. سوچيم عيدگاهه ۾ بدلائي ٻئي ڪنهن جو نئون بوٽ پائي وٺندس. باقي عطر به ملي ويو. گذريل مهيني چاچو ڪوڙو خان گذاري ويو هو ته سندس ڪفن کي عطر هڻڻ جو ڪم مون پنهنجي حوالي ڪيو هو. ان دوران ٻه شيشيون مون بچائي پاسي جي کيسي ۾ لڪائي رکيون هيون. اهي نون ڪپڙن تي هاريم ته اهڙي تيز خوشبو نڪتي جهڙو تازو لاش قبر مان نڪري آيو هجي. نماز جو ٽائيم ٿي ويو. ريڊئي ۽ ٽي وي تان هر هر اهو اعلان پئي ٿيو ته عيدگاهه ۾ نمازي ايس او پيز جو خيال ڪن. هاڻي مون ڄٽ کي ڪهڙي خبر ته ايس او پيز ڪهڙي بلا آهي. مون انهي جي معنيٰ هڪ بزرگ کان پڇي تنهن سونهاري تي هٿ ڦيري ٻڌايو ته ايس او پيز معنيٰ سارو اونڌو پاڪستان؟ اهو ماستر احمد ٻاتڙ کي ٻڌايم ته کلي کلي کيرو ٿي پيو. تنهن چيو تنه ادا ايس او پيز معنيٰ عيد نماز دوران 6 فوٽ جو فاصلو رکبو ۽ ماسڪ پائبو. مون ماسڪ پاتو، مٿي جي ٺوڙهه تي رومال ٻڌو ۽ عيد گاهه پهچي ڇهه فوٽ جو فاصلو رکيو آئون ڇهه فوٽ جو فاصلو رکان ته اتي ٻه ٽي نمازي ٻيا اچو بيهن. مجبور ٿي مون عيد گاهه کان چار ايڪڙ پري هڪ ڄار جي وڻ هيٺان عيد نماز پڙهي آخري دعا وقت عيدگاهه ۾ آيس. نڪرڻ وقت پنهنجو پراڻو گهيتلو ڇڏي ٻئي ڪنهن جو عاليشان نئون بوٽ پائي ٻاهر نڪتس. ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ سڀ ڳوٺاڻا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي عيد ملڻ لڳا. مون کي جيڪو ڀاڪر پائي سو لاش واري عطر جي تيز خوشبوءَ جو شڪار ٿي ڦهڪو ڪري وڃو ڪري. ڪئين نوجوان ۽ پوڙها هوش حواس وڃائي ويٺا. منهنجو ماسات مٺي ذات پراڻو ڊاڪٽر هو اهو سمجهي ويو ته اهو سڀ منهنجي ڪپڙن تي لڳل عطر جو ڪمال آهي. تنهن منهنجي بدن تي پراڙ وکرائي مٿان ٻوريون وجهي سوتلي سان ويڙهي بڪتربند ڪرايو ته مس وڃي عطر جا هاڃا بند ٿيا. پوءِ سڀ رئيس گلڻ خان گول باڊي جي اوطاق تي گڏ ٿياسين، اتي چانهه بسڪوٽن جي دعوت هئي.
هر عيد تي رئيس گلڻ خان گول باڊي ڳوٺ سڌار تنظيم ٺاهيندو آهي. انهي لاءِ اٺ ڏهه هزارن جي ڦوڙي به ٿيندي آهي. انهي تنظيم جو سربراهه هميشه اسان جي مسجد جو پيش امام مولانا عابد صاحب انگوري ٿيندو آهي. ڦوڙي جي رقم ختم ٿيڻ کانپوءِ اها تنظيم ختم ٿي ويندي آهي ۽ ايندڙ عيد تي وري ان ۾ ساهه وجهبو آهي. مون انهي تنظيم جي ننڍي ڄمار تي تبرا پئي ڪيا، تيسين حسنو هاليپوٽو مون وارو گهيتلو کڻي آيو ۽ مون کي پاتل سندس نئين بوٽ جو مطالبو ڪيائين. اهو ٻڌي آئون اهڙو ڦڪو ٿي ويس جهڙو ٻٻر تي بي پاڙي ول چڙهي وئي هجي. کيس بوٽ ڏيندي چيم ير! معاف ڪجان پوڙهو ٿي ويو آهيان. خبر پئي ڪانه ٿي ڀل ۾ تو وارو بوٽ پائي آيس. کلي چيائين ها يار! تون جيڪو چڱو مڙس آهين سو مون کي اڳيئي خبر آهي. ٿوري دير کانپوءِ رئيس گلڻ خان گول باڊي ميرن پيرن، ميمبرن ۽ ٻين وڏن ماڻهن سان عيد ملڻ ۽ چمچاگيري ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو. اسين به پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿياسين. گهر پهتس ته بدن تي پراڙ مٿان ٻڌل ٻوريون ڏسي طوطن ماءُ جو حيراني ۾ وات ڦاٽي صفا ڀڳل ڪني جهڙو ٿي ويو. کيس چيم هي سڀ لاش واري عطر جو ڪمال آ ٻي ڳالهه نه آ. اهو ٻڌي هن منهنجي بدن تان ٻوريون ۽ پراڙ لاٿي ته گهر ۾ عطر جي تيز خوشبوءِ ائين پکڙجي وئي جو اصل ساهه ٿي نڪتو. پوءِ طوطن ماءُ مون کي پراڻا ڪپڙا ڏنا اهي مون پاتا ته مس مس وڃي گهرجي ماحول مان آلودگي ختم ٿي. پوءِ اوڙي، پاڙي مان عيد جا طعام اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. جتان طعام آيا پئي اوڏانهن طعام موڪلڻا به هئا. مون ۽ طوطن ماءُ گول ميز ڪانفرنس ڪري هڪڙي پاليسي ترتيب ڏني جنهن مطابق اسين حاجي عبدالستار جي افطار پارٽي مان چورائي آندل مال فرج مان ڪڍي کائينداسين ۽ پاڙي مان ايندڙ سيويون، پيهون، سيرا، حلوا، خشڪا ڀت ۽ بريانيون ٿانءُ بدلائي وري ٻين گهرن ۾ موڪلينداسين. انهي پاليسي تي عمل ڪرڻ سان اسان گهر ۾ چلهه به ڪانه ٻري ۽ خرچ کان به بچي وياسين. ڀلي عيد گذري وئي. شام جو آئون ڳوٺ کان لاهيندي طرف جهوپڙين جي بستي ۾ وڃي پهتس. اتي ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ اڌ اگهاڙا ۽ پيرن اگهاڙا ٻار ڏٺم جيڪي ماني ڳڀي لاءِ پريشان هئا. کين خبر ئي ڪانه هئي ته اڄ ڪا عيد آهي. سندن حالت زار ڏسي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. آئون گهران ديڳڙو برياني جو ٺهرائي آيس. کين پليٽ پليٽ ڀت جي ڏنم ته خوشي ۾ ٽڙي پيا پوءِ کين ڏهه ڏهه رپيا خرچي ڏنم ته ماڳهين باغ بهار ٿي پيا. مون محسوس ڪيو ته اصل عيد اها آهي ته ماڻهو پاڙي جي غريبن کي به خوشيون ڏئي سگهي.
واپسي ۾ هڪ وڻ هيٺان ويهي سوچڻ لڳس ته اسين عيد جي خوشين ۾ کڳيون پيا هڻون پر فلسطين جي غزه شهر تي ظالم اسرائيل بمباري پيو ڪري سوين فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. هزارين زخمي ٿيا آهن. ڪشمير ۾ سالن کان ڪرفيو لڳل آهي، اتي به سوين مسلمان شهيد ٿيا؟ هن هزارين جيلن ۾ آهن. اسان وٽ قديم ڳوٺن کي ڊاهي ان تي ظالم بلڊر قبضو پيا ڪن. سوين ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن. نياڻين جي لڄالٽ ۽ قتل عام آهي. ڌاڙا خودڪشيون، ڦرلٽ عام آهن. درياهه تي ڌاڙو لڳل آهي. سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي ۽ اسين عيد جي خوشين ۾ ماپون ڪونه ٿا کڳيون پيا هڻون. مون کي شاهه سائين جو هي بيت ياد اچي ويو.
جا براد بتن جي سا اڃ بک آديشين،
روزا رند رکي، عيد نه اوڏا ڪاپڙي (شاهه)