سورن ڀري سنڌ ۾ قبيلائي ڪربلا

0
368
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ اهي ڏينهن ختم ٿي ويا جڏهن هر طرف سک شانتي هئي، هر طرف امن قائم هو، هر طرف سڪون هوندو هو، ماڻهو جڏهن چاهي، جنهن وقت چاهي، آڌي هجي يا مانجهي، ڏينهن هجي يا رات، پرهه ڦٽي هجي يا نماشام گهرن مان نڪرندا هئا. انهن کي يا سندن گهر ڀاتين کي اهو کٽڪو ڪونه هوندو هو ته ٻاهر وڃڻ کانپوءِ خير خيريت سان واپسي ٿيندي يا نه. هر شخص گهر ڀاتين کي اهو چئي نڪرندو هو ته کن پل ۾ واپس ٿو اچان. اها کن پل ۾ واپسي جي ڳالهه اهو اعتماد هو ته حالتون ٺيڪ آهن ۽ واپسي ۾ ڪا به دير نه ٿيندي. هر صورت ۾ صحيح سلامت واپس اينداسين. ڪا قضا نه ٿي پوي، ڪو حادثو نه ٿي پوي، رستي ۾ ڪو خونخوار جانور يا نانگ بلا نه ملي باقي سک سان واپسي يقيني هوندي هئي. پر هاڻ اهي حالتون نه آهن. هاڻ ڳوٺ هجن يا شهر گهران نڪرڻ کانپوءِ واپسي جي پڪ ناهي هوندي. جن جا ٻاهر ويل پيارا صحيح سلامت گهر موٽندا آهن اهي شڪر ڪندا آهن ۽ جن جا پيارا ٻاهر هوندا آهن اهي هر وقت دعاڳو هوندا آهن ته شال واپسي خيرعافيت سان ٿئي ۽ ڪا خوفناڪ خبر نه ملي. انهن جي موٽ تائين ساهه مٺ ۾ هوندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻ سنڌ ۾ سک ناهي، امن ناهي ۽ سلامتي باقي ناهي بچي. حد ته اها آهي ته ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهن. ڳوٺن کانسواءِ هاڻ ته وڏن شهرن ۾ به برادري ۽ قبيلائي تڪرار آهن جيڪي اسان جي ماڻهن کي گهرن ۾ به محفوظ رهڻ نه ٿا ڏين. انهن جهيڙن ۾ ته حملا ڪري انهن ٻارن کي به قتل ڪيو ويندو آهي جن جي عمر اڃا کير پيئڻ جي هوندي آهي. تنجڻن ۾ به ٻار قتل ٿين ٿا. بزرگن کي به ان قبيلائي ويڙهه جي نفرتن جو نشانو بڻايو ويندو آهي. عورتن کي به بخش ناهي ڪيو ويندو، جنهن ڪري نياڻيون ست قرآن هجڻ واري چوڻي به بي معنيٰ بڻجي وئي آهي. قبيلائي جهيڙا سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن ۽ انهن کي روڪڻ وارو ڪير به نه آهي. ان وحشت جو تازو شڪار ڪنڌڪوٽ بڻيو آهي جنهن ۾ دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ جي رهواسين تي حملو ڪري هڪ ئي خاندان جي 10 ڄاڻن کي موت جي حوالي ڪيو ويو آهي. چاچڙ برادري جي ماڻهن جو چوپايو مال گم ٿي ويو هو، چاچڙ برادري جي 10 ماڻهن تي ٻڌل ٽولو مال جو پيرو کڻي وڃي رهيو هو ته ڳوٺ پيراڻو چاچڙ وٽ مورچن ۾ اڳواٽ لڪي ويٺل هٿياربندن مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. مقتولن جي هٿيارن جي ڇانو ۾ ڪالهه تدفين به ڪئي وئي. ان واقعي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي. ميڊيا سوشل ميڊيا هر هنڌ ان جي مذمت ڪئي پئي وڃي. اهڙا قبيلائي جهيڙا ان ڪري به وڌيڪ ڏک ڏيندڙ هوندا آهن جو انهن جي شروعات معمولي ڳالهين تان ٿيندي آهي پر ان ۾ ڪيتريون ئي قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿي وينديون آهن. اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت انهن جهيڙن کي روڪي ۽ قانون جي عملداري قائم ڪرائي ته جيئن نه رڳو انهن علائقن ۾ پر انهن جهيڙن جي ڪري متاثر ٿيندڙ سمورن علائقن ۾ امن قائم ٿئي، خوشحالي اچي ۽ علم جي روشني پکڙي. اهڙن جهيڙن جي خاتمي جو طريقو قانون جي عملداري ۽ تعليم عام ڪرڻ آهي، ان ڪري حڪومتي رٽ قائم ڪري امن آندو وڃي ۽ پوءِ ترقي ڏياري علم کي وڌايو وڃي ته جيئن وري ڪنهن به خاندان کي لاش کڻڻا نه پون.