ٿر جا ڏوٿي ڏکايل آهن!

0
474

حصو آخري
ٻارڙن جي موت جا ڪافي سبب آهن، رڳو غذائي قلت سبب نه آهي. هتي هزارين ماڻهن جي ٽي بي ۾ مبتلا هئڻ، غذائي ڪمي (خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن ۾) هئڻ جو منطق فطري نه آهي. ٿر ۽ ٻين ريگستاني علائقن ۾ ڏڪار جي صورت ۾ مسند نشينن حل اهو ڪڍيو آهي ته انهي عوام کي خيرات ڏئي خوش ڪبو. خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جهڙن بنيادي ضرورتن جو مستقل ۽ جٽادار حل ڪڍڻ بجاءِ ڪڏهن ڪڏهن خيرات تقسيم ٿئي ٿي. ٿر ۾ انساني خوشحالي جو تصور ڇهه مهينن ۾ هڪ مڻ ڪڻڪ آهي. هي سڀ ڪجهه عارضي بنيادن تي ڏيکاءُ جو هڪ عمل آهي. امدادي ڪڻڪ توڙي سرڪار پاران ملندڙ رليف سڀ پٽيل ۽ ان جي پنچائتي نظام جي حامين جي حصي ۾ ايندو آھي. ڏڪار ۽ ٻارڙن جي مرڻ واري اشوز جي اُڀار کانپوءِ ملندڙ رليف فنڊ مان ڪجھه مُکي ماڻهو لک پتي مان ڪروڙ پتي بڻيا آهن. ٿر ۾ اقتدارپسند سياست جو مقصد اقتدار ۽ ذاتي ملڪيت جي اضافي لاءِ ڪرپشن ئي آهي. هڪ مڻ ڪڻڪ، انڪم سپورٽ، جهڙا پروگرام ڪا به سماجي يا معاشي تبديلي نٿا آڻي سگهن. هي پروگرام ماڻهن کي نااهل ڪرڻ، عزت ۽ خودداري ختم ڪرڻ، پنڻ سيکارڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهن. بدانتظامي سان ڀرپور هي پروگرام غربت ختم نٿا ڪري سگهن. هڪ مڻ ڪڻڪ سان ٿر کي خوشحال ڪرڻ واري تصور پويان ذهني ۽ انتظامي ڏڪار جي عڪاسي آهي، ڏڪاريل ڏيهه ۾ آيل آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙي ڀلوڙ “پلاننگ يا اسٽريٽجي” شايد دنيا جي ڪنهن رياست ۾ ڪٿي “دريافت” ٿي سگهي.
هن سماج ۾ استحصال پسند طبقن جي پيداواري عمل تي هڪ هٽي قائم آهي، وسيلن تي ڪجهه ماڻهن، مافيائن ۽ گروهن جو قبضو آهي. معاشي لُٽ مار بحرانن ۽ ڏڪارن کي ڄڻيندي آهي. جڏهن دولت چند هٿن ۾ اچي ٿي ته وڏي انساني آبادي بنيادي ضرورتن کان به محروم ٿي وڃي ٿي. طبقاتي سماج ۾ هڪ پاسي سرمايو اڻ کٽ هوندو آهي، ٻئي پاسي موت سستو هوندو آهي. ٿر ۾ زندگي ڏکاري گذري ٿي. هتي آبادي جي اڪثريت اهڙي آهي جيڪا مشڪل سان ٻه ويلا ماني جو بندوبست ڪرڻ جي معاشي سگهه رکي ٿي. ٿري پٽيلن وٽ ٿر جي زمين جو گهڻو حصو آهي، اُهي هارپي تي ڪم هلائيندا آهن. ٿر جو هاري، انهن ٿري پٽيلن جو قرضي رهيو آهي. ٿر جو غريب ماڻهو ڏڪار جي صورت ۾ پيٽ پالنا لاءِ سيٺين وٽ قرض کڻندو آهي ۽ برسات کانپوءِ ٿيندڙ فصل جي اُپت جي صورت ۾ قرض واپس ادا ڪندو آهي ۽ وري ساڳئي طريقي سان ڪار وهنوار هلندو آهي. برسات کانپوءِ فصل لهندو آهي ته قصو برابر ٿي ويندو آهي، يعني فصل مان ٿيندڙ آمدني سيٺين ۽ پٽيلن جي کيسي ۾ هلي ويندي آهي. مزدور سرمائيدار جي ذاتي ملڪيت جي اضافي لاءِ پنهنجي سگھه وڪڻندو آهي.
ڪهڙي نه اُتت آهي!
منهنجي ڄڀ
ٿوهر جي شاخ وانگر سُڪي ويئي آهي!
هن بُٺ تي بوند به نه ٿي وسي!
روڏو ڇن ۾ لڪي ويٺو آهي،
تاڙو مري کپي ويو آهي،
۽ ڪويل؟
ڪويل نه ڄاڻان ڪهڙي ديس وڃي نڪتي آهي!
فقط هي ڳجهون،
ڍونڍ کي کائي رهيون آهن،
انهن جي بک لهي ئي نٿي.!
ٿر جي پٽيل ۽ سيٺين وٽ تمام گهڻي زمين ۽ شهرن ۾ ڪاروبار جهڙوڪ دڪان، پيٽرول پمپ، هوٽل، وغيره آهن. سياسي سرپرستي ۾ پلاٽن تي قبضاگيري ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جو عمل به جاري آهي. انهن لاءِ ڏڪار سُلڦي جي ڦوڪ مثل هوندو آهي. ٻيا اڪثر ماڻهو معاشي طور غريب آهن، جيڪي بُک ۽ بيمارين ۾ گهڻو ڀوڳين ٿا، انهن لاءِ ڏڪار نڙي ۾ ڦاٿل ڪنڊي جيئن هوندو آهي. مطلب ته ٿرپارڪر جو سماج بدترين طبقاتي شڪل ۾ ارتقا پذير آهي. هتي اهڙا ماڻهو به آهن، جن جي زندگي ۾ ڏهه ڏڪار اچي وڃن ته به فرق نٿو پوي. اهي چند ماڻهو ٿرپارڪر تي قابض آهن، انهن ماڻهن جي تاريخ ۽ پسمنظر ڦورو لٽيرن جيان هيڻن جي رت ۽ ست تي رکيل آهي. اهي ماڻهو ذاتي ملڪيت جا اڪائونٽ ڀرڻ لاءِ کارا ۽ کوٽا ڪم روحاني ۽ مادي طريقي سان سر انجام ڏيندا رهيا آهن. باقي اڪثريت ۾ آبادي انتهائي مفلس آهي ۽ جهالت جي سياست رائج ڪري سندن ذهن بنجر بڻايا ويا آهن. ٿر ڪول کانپوءَ خاص ڪري ڌارين آبادي لاءِ به راهون هموار ٿيون آهن، مقامي ماڻهو جي پيرن هيٺان زمين پئي کسڪي، جڏهن ته ڌاريو ڌاڪا پيو ڄمائي.
ٿر ۾ ڪافي وانڍ ۽ وسنديون ترقي جي ڌارا کان بلڪل ڪٽيل آهن، بنيادي طور تي اُهي ڳوٺ (جيڪي اڪثريت ۾ آهن) سياسي لاوارثي جو شڪار آهن. انهن ڳوٺن جي ماڻهن جو ڪم صرف ووٽ ڪرڻ هجي ٿو. ڀوتارن طرفان ووٽ وٺڻ کان پوءِ پورهيت پرت کي پنج سالن کانپوءِ اليڪشن جي مند ۾ ياد وڃي ٿو. سهوليتن کان محروم اهي ڳوٺ انهن گڙنگ پٽيلن جا نه آهن، جن جي سياسي ۽ روحاني چالبازي جي ذريعي سندن هر فرمائش پوري ٿئي ٿي، پر اهي وانڍ ۽ وسنديون انهن جون آهن، جيڪي بُک به سهن ٿا ته ڏُک به ڀوڳين ٿا. انهن ڳوٺن ۾ اسڪول، اسپتال، آر او پلانٽ، روڊ ۽ بجلي جي ڪابه سهولت نه آهي. تعليمي ادارا صحت ۽ پاڻي جون سهولتون با اثر پٽيلن ۽ چڱن مڙسن جي ڳوٺن ۾ آهن، جيڪي هر اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي ڏانهن پلٽو کائيندي پنهنجي وفاداري تبديل ڪندا رهن ٿا.
ٿري سياسي پٽيل ايتري حد تائين اثر انداز ٿئي ٿو، جو ان جي اجازت ۽ آشيرواد کانسواءِ اين جي اوز به ان علائقي ۾ مشڪل سان پروجيڪٽ عمل ۾ آڻينديون آهن. ڪن حالتن ۾ ايئن به ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪا اين جي او ڪنهن غريباڻي ڳوٺ ۾ ڪو ڪم ڪري ٿي ته به سياسي پٽيل انهن اين جي او ورڪرز کي طلب ڪري پڇاڻو ڪندا آهن ته ان ڳوٺ ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ هن ڳوٺ مان گذري ڪٿي ٿا ڪم ڪريو؟ پٽيل جي ڍاڻي کي ڇڏي ڪيئن ڪم ڪري سگهندين؟
استحصال پسند ڪرپٽ حڪمران ڪلاس جو موقف آهي ته ٿر جي مسئلن جا سبب قدرتي آهن. سوال آهي ته اها قدرتي آفت سيٺين، سرمائيدارن ۽ چڱن مڙسن مٿان ڇو نٿي نازل ٿئي؟ اها آفت انتظامي نااهلي جي آهي. جيڪڏهن فطرت جو اهو قانون لاڳو ٿئي ها ته پٽيلن ۽ سيٺين تي به لازمي اثر ڏيکاري ها، اصل ۾ سبب غيرفطري آهن. وقت به وقت ايندڙ ۽ ويندڙ تاجدارن ۽ تخت نشينن ٿر ۾ ڏڪار وارين حالتن کي رڳو قدرتي آفت چئي مسئلي کي اينگهايو آهي. حڪمرانن ۽ انهن جي حوارين لاءِ ڏڪار منافعي بخش آهي. حڪومت ڏڪار جي انهي حالت کي قدرتي آفت سڏيو آهي، جڏهن ته بدانتظامي ۽ نااهلي اصل سبب آهن. ان بدترين طبقاتي بيهڪ ۾ سوال اُٿن ٿا: ڇا ڪرپشن، بدانتظامي، نا اهلي، ذميوارين کان ڪوتاهي جهڙا عمل به فطري آهن؟ ساڄي ڌر جي سياست سبب ڪهڙو طبقو متاثر ٿئي ٿو ۽ فائدا ڪهڙو طبقو حاصل ڪري ٿو؟
ٿري چڱي مڙس ۽ پٽيل جو خاندان ڪهڙي ڏڪار ۾ غذائي ڪمي جو شڪار ٿيو آهي؟ هن تي ڪهڙي سياسي دور ۾ خاص عنايت نه رهي آهي؟ گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ مايا سان بينڪ اڪائونٽ ڪنهن ڀريا آهن؟ روڊ، آر او پلانٽ، اسڪول، اسپتال، ۽ نوڪريون ڪهڙن من پسند ماڻهن کي مليون آهن؟ بُک جي ڪري ٻچا ڪنهن جا ٿا مرن؟ ترقي ٿئي پئي، پر ڪهڙو ماڻهو يا طبقو ترقي ڪري رهيو آهي؟
ٿر سياسي، سماجي ۽ معاشي اعتبار کان پوئتي پيل آهي ۽ ترقي جو تناسب ناهموار آهي. ٿر ۾ ٻارڙن جي موت، پاڻي جي کوٽ سميت مختلف مسئلن جا سبب سياسي، سماجي ۽ معاشي آهن. ٿري سماج ۾ ڪجهه ماڻهو آهن، جن وٽ بي تحاشا ذاتي ملڪيت آهي، اڪثر اهڙا ماڻهو آهن، جن وٽ کائڻ لاءِ اٽو به مشڪل هجي ٿو. تنهنڪري هوند ۽ اڻهوند جي طبقاتي اسٽرڪچر جي ڪري بک، بدحالي ۽ غربت آهي. ڇا رياستي ترقي جي بيانيي ۾ ٿر شامل آهي؟
طبقاتي طور ورهايل ٿرپارڪر جي سماج ۾ اوچ نيچ جو تصور موجود آهي، پورهيت طبقو ويڳاڻو ۽ ڌڪاريل آهي. ان پرت جي ڪا به سياسي ۽ سماجي حيثيت تسليم نه ٿي ڪئي وڃي. ڦرلٽ تي آڌاريل هن نظام جو راڄ ۽ رواج بُک ۽ بدحالي جو ذميدار آهي.
يا گيت ڪڏهن جولان ڏيئي،
ماڻيندا ماڳ اسان کان پو؟
۽ وسڪارا ٿيندا ٿر تي
۽ ڦرندو ڀاڳ اسان کان پو؟ ( اياز)