ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور شهر جي غريب آباد ڪالوني جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل آهي، جنهن سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، ان حوالي سان اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالرزاق راهمون ٻڌايو ته اسڪول ۾ 350 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائين ٿا،اڄ به استاد شاگردن کي پڙهائي رهيو هو ته اوچتو ڇت جا چاپڙ ڪري پيا پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪولي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي.