سکر مان 4 ڏينهن کان گُم ڄاڻايل ڳڙهي ياسين واسي پورهيت جي اغوا جي تصديق

0
202
سکر مان 4 ڏينهن کان گُم

ڳڙھي ياسين(ن پ ا) ڳڙھي ياسين واسي نوجوان مبينا اغوا ٿي ويو، جنهن جي بازيابي لاءِ 30 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ ننگر شر جو رھواسي نوجوان اسرار شر 4 ڏينھن اڳ سکر ويندي مبينا طور اغوا ٿي ويو، جنهن جي وارثن کان 30 لک ڀُنگُ طلب ڪيو ويو آهي.

نوجوان جي چاچي نادر شر چيو ته اسان جو نوجوان سکر ۾ ھوٽل تي مزدوري ڪندو ھو، 4 ڏينھن اڳ پراسرار طور گم ٿي ويو.

گذريل ٽن ڏينھن کان ڌاڙيل اسرار جي نمبر تان ڪال ڪري 30 لک ڀُنگُ گھرن ٿا، مسڪين آھيون ڀُنگ ڀرڻ جي طاقت نه آھي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر نوجوان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڪن.