يمن ۾ عورتن جي سمارٽ فون ۽ ميڪ اپ جي استعمال تي پابندي لاڳو

0
230

ڪراچي: حوثي باغين يمن جي ھڪ صوبي ۾ عورتن جي سمارٽ فون ۽ ميڪ اپ پائوڊر جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي، عرب ميڊيا العربيا اردو جي ھڪ رپورٽ موجب يمن ۾ دارالحڪومت صنعا جي ضلعي حشيش جي ڳوٺ غضران ۾ شيوخ سان صحيح ورتل عھد نامي جي تصوير ٽوئٽر تي ھلي رھي آھي، عھد نامي موجب عورتن جي اين جي اوز  سان گڏ ڪم ڪرڻ، ٽچ سمارٽ موبائيل ۽ ميڪ اپ جي استعمال تي پابندي لاڳو ھوندي ۽ جيڪو بھ پنھنجي زال کي مذڪورا موبائيل فون ڏيندو ان تي 2لک يمني ريال ۽ ھڪ عدد ڳئون جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.