غزا (م ڊ) اسرائيل جو فسلطين تي حملا جاري رکڻ جو اعلان، بمباري ۾ وڌيڪ 42 ڄڻا شهيد، 3 عمارتون تباهه، لاڳيتو هڪ هفتي کان هلندڙ بمباري دوران شهيد ٿيل جو تعداد 188 ٿي ويو، غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ 10 هزار کان وڌيڪ فسلطيني بي گهر ٿي ويا، پاڙا ويران ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻار بي يارو مدگار مدد جا منتظر آهن، بي گهر فلسطيني کُلي آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، اڪثر علائقن جي بجلي بند ڪئي وئي، پاڻي جي فراهمي به متاثر ٿي وئي، جنهن کي عوام پاڻي لاءِ پريشان رهيو. ٻئي طرف 10 ورهين جي فلسطيني ٻارڙي جي فرياد پٿر دل انسانن کي به روئاري ڇڏيو، اسرائيلي ظلمن خلاف دانهيندي سندس وڊيو وائرل ٿي وئي. خابرو اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو عالمي ڪوششن باوجود عزا تي حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته حملا پوري قوت سان جاري رهندا، جيستائين ضرورت محسوس ٿيندي حملا جاري رکنداسين، اسرائيل چاهي ٿو ته عزا جي حڪمران جماعت حماس ڳري قيمت ادا ڪري، عزا جي اختيارين موجب آچر ڏينهن اسرائيل جي بمباري ۽ حملن ۾ شهيدن ٿيل شهرن ۾ 16 عورتون ۽ 10 ٻار به شامل آهن، شهيد ٿيلن ۾ ڊاڪٽر ايمن ابو الاوف به شامل آهي، جيڪي عزا اسپتال جي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنل ميڊيسين جو سربراهه هو. جڏهن ته حماس پاران ڏکڻ اسرائيل طرف ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا ويا. ميڊيا رپورٽس موجب اسرائيلي فوج پناهگيرن جي هڪ ڪيمپ کي به نشانو بڻايو، جنهن ۾ 8 ٻار ۽ 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا، ٻئي طرف حماس جي راڪيٽ حملن جي نتيجي ۾ اسرائيل ۾ 2 ٻارن سوڌو 10 ڄڻا مارجڻ جا اطلاع آهن، الجلا عمارت جي تباهي تي ردعمل ۾ حماس سڄي رات اسرائيل ۾ 120 راڪيٽ اڇلايا، جن مان اڪثر کي اسرائيلي دفاعي نطام رستي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته درجنين عزا ۾ ئي وڃي ڪريا. جڏهن ته اسرائيل جي دعويٰ آهي ته اسان عزا جو نظام هلائيندڙ تنظيم حماس جي اڳواڻن ۽ انفراسٽريڪچر کي نشانو بڻائي رهيا آهيون، جڏهن ته حماس جي انتظام هيٺ صحت وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي حملن م هن وقت تائين 55 ٻار ۽ 33 عورتون به شهيد ٿيون آهن، 1230 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته آچر ڏينهن غزا جي پٽي تي فلسطين جي عسڪريت پسند گروهه حماس جي هڪ سياسي اڳواڻ يحيٰ السنور جي گهر تي بمباري ڪئي، سندس ڀاءُ جو گهر دهشتگردن جي ٺڪاڻي طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو عزه تي حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيستائين ضرورت آهي، عزه جي پٽي ۾ حملا جاري رکنداسين، هن دعويٰ ڪئي ته جنهن عمارت ۾ ميڊيا هائوسز هئا، ان کي حماس سميت مختلف فلسطيني گروهه استعمال ڪري رهيا هئا، هن اها به دعويٰ ڪئي ته اسرائيل عزا تي حملن ۾ ٻارن ۽ شهرين کي بچائڻ لاءِ خاص خيال رکي رهيو آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين جي معاملي تي آمريڪا جو ٻيو معيار، چين سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. غزا تي اسرائيلي حملن بابت سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت چيني پرڏيهي وزير ڪئي، جڏهن ته ميمبر کانسواءِ اسرائيلي ۽ فسلطيني نمائنده به شريڪ رهيا، ان دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل افتتاحي خطاب ۾ چيو ته رتوڇاڻ ۽ تشدد کي فوري طور تي روڪيو وڃي، جنگ علائقي کي بي قابو سيڪيورٽي ۽ انساني بحران جي ور چاڙهي سگهي ٿي، تنهن ڪري اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جنگ بندي ٿيڻ گهرجي. ان دوران چين آمريڪا کي ٻٽي معيار تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته آمريڪا سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين بابت هڪ آواز جي راهه ۾ رڪاوٽ وڌي آهي، واشنگٽن کان مطالبو ٿا ڪريون ته پنهنجي ذميواري ادا ڪري، چين جو چوڻ هو ته افسوس آهي ته آمريڪا فلسطين بابت سلامتي ڪائونسل جو پڌرنامو روڪرائي ڇڏيو، چيني پرڏيهي وزير چيو ته سلامتي ڪائونسل کان فوري جنگ بندي ۽ سخت قدمن جو مطالبو ڪريون ٿا، چين ٻه رياستي حل جو حمايت جو ارادو رکي ٿو، فلسطين ۽ اسرائيل جي ڳالهين جي ميز تي اچڻ کي ڀيلڪار ڪنداسين.