ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي ضلعي سجاول پاران ڊي سي سجاول جي مبينا ڪرپشن خلاف شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، ھڙتال سبب شاھي بازار، جي ايم سيد چوڪ، مين بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، ڊاڪٽر گلي، ريشم گلي، کورواھ چوڪ ۽ مين بس اسٽينڊ سميت سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رھيا، آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن نواز خان زئور، يونس ڀان، نثار ميمڻ، مظفر لغاري، عبدالغني ملاح، طفيل احمد کٽي، قادر بخش زئور، يوسف ڪنڀار، لطيف زئور ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي تلاءَ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته ڊي سي سجاول ضلعي ۾ ٽڪي جو ترقياتي ڪم به نه ڪرايو آھي، پيٽروليم جي 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم به هڙپ ڪري ڇڏي آهي، زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺاهي حيقيقي مالڪن کي دربدر ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ڊي سي ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، نوٽيس وٺي ڊي سي کي هٽائي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي. ٻي طرف ڊي سي سجاول محمد اسماعيل ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مون ڪا به ڪرپشن ناھي ڪئي، نه ئي وري آفيس جي ڪاروھنوار ۾ سياسي مداخلت ٿيئي ٿي، هن چيو ته ضلعي اندر زميني کاتن ۾ ڪا به ھيراڦيري ناھي ڪئي، منهنجي خلاف ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن.