ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ڪراچي جي ريجنل ڊائريڪٽر خلاف نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ملازمن پاران شاھ رضا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ويو ته ريجنل ڊائريڪٽر عبدالباري انڍڙ نان ٽيچنگ اسٽاف سان ناجائزيون ڪري رهيو آهي. نان ٽيچنگ اسٽاف جا مطالبا ۽ پيش ايندڙ ڏکيائون ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ريجنل ڊائريڪٽر کي عهدي تان هٽايو وڃي. ٻي صورت ۾ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ملازمن پاران احتجاج جاري رکيو ويندو.