ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪيءَ ۾ ماڙي پيٽروليم ڪمپنيءَ ۾ مقامي ماڻهن سان ناانصافين خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي سوين ڪارڪنن چئن ڪلوميٽرن تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪري ماڙي پيٽروليم جي گيٽ آڏو نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو. جي يو آءِ ماڙي پيٽروليم خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، 7 آڪٽومبر تي ٻيهر ڌرڻي جو اعلان. خبر موجب جي يو آءِ تعلقي ڏهرڪيءَ پاران مقامي ماڻهن سان ماڙي پيٽروليم ڪمپنيءَ جي ڄاڻايل ناانصافين خلاف گذريل ڏينهن سوين ڪارڪن ۽ علائقي واسي جي يو آءِ اڳواڻن مولانا محمد اسحاق لغاري، محمود اسد مهر، غلام نبي مهر، مولانا محمد قاسم کهاوڙ، مولانا عبدالله لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ الهرکيو چوڪ کان 4 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ماڙي پيٽروليم جي مک گيٽ آڏو نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ماڙي پيٽرليم جا 150 کان وڌيڪ تيل ۽ گيس جا کوهه آھن. ڪمپنيءَ کي سالياني اربين روپيا آمدني ٿئي ٿي، ان جي باوجود مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند آھن. علائقي جي ترقيءَ تي ٽڪو به خرچ نٿو ڪيو وڃي. مولانا ناصر محمود سومري جو چوڻ هو ته سنڌ جي وسيلن تي وفاق قابض بڻيل آھي، سنڌ وفاق کي ڪمائي ڏئي ٿي، ان جي باوجود بک ۽ بيروزگاري هتان جي ماڻهن جو مقدر بڻيل آھي، ان جا ذميوار سنڌ جا حڪمران آھن جيڪي پنهنجن قدرتي وسيلن جي مالڪي نٿا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته وفاق جون اکيون سدائين سنڌ جي وسيلن تي کتل رهن ٿيون پر سنڌ جا حڪمران ڪنن ۾ ڪپهه وجهي اکين تي پٽيون ٻڌي ويٺل آھن. ڌرڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، ايس يو پي ڪارڪنن ۽ علائقي واسين پڻ شرڪت ڪئي. نٽهڻ اس ۾ هنيل ڌرڻو 8 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ان موقعي ماڙي پيٽروليم انتظاميا پاران پوليس ۽ رينجرز اٽالا طلب ڪري سمورا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪرايا ويا هئا. آخر مولانا ناصر محمود سومري ماڙي گيس جي ڄاڻايل ناانصافين خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏيندي اهو به 7 آڪٽوبر تي ٻيهر ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو.