طالبان ڏاڙهي ڪوڙڻ ۽ عورتن جي سمارٽ فون استعمال ڪرڻ تي پابندي جي ترديد

0
473
طالبان ڏاڙهي ڪوڙڻ ۽ عورتن

ڪراچي(م ڊ) طالبان افغانستان ۾ ڏاڙهي ڪوڙڻ ۽ عورتن جي سمارٽ فون استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.

افغان ميڊيا موجب افغان جي ثقافت ۽ سڌ سماءُ واري عهديدار انعام الله سمنگاني اهڙين خبرن تي شديد رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته ڏاڙهي جي ڊگهائي ۽ مختلف صوبن ۾ عورتن جي اسمارٽ فونز تي استعمال تي پابندي جي سرڪاري پاليسي ۾ شامل ناهي.

هن چيو ته سرڪاري سطح تي ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو، هي سڀ سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي، جيڪو بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي.

ٻئي پاسي افغانستان قومي يڪجهتي پارٽي جي سربراهه سيد اسحاق گيلاني به اهڙين سمورين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته پابنديون لڳائڻ سان طالبان کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، اهڙيون حرڪتون امارت اسلامي افغانستان کي نقصان پهچائي رهيون آهن.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هي خبرون آيون هيون ته طالبان حڪومت طرفان ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ عورتن جي سمارٽ فونز استعمال تي پابندي مڙهي وئي، جنهن جي هاڻي ترديد ڪئي وئي آهي.

ھي به پڙھندا

 

يمن ۾ عورتن جي سمارٽ فون ۽ ميڪ اپ جي استعمال تي پابندي لاڳو